قصو حضرت خضر عليه اسلام جو

15
1 سنڌيوسيئيشنئر ايسلفيٽس وي آرٽس( وا سا) ڪش پيش جي تحريريق ۽ تحق عبدالر زاقيمڻ مٽ پهريونپار( مت والسيه الصقصو حضرت خضر عل) ) الڪهفسوره( .دنا علمااه من لا و علمندنا و عندن عنه من آتيناه رحم ” فوجدا عبدا)ٽ پهريونپار( مت والسيه الص قصو حضرت خضر علم لدني جي طلب عل عو“ حضرت موسي عطا ڪيم لدنين کي عل رحمت ڏني ۽ اسان پاڻ وٽانهن کي ا لڌو جنڪ ٻانهو مان ههنسانجي ٻان تو او آهي ڪهف ۾ بيان ڪي کيسوره ج هن واقعي سفر ڪيو هو اڪري حضرت خضر ع طرف. ي ته پاڻ عيو آه وبن عصاڪر ۾ چيوف ۽ قول آهن. اتلف اخت باري ۾ مخ جي جي زندگيڄ تائين ۽ نبوت ۽ ا حضرت خضر ع جي نالي نسبيو و مئوخر ڪيودن موت کي ۽ سن ٽ آهن ڪن ٿا ته پاڻ آدم ع جا په به روايتن عباس رضيي خضر بن آدم ع. اب يعن آهن ع جي صلب مان آدم ن ه چيو تهجستاني عثمان سحمد بن سهل بن مبو حاتم. ا)ب آهي حديث منقطع ۽ غري هي( آڻيندا جو هو دجال جو خاتمونستائين اي آهيبن قابيل بنضرون اّ ” نالودن جي آهي ۽ سنمر حضرت خضر ع جن کان وڏي عي ته” بني آدم ۾ سڀني ڌو آه عبيده وغيره کان ٻ پنهنجي ابوآدم ع آهي

Category:

Education


7 download

TRANSCRIPT

Page 1: قصو حضرت خضر عليه اسلام جو

جي پيشڪش( ساوا)آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن سنڌي 1

۽ تحقيقتحرير

ميمڻزاق عبدالر

(قصو حضرت خضر عليه الصالت والسالم )پارٽ پهريون

قصو حضرت خضر عليه الصالت والسالم )پارٽ پهريون( ” فوجدا عبدا آتيناه رحمه من عندنا و عندنا و علمناه من لدنا علما. )سوره الڪهف(

تو اسانجي ٻانهن مان هڪ ٻانهو لڌو جنهن کي اسان پاڻ وٽان رحمت ڏني ۽ ان کي علم لدني عطا ڪيو“ حضرت موسي ع طلب علم لدني جي

.ڪري حضرت خضر ع طرف سفر ڪيو هو اهلل ج هن واقعي کيسوره ڪهف ۾ بيان ڪيو آهي

حضرت خضر ع جي نالي نسب ۽ نبوت ۽ اڄ تائين جي زندگيء جي باري ۾ مختلف اختالف ۽ قول آهن. ابن عصاڪر ۾ چيو ويو آهي ته پاڻ ع

آدم ع جي صلب مان آهن يعني خضر بن آدم ع. ابن عباس رضيه به روايت ڪن ٿا ته پاڻ آدم ع جا پٽ آهن ۽ سندن موت کي مئوخر ڪيو ويو

آهي ايستائين جو هو دجال جو خاتمون آڻيندا) هي حديث منقطع ۽ غريب آهي(. ابو حاتم سهل بن محمد بن عثمان سجستاني چيو ته هن

پنهنجي ابو عبيده وغيره کان ٻڌو آهي ته” بني آدم ۾ سڀني کان وڏي عمر حضرت خضر ع جن جي آهي ۽ سندن نالو” ضرون ابن قابيل بن

“آدم ع آهي

Page 2: قصو حضرت خضر عليه اسلام جو

جي پيشڪش( ساوا)آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن سنڌي 2

ابو حاتم، ابن اسحاق جي حوالي سان بيان ڪن ٿا ته جڏنهن آدم ع جو آخري وقت ويجهو آيو ته ته پاڻ ع پنهنجي اوالد کي ٻڌيائون ع ته ماڻهن

مٿان هڪ طوفان ايندو، جڏنهن طوفان اچي ته مهنجيو هڏيون ٻيڙيء ۾ کڻي وڃجو ۽ انهن کي فالڻي جڳه تي دفن ڪري ڇڏجو. پاڻ ع اها جڳه

به ٻڌائي ڇڏي. جڏنهن طوفان آيو ته پاڻ ع جياوالد سندن هڏيون هڪ ٻيڙيء ۾ رکي ڇڏيون ۽ جڏنهن هو طوفان کان پوء زمين تي لٿا ته

حضرت نوح ع پنهنجي پٽن کي حڪم ڏنو ته آدم ع جي جسد مبارڪ کي کڻي وڃن ۽ جتي پاڻ ع وصيت فرمائي ع ان جڳه تي دفن ڪري ڇڏين.

چون ٿا ته زمين تي هر جڳه تي وحشت ۽ ويراني هئي ۽ ڪٿي بهساه وارو وجود نه هو بس پوء نوح ع پنهنجي اوالد کي ترغيب ڏني ۽ تدفين آدم

تي گهڻو زور ڏنو ۽ فرميائون ع ته آدم ع دعا ڏني هئي ته جيڪو شخص به مهنجو جسد دفن ڪندو وڏي عمر ماڻيندو ته اهو ٻڌي ماڻهون مقرر

جڳه تي ڊوڙندا ويا. آدم ع جو جسد اطهر انهن وٽ رهيو ايستائين جو ان کي دفن ڪرڻ جي سعادت حضرت خضر عليه الصالت والسالم جن

.کي نصيب ٿي ۽ اهلل ج پنهنجو وعدو پورو ڪيو ۽ هو زنده رهن جيستائين اهلل ج کي منظور هوندو

ابن قتيبه ”المعارف“ ۾ وهب بن منبه رح کان روايت ڪن ٿا ته ” حضرت خضر ع جو نالو ”بليا“ آهي ۽ سندن شجرو هن ريت آهي” بليا بن

ملڪان، بن فالخ، بن عامر، بن الخ، بنارفخشد، بن سام، بن نوح عليه الصالت وسالم. اسماعيل بن ابي اويس چون ٿا ته جيسين ڪه هنن کي

معلوم هو ته حضرت خضر ع جو نالو” معمر ابن مالڪ، بن عبداهلل، بن نصر، بن ازد آهي.“ هڪ ٻيو شخص چوي ٿو ته سندن نلو”خضرون بن

.(عمابيل، بن اليفز، بن العيص، بن اسحاق بن ابراهيم خليل اهلل آهي. ڪن جو نظريو آهي ته خضر مان مراد ”ارميا بن حلقيا“ آهي )واهلل اعلم

هڪ ٻي حديث ۾ آهي جنهن کي عالمه ابن جوزي چيو ته جنهن کي محمد بن ايوب، ابن لهيو مان روايت ڪيو آهي ته ”حضرت خضر ع مصر

جي بادشاه جا فرزند آهن جنهن طرف موسي ع نبي ٿي لٿا ) هي ڳاله تعجب خيز آهي ۽ ضعيف آهي(. هڪ قول ملي ٿو جنهن کي سدي ٻڌايو

آهي ته خضر ع مالڪ جا فرزند آهن جيڪي الياس ع جا ڀاء هئا )هن کي اڳتي هلي تفصيل سان بيان ڪنداسون(. اهو به چيو وڃي ٿو ته پاڻ ع

ذوالقرنين جي ” مقدمه الحبيش“ جا ڪمانڊر هئا. اهو به چيو وڃي ٿو ته پاڻ ع هڪ اهڙي شخص جا فرزند هئا جينهن حضرت ابراهيم ع تي

(ايمان آندو هو ۽ انهن سان گڏ ئي هجرت ڪئي هئائون. اها به قول آهي ته پاڻ ع ”بستاسب بن لهراسب“ بادشاه جي دئور ۾ نبي هئا. )واهلل اعلم

عالمه ابن جرير ٻڌائين ٿا ته صحيح اهو آهي ته حضرت خضر ع ”افريدون ابن اثفيان“ جي زماني کان پهرئين هئا ايستائن جو حضرت موسي ع

جي زماني ۾ مليا. حافظ ابن عساڪر، حضرت سعيد بن مسيب رضيه کان روايت ڪن ٿا ته” خضر ع جي والده رومي هيون ۽ والد فارسي. هڪ

روايت موجب پاڻ ع جو تعلق بني اسرائيل سا آهي ۽ فرعون جي زماني ۾ به پاڻ ع موجود هئا. خطابي ۽ اهڙن ٻين گهڻن جو قول آهي ته

حضرت خضر ع کي سندن حسن، صورت ۽ چهري مبارڪ جي شادابيء جي ڪري ” خضر“ چيو وڃي ٿو. )امام ابن ڪثير رح به هن قول سان

متفق آهي ڇو جو اهو صحيحن ۾ روايت ٿيل حديثن جي منافي نه آهي(. ڪي ماڻهون چون ٿا ته خضر ع جي ڪنيت ابواالعباس هئي يا ان جي

مشبهه )واهلل اعلم( ته خضر سندن لقب هو جيڪو نالي تي غالب اچي ويو. ابن عساڪر ضرت قتاده رح ۽ ابن عباس رضيه کان روايت ڪن ٿا ته

بني ڪريم صلعم جن فرمايو ته” حضر خضر ع کي ”خضر“ ان الء چيو وڃي ٿو جو هو جنهن به بنجر زمين تي نماز پڙهندا هئا ته اها ساوڪ سان

اڀري ايند هئي. قبيصه، ثوري، منصور ۽ مجاهد کان روايت آهي ته ” خضر ع کي خضر چوڻ جو سبب به اهو مٿيون هو. بهر حال قرآن مجيد

.سندن نبي هئڻ تي داللت ڪري ٿو )موسي ع جي واقعي کان عالوه ٻيا تفصيل اڳيان ايندا( واهلل اعلم بثواب

Page 3: قصو حضرت خضر عليه اسلام جو

جي پيشڪش( ساوا)آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن سنڌي 3

.(قصو حضرت خضر عليه الصالت والسالم )پارٽ ٻيو

قصو حضرت خضر عليه الصالت والسالم )پارٽ ٻيو(. ”رحمه من ربڪ و ما فعلته عن امري..)سوره ڪهف( مون هي ڪم پنهنجي طرفان ڪونه

ڪيا پر ائين ڪرڻ جو مونکي حڪم ٿيو آهي ۽ مونتي وحي ڪئي وئي آهي“ قرآن جا هي دليل خضر ع جي نبوت تي داللت ڪن ٿا ۽ هي نبوت

واليت جي منافي ناهن بلڪه رسالت به واليت جي منافي ناهي. هاڻ جڏنهن قرآني آيت مان ثابت ٿي ويو ته پاڻ ع نبي آهن ته انهن ماڻهن جي راء

مرده ٿي وڃي ٿي جيڪي چون ٿا ته پاڻ ع بني نه ولي هئا. جهمور جي راء ۾ خضر ع هن دنيا ۾ اچا به زنده آهن ۽ ڪن چواڻي ته آدم ع جي

هڏين پورڻ جي واقعي کان عالوه پاڻ ع آب حيات جي چشمي مان پڻ سيراب ٿيا هئا )واهلل اعلم( هن جا مختلف سبب به ٻڌايا وڃن ٿا اسان هتي

انهن حدثن جو به ذڪر ڪنداسون جن ۾ انهن ڳالهين جي شهادت ملي ٿي. جيئن ته اسان پهرئين موسي ع جي قصن ۾ ذڪر ڪري آيا آهيون ته

حضرت موسي ع ۽ حضرت يوشع بن نون ع جڏنهن انهن ئي پيرن تي واپس وريا هئا ته حضرت خضر ع دريا ۾ اندر وڇايل هڪ سائي مسلي

)چٽائي( تي ليٽيل هئا ۽ پاڻ ع کي هڪ چادر ويڙهيل هئي، اهڙيء طرح جو چادر جو هڪ ڇيڙو مٿي هيٺان ته ٻيو پيرن هيٺان هو. موسي ع

سالم ڪين )توهان تي سالمتي هجي( ته پاڻ منهن تان چادر هٽائي چين ته ”تنهنجي زمين تي سالمتي ڪٿي؟“ ۽ پڇين ته تون ع ڪير آهين؟

موسي ع پنهنجو تعارف ڪراين ته خضر ع وراڻين ته ڇا؟ بني اسرائيل جو نبي موسي ع؟ پاڻ ع هائوڪار ڪئي پوء سندن وچ ۾ جا به ڳاله ٻوله ٿي

اها موسي ع جي قصن ۾ بيان ڪيل آهي. جي پاڻ ع نبي نه هجن ها ۽ ولي هجن ها ته اهڙي طريقي سان گفتگو هرگز نه ڪن ها ۽ موسي ع کي رکا

Page 4: قصو حضرت خضر عليه اسلام جو

جي پيشڪش( ساوا)آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن سنڌي 4

.جواب ڏيڻ جي جسارت ئي نه ڪن ها

بيهقي ۾ ابو عبداهلل الملطي جي توسط سان حديث ۾ آهي ته جڏنهن موسي ع خضر ع کان رخصت ٿيڻ لڳا ته کين ع چوڻ تي ڪجه نصيحتون

پڻ ڪيون ته” فائدو ڏيڻ وارا ٿيو، نقصان پهچائڻ وارا نه، خوش رهندا ڪريو، ڪاوڙ نه ڪندا ڪريو، لجاجت کان منهن موڙيو ۽ بغير ضرورت

.جي ڪٿي به نه وڃو، تڪبر کان عالوه ڪنهن به ڳاله تي نه کلو“ راوي چون ٿا ته خضر ع ته اهو چئي هلي ويا

حافظ ابن عساڪر کان روايت آهي ته” حضرت خضر ع ۽ حضرت الياس ع پاڻ ۾ سڳا ڀائر هئا ۽ انهن جو والد بادشاه هو. هڪ ڏينهن حضرت

الياس ع پنهنجي والد کي چيو ته” ادا خضر ملڪي معاملن ۾ دلچسپي نه پيو وٺي، توهان انهن جي شادي ڪري ڇڏيو ممڪن آهي ته هن کي پٽ

ڄمي جيڪو وڏو ٿي ملڪ جا معمال سنڀالي. سندن والد خضر ع جي شادي هڪ نهايت ئي حسين ڇوڪريء سان ڪرائي ڇڏي، خضر ع زال

کي چيو ته ”مونکي عورت ذات ۾ ڪا به دلچسپي ڪانهين، جي تون چئين ته مان توکي آزاد ڪري ڇڏيان ۽ جي تون چاهين ته مهنجي صحبت ۾

رهي ڏک ۽ تڪليفون برداشت ڪر، اهلل ج جي عبادت ڪر، ۽ مهنجي پرده پوشي ڪر. زال چين ع ته ٺيڪ آهي مان توهان ع جي صحبت کي

غنيمت ٿي سمجهان ۽ اهلل ج جي عبادت سان لڳي رهنديس. هو هڪ سال تائين ساڻن رهي، سال گذرڻ کان پوء بادشاه خضر ع جي زال کي

سڏايو چوڻ لڳو ته توهان ٻئي جوان آهيو ڇا ڳاله آهي جو تنهنجي ڪک اڃا خالي آهي. عورت وراڻيس ته اوالد تي اهلل ج جي وس آهي چاهي ته

عطا ڪري چاهي ته محروم. پوء سندن والد ضر ع جي شادي هڪ ٻي طالق يافته عورت سان ڪئي جيڪا ان کان پهرين هڪ ٻار به ڄڻي چڪي

هئي، اڳتي هلي خضر ع ۽ بادشاه )والد( ساڳيا سوال ٻي زال کان ڪيا ٻي زال به خضر ع سان صحبت ۽ مصيبتن کڻڻ جو وعدو ڪيو هو پر

جڏنهن ٻار نه ٿيڻ جو سبب بادشاه پڇيس ته عورت راز فاش ڪري ڇڏيو ته اي بادشاه تهنجو پٽ عورتن ۾ دلچسپي نٿو رکي بادشاه خضر ع

کي سڏايو مگر اهي ڀڄي ويا، بادشاه جا ماڻهون کين هر جڳه تي ڳوليندا رهيا پر هو ع نه ملين. اهو به چيو وڃي ٿو ته خضر ع )مڙس جو پڙدو ن

رکڻ( جي بدعهديء ڪري ٻي زال کي قتل ڪلري ڇڏيو ۽ ان جي ڪري ئي هو ڀڄي ويا هئا پاڻ ان واقعي جي ڪري پهرئين عورت کي به طالق

ڏئي ڇڏي هئائون پر هن پهرين عورت شهر جي ڇيڙي ۾ ڪٿي رهي اهلل ج جي عبادت ۾ مشعول رهي ۽ هڪ ڏينهن ڪنهن نيڪ شخص جو ا تان

گذر ٿيو ۽ ان ”بسم اهلل“ چيو جنهن کي ٻڌي هن عابده سوال ڪيو ته اي شخص! تو هي ڪلمو ڪنهن کان سکيو ته هن ٻڌايو ته مان حضرت

خضر ع جي ساٿين مان آهيان ته ان عابده عورت ان شخص سان شادي ڪري ورتي جنهن مان کيس اوالد ڄائو ۽ پوء هن عابده عورت کي

فرعون جي گهر ۾ نوڪري ملي وئي. هو فرعون جي ڌيء کي ڦڻي سان وار سڌا ڪرڻ تي مامور هئي. هڪ ڏينهن هوء بادشاه جي ڌيء کي ڦڻي

ڪري رهي هئي ته هٿن مان ڦڻي ڪري پيس هن عابده” بسم اهلل“ چئي ڦڻي کئي ته فرعون جي ڌيء پڇيس ته ڇا؟ مهنجو پيء اهلل آهي تو ڇا ان

جو ئي نالو ورتو آهي؟ عابده چيس نه! اهلل ج ان بزرگ و برتر جو نالو آهي جيڪو تهنجو، مهنجو ۽ تنهنجي والد فرعن جو پاڻهار آهي ڃوڪريء

اها ڳاله وڃي پنهنجي پيء فرعون کي ٻڌائي ان حڪم ڏنو ته ٽامي جي باه ٻاري وڃي ۽ هن عورت کي ساڙيو وڃي. ٽامي جي باه ٻاري وئي

بادشاه جي حڪم سان ان عابده کي باه ۾ وجهڻ جون تياريون شروع ٿي ويون جڏنهن عورت بگهڙندٽ ٽامي کي ڏٺو ته لرزي وئي جڏنهن

عورت جي ان ٻار جيڪو گ_ هو اهو منظر ڏٺو ان چيو ته امان صبر ڪر! تون حق تي آهين عورت اهو ٻڌي پاڻ کي ان ٻرندڙ ٽامي جي اوڙاه ۾

.ڦٽو ڪيو ۽ وصال ٿي وئي

Page 5: قصو حضرت خضر عليه اسلام جو

جي پيشڪش( ساوا)آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن سنڌي 5

ابن عساڪر هي حديث ابو دائود االعمي نفيع کان روايت ڪئي آهي جيڪو پرئين درجي جو ڪوڙو آهي ۽ ڪوڙي حديثن کي گهڙڻ ۾ مشهور )

آهي هو انس بن مالڪ رصيه کان ۽ ڪثير بن عبد اهلل بن عمرو بن عف جي حوالن سان روايت ڪندو آهي، ڪثير بن عنداهلل به حديثن کي وڌائي

بيان ڪيون آهن هو پنهنجي پيء کان ۽ هن جو پيء سندس ڏاڏي کان روايت ڪري ٿو(. واهلل اعلم

(قصو حضرت خضر عليه الصالت والسالم )پارٽ ٽيون

قصو حضرت خضر عليه الصالت والسالم )پارٽ ٽيون( ” ڇا حضرت خضر ع زنده آهن؟ اچو ته قرآن جي روشنيء ۾ ڏسون ” و ما جعلنا شرا

من قبلڪ الخلد. )سوره االنبياء( ۽ ناهي مقدر ڪيو اسان ڪنهن انسان الء جيڪو توهان کان پهرئين گذريو)هن دنيا ۾( هميشه رهڻ“

جيڪڏنهن حضرت خضر ع جن بشر آهن ته پو3 هو يقيني هن آيت جي دائري ۾ داخل آهن ۽ هن جي تخصيص ڪنهن صحيح دليل کان بغير

جائز نه هوندي. ايستائين ڪه ثابت نه ٿي وڃي. اهلل ج اڳتي فرمائين ٿا ته”و اذ اخذاهلل ميثاق النبين لمآ اتيتڪم من ڪتب و حڪمه ثم حڪمه ثم

جآء ڪم رسول مصدق لما معڪم لتئومن به و لتنصر نه قال اقررتم و اخذ تم علي ذالڪم اصري قالوآ اقررنا. قال فاشهدوا و انا معڪم من

الشهدين. )سوره آل عمران(. ۽ ياد ڪريو جڏنهن ورتو اهلل ج نبين کان پڪو وعدو ته قسم آهي توهان کي ان جي جيڪو _يان مان توهانکي

ڪتاب ۽حڪمت پوء آيا توهان وٽ اهي رسول جيڪي تصديق ڪرڻ ورا هجن انهن )ڪتابن( کي جيڪي توهان وٽ آهن ته توهان ضرور ايمان

آڻجو انهن تي ضرور ضرور مدد ڪجو انهن جي)ان کان پوء( فرمايائون ڇا توهان اقرار ڪري ورتو ۽ کڻي ورتو توهان ان تي مهنجو ڳرو ذمه؟

“سڀني عرض ڪيو اسان اقرار ڪيو)اهلل( فرمايو ته گواه رهجو ۽ مان ج )به( توهان سان گڏ گواهن ۾ آهيان

امام بخاري رح ابن عباس رصيه سان ذڪر ڪن ٿا ته” حضرت خضر ع نبي هجن يا ولي اهلل اهي به ان عهد )قسم( ۾ داخل آهن جي هو نبي

سائين صلعم جي دئور ۾ حاضر هجن ها ته هو هر حالت ۾ بارگاه نبي صلعم ٻ حاضري ڀرين ها ۽ اها شيء انهن جي حالتن ۾ ڪثرت سان ملي

Page 6: قصو حضرت خضر عليه اسلام جو

جي پيشڪش( ساوا)آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن سنڌي 6

ها. اهي قرآن پاڪ تي ايمان آڻين ها ۽ جنگين )غزوات( ۾ پاڻ ص جن سان ڪلهو ڪلهي ۾ مالئي شريڪ ٿين ها ۽ جي اهي ولي اهلل آهن ته پوء

حضرت ابوبڪر صديق رضيه جن انهن کان افضل ٿيا ۽ جي بني آهن ته موسي ع انهن کان افضل هجن ها) ته جي ابوبڪر صديق رضيه ۽

موسي ع غالمي رسول کان بغير چاره نه هو ته حضرت خضر ع دست بسته حاضر نه ٿين ها. امام احمد پنهنجي مسند ۾ حضرت جابر بن عبداهلل

کان روايت ڪري چون ٿا ته نبي صلعم جن فرمايو ته” ان ذات ج جو قسم جنهن جي قدرت ۾ مهنجي جان آهي ته جي موسي ع زنده هجن ها ته

انهن کي به م هنجي اتباع ڪرڻ کان سوا ڪو چارو نه هجي ها“. مٿي ذڪر ڪيل آيت ۾ به اهو دليل آهي ته فرض ڪجي ته جي سڀئي نبي ع به

محمد مصطفي صلي اهلل عليه وسلم جي دور اقدس ۾ زنده هجن ها ته سڀئي پاڻ ص جن جي اتباع ڪن ها ۽ سندن ئي شريعت جي مطابق

.زندگي گذارين ها

۽ جيئن ته جڏنهن نبي صلعم جن معراج جي رات نبين ع سڳورن سان مليا ته پاڻ صلعم جن کي سڀني نبين تي فوقيت ڏني وئي، جڏنهن پاڻ ص

جن جي معيت ۾ اهي نبي ع واپس بيت المقدس ۾ آيا ۽ نماز جو وقت ٿيو ته حضرت جبريل ع کين اهلل ج جي حڪم کان آگاه ڪيو ته سندن

اقمت گاهن ۾ انهن هستين جي امامت ڪن اهو واقعو ان ڳاله جو دليل آهي ته نبي صلعم جن امام اعظم، رسول ڪل، نبي خاتم، سراپو شان

جاللت ۽ سڀني کان مقدم آهن.” صلوات اهلل و سالمه عليه و عليهم اجمعين“ جڏنهن اها ڳاله طه ٿي وئي ۽ ان کان ڪنهن به مسلمان کي اختالف

ناهي ته اها ڳاله اظهر من الشمس ٿي وئي ته حضرت خضر ع به جي زنده هجن ها ته اهي به نبي سائين جن جي امت ۾ شامل ٿي وڃن ها ۽ کين ع

به شريعت محمديء جي پابندي الزمي ڪرڻي پوي ها. حضرت عيسي2 ع به جڏنهن آخري زماني ۾ نازل ٿيندا ته اهي به شريعت مطهره جي

مطابق حڪم ڪندا نه ان جي خالف هلندا ۽ نه ئي انڪار ڪندا. پاڻ انهن 5 جليل و القدر رسولن مان آهن جن کي”اولي العزم“ چيو وڃي ٿو.

پاڻبه بني اسرائيل جا خاتم النبين آهن. ڪا به صحيح سند حسن سند نٿي ملي جنهن سان دل مطمعن ٿئي يا ثابت ٿئي ته حضرت خصر ع

بارگاه نبي صلعم ۾ حاضر ٿيا هئا ۽ نه ئي ڪٿان ثبت ٿيو آهي ته پاڻ ع فالڻي جنگ ۾ پاڻ ص سان ملي جنگ ڪئي هجي. جنگ بدر ۾ جنهن ۾

پيغمبر صادق و مصدق صلي اهلل عليه وسلم جن دعا گهري ته” اي رب ڪريم! اسان کي ڪافرن تي فتح ڏي ۽ اسانجي مدد ڪر ۽ اهو به فرمايو

ته جي هي مٺ ڀر مسلمان اڄ شهيد ٿي يا ته ان کان پوء هن زمين تي تنهنجي عبادت ڪرڻ وارو ڪو نه رهندو“ اها جماعت ان ڏينهن نبي صلعم

جن جي جهنڊي هيٺان جمع هئي ۽ فرشتن جي جماعت به هئي ايستائين جو حضرت جبريل ع جن به پاڻ ص سان گڏ هم رڪاب هئا پوء جي

خضر ع زنده هجن ها ته هن عظيم غزوي ۾ هن اشرف ترين جهنڊي هيٺ ضرور شريڪ ٿين ها. جي ڪو اهو چئي ٿو ته هو ع تمام جڳهين تي هئا

پر ظاهر نه ٿيا جو ماڻهو کين ع ڏسي سگهن ته هي جواب اصل عدم آهي يعني پاڻ ع انهن جڳهين تي حاظر ڪونه ٿيا هئا ۽ اهي قياس آهن ۽

توهم پرستيء جي نشاندهي ڪن ٿا. ۽ پوشيده رهڻ جي سبب جي به خبر ناهي؟ )واهلل اعلم(. پاڻ م حمد ص جي وفات کان پوء به زنده هجن ها ته

انهن الء الزمي هو ته امت کي قرآن پاڪ ۽ حديث نبويه جي تعليم ڏين ها. بهرحال جي پاڻ زنده هجن ها ته مسلمانن کي فائدو ڏين ها. هن

نظرئي جي تائيد صحيحين وغير جي ڪتان حديثن ۾ حضرت عبداهلل بن عمر رضيه کان ملي ٿي ته پاڻ فرمايائون ته نبي صلعم جن هڪ رات

عشاء جي نماز ادا فرمائي ۽ چيو ص ته ڇا توهان کي خبر آهي ته هيء ڪهڙي رات آهي؟ اڄ کان هڪ صدي پوء زمين جي موجود ماڻهن مان

هڪ به زنده نه بچندو. ابن عمر رصيه چون ٿا ته اهو ٻڌي ماڻهون ڊڄي ويا ته شايد ان مان مراد قيامت آهي. امام احمد به اها روايت ڪري ٿو ته

Page 7: قصو حضرت خضر عليه اسلام جو

جي پيشڪش( ساوا)آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن سنڌي 7

عبداهلل ابن عمر رضه چيو )بخاري ۽ مسلم حضرت امام زهري رح جي حوالي سان به ان کي نقل ڪن ٿا(. حافظ ابوالقاسم سهيلي پنهنجي

ڪتاب” التعريف و اال عالم” ۾ امام بخاري ۽ ان جي شيخ ابوبڪر عربي کان روايت ڪن ٿا ته حضرت خضر ع نبي سائين جن جي زماني ۾ هئا

۽ ان کان پوء وفات ڪري ويا ۽ ٻين عالن جو به خيال آهي ته حضرت خضر ع زنده آهن )هي ڪمزور حديثون آهن( واهلل اعلم. اڳيان هلي خضر

ع جن جي باري ۾ گهڻين حڪايت جو ذڪر ڪنداسون. صحيح غلط اهلل ڄاڻي

(قصو حضرت خضر عليه الصالت والسالم )پارٽ چوٿون

قصو حضرت خضر عليه الصالت والسالم )پارٽ چوٿون( ” بهر حال اهي مفسر جيڪي چون ٿا ته خضر ع جن وفات ڪري چڪا آهن اهي آهن،

بخاري، ابراهيم حربي، ابوالحسن بن منادي ۽ عالمه ابوالفرج بن جوزي. ابن جوزي ان سلسلي ۾ گهڻو ڪامياب رهيو ۽ هن هڪ ڪتاب به

تصنيف ڪيو جنهنجو نالو آهي”عجاله المنتظر في شرح حاله الخضر“ هن االهين گهڻين شين مان دليلون ورتيو آهن. هاڻ اچو ته حضرت

.خضر ع جي باري ۾ چيل حڪايتون پڙهون

ابوزرعه”دالئل النبوه“ ۾ حضرت ابن عباس ۽ حضرت ابي بن ڪعب رضي اهلل عنهم کان روايت ڪن ٿا ته نبي سائين ص جن فرمايو ته پاڻ ص

جن شب معراج ۾ هڪ دل لڀائيندڙ خوشبوء محسوس ڪيائون، حضرت جبريل ع کان پڇيائون ص ته هي ڪهڙي خوشبوء هي، جبريل ع ٻڌاين

ص ته هي ”خوشبوء ماشيطه“ آهي ان جي پٽ ۽ ان جي مڙس جي قبر مان پئي اچي. ابوزرعه ان حديث جو پس منظر هيئن ٿو ٻڌائي” حضرت

خضر ع جو تعلق بني اسرائيل جي اشرافيه مان هو. پاڻ ع هڪ تارڪ الدنيا شخص وٽ ايندا ويندا هئا هڪ گرجا ۾ عبادت ڪندو هو. تارڪ

النيا شخص جو مٿن وڏو اثر هوندو هو. ان کين اهلل ج جي فرمانبرداريء جي تعليم ڏني. جڏنهن خضر ع جوان ٿيا ته پيء سندن هڪ عورت

سان شادي ڪرائي ڇڏي پاڻ ع پنهنجي زال کي به اسالمي تعليمات جي آگاهي ڏني ۽ کائن وعدو ورتو ته ڪنهن کي به خبر نه پوي ته پاڻ ع کي

Page 8: قصو حضرت خضر عليه اسلام جو

جي پيشڪش( ساوا)آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن سنڌي 8

عورتن ۾ دلچسپي ناهي، زال کي طالق ڏنئون ته پيء وري ٻي شادي ڪراين پاڻ ٻي زال کي به ساڳي تعلم ڏني ۽ ساڳيو وعدو ورتو. پهرئين

عورت راز جو پڙدو رکيو جڏنهن ته ٻي عورت نه رکي سگهي ايستائن جو پاڻ فرار ٿي ويا ۽ سمنڊ جي ڪنهن جزيري ۾ وڃي پهتا. ٻه ماڻهون

ٻارڻ جمع ڪرڻ آيا ته انهن خظر ع کي ڏسي ورتو. هڪ ته راز رکيو پر ٻئي ٻڌائي ڇڏيو ته هن خضر ع کي ڏٺو هو ۽ هن ٻي الء به چيو ته هن به ڏٺو

آهي. ٻئي کان پڇيو ويو ته هن راز راز رهڻ ڏنو ۽ ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو. سندن دين ۾ ڪوڙ جي سزا قتل ڪرڻ هو، بس پوء پهريون شخص قتل

ڪيو ويو. جنهن شخص خضر ع جي باري ۾ رازداري رکي هئي ان جي شادي ان عورت سان ٿي جنهن خضر ع جو پڙدو رکيو هو ۽ خضر ع

کيس طالق ڏني هئي چون ٿا ته اها عورت فرعون جي ٻار جي وارن۾ ڦڻي ڪرڻ تي مامور هئي ڪنگي هٿان ڪري پيس ته هن جي نهن مان

نڪتو ته ”فرعون جو ستيو ناس ٿئي“ ٻار پنهنجي پيء فرعون کي ٻڌايو. هن عورت جو خاندان هڪ مرد ۽ ٻن ٻارن تي مشتعمل هو انهن کي به

گهرايو ويو ۽ مجبور ڪيو ويو ته دين ترڪ ڪري پر انهن انڪار ڪيو فرعون ڌمڪي ڏنن ته هوٻنهين کي قتل ڪري ڇڏيندو انهن چيو ته ڀلي! پر

اسان تي هڪ احسان ڪج جو اسان کي قتل ڪري هڪ ئي قبل ۾ وجهجان. اهڙيء طرح انهن کي قتل ڪري هڪ ئي قبر ۾ وڌو ويو. جبريل ع

ٻڌايو ته مان ع جنت ۾به ويو آهيان پر اهڙي خوسبوء کين اتي به نه لڌي ) مائله بنت فرعون جو قصو ٻڌائي چڪا آهيون ممڪن آهي ته ڦڻي وارو

هي واقعو حضرت ابي ڪعب يا حضرت عبداهلل بن عباس رضي اهلل عنهم جو ڪالم هجي( واهلل اعلم

پارٽ پنجون)قصو حضرت خضر عليه الصالت والسالم )

ٿو ته حضرت ابوامامه رضيه جي توسط سان هي حافظ ابو نعيم اصفهاني چوي ( پارٽ پنجون)قصو حضرت خضر عليه الصالت والسالم

هڪ ڏينهن حضرت خضر ع بني ” حديث اسان تائين پهتي ته هڪ ڏينهن نبي صلي اهلل عليه وسلم جن پنهنجن اضحاب سڳورن کي فرمايو ته

هلل ج کين برڪت اسرائيل جي هڪ بازار ۾ وڃي رهيا هئا ته هڪ مڪاتب شخص کين ڏسي ورتو ۽ چوڻ لڳن ته کيس ڪجه صدقو ڏي ته ا

حضرت خضر ع چيس ته آئون ج اهلل ج تي ايمان رکان ٿو ، اهلل ج جيڪو چاهي ٿو ٿي وڃي ٿو، پر مون وٽ ڪجه به ڪونهين جو توکي . ڏيندو

ڏيان اهو غريب شخص چوڻ لڳو ته مان توکي اهلل ج جو واسطو ٿو ڏيان، ڪجه صدقو ڏيو، مون توهنجي ع چهري تي بلنديء جو عڪس ڏٺو

ي ۽ تو وٽ برڪت جي اميد سان آيو آهيان، حضرت خضر ساڳي ڳاله چئي ۽ وڌيڪ چيس ته ها مان حاظر آهيان تو چاهين ته مونکي آه

مان سچ پيو چوان تو ته وڏو سوال ڪيو ! وڪڻي رقم حاصل ڪر، غريب شخص چين ع ته ڇا تون ع پنهنجي ڳاله تي قائم آهين؟ پاڻ ع چين ته ها

پاڻ صلعم فرمايو ته هن شخص پوء خضر ع کي بازار ۾ وڪڻي ڇڏيو ۽ بدلي ۾ . مان توکي رسوا نٿو ڪريان مونکي وڪڻبس اهلل جي الء . آهي

هڪ ڏينه خضر ع . پاڻ هڪ عرصي تائين اون شخص وٽ رهيا جنهن کين ع خريد ڪيو هو پر هو کائن ڪو ڪم ڪونه وٺندو هو. درهم ورتا 044

Page 9: قصو حضرت خضر عليه اسلام جو

جي پيشڪش( ساوا)آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن سنڌي 9

يو آهي ته مونکان ڪم ڇو نٿو وٺين؟ تنهن تي هن وراڻيس ته تون ع پوڙهو ۽ ڪمزور آهين مان هڪ کيسچيو ته تو مونکي ع ڪم الء خريد ڪ

پاڻ ع فرماين ته ڪو ڏکيو ڪونهين آئون ع ڪم ڪري سگهان ٿو، ته هن چيو ته پوء ٺيڪ آهي هي پٿر کڻي . بزرگ کان ڪم نٿو ڪرائڻ چاهيان

ماڻهون 6اهي پٿر ايترا ته ڳرا هئا جو مشڪل سان . ڪ مدت ۾ اهو پٿر اتان هٽائي ڇڏيوهتان هٽاء هي شخص اهو چئي اتان هلي ويو ۽ پاڻ ه

به هڪ ڏينهن ۾ اهي پٿر نٿي کڻي هٽائي سگهيا هو ماڻهو واپس آيو ته ڏسي حيران ٿي ويو ته ته سڀئي پٿر هڪ وقت ۾ اتان هتجي چڪا هئا

ون سمجهيو ته توهان ۾ ايتري طاقت ئي ڪونه هوندي پوء ان شخص کي سفر پيش پيو م! چوڻ لڳن ع ته توهان ع ته ڪمال ڪري ڇڏيو زبردست

کين ع چوڻ لڳو ته مان توکي امانتدار خيال ٿو ڪريان مهنجي گهر ۾ آرام سان رهو پاڻ ع وري چيائون ته مون الء ڪو ڪم مقرر ڪر ان شخص

شخص چين ته پوء ڀال هي سرون ٺاهي رکو هو . ين ڇاجي مشقت حڪم ڪريوچين ته من هاڻ توهان ع کي مشقت ۾ نٿو وجهڻ چاهيان پاڻ ع فرما

سخص جڏنهن صفر کان واپس آيو ته ڇا ٿو ڏسي ته سرن سان پڪو گهر ٺهيو پيو آهي، شخص چين ته خدارا مونکي ٻڌايو ته آخر توهان آهيو

و ڏئي پڇيو آهي ان نالي تي ته مان پنهنجو ع ڪنڌ ڪپارائي ڪير؟ ۽ ڪنهن راه جا مسافر آهيو؟ خضر ع چين ته توهان مونکي اهلل ج جو نال

هن شخص موکي ڪجه صدقو . ڇڏيان مان ع توکي ٻڌايان ٿو ته مان ع ڪير آهيان؟ مان خضر آهيان جنهن جي باري ۾ توهان ٻڌو هوندو ته

مان توکي . نهنجو پاڻ وڪڻي هون جي پورت ڪئيڏيڻالء چيو هو مون وٽ ڪجه رقم نه هئي ته هن اهلل جو نالو وجهي عرض ڪيو ان الء مون پ

هڪ ڳاله چوان جي ڪنهن شخص ڪنهن کان اهلل جي نالي تي سوال ڪيو ۽ اهو خالي هٿ ويو ته قيامت جي ڏينهن اهو اهڙي حالت ۾ بيٺو

جا نبي ع مون ال علميء ۾ اوهان هوندو جو هن جي کل هيٺان نه گوشت هوندو ۽ نه هڏيون هن شخص چيو ته ته مان اهلل ج تي يقين ٿو رکان اي اهلل

هن سخص چين موهنجا . خضر ع وراڻين ته ڪو حرج ڪونهين تو مهنجي عمر جو خيال ڪيو مون سان سٺو سلوڪ رکيو. کي تڪليف پهچائي

ضر ع چين ته مان خ. جي وڃڻ چاهيو ته رستو به نه روڪيندس. ماء پيء توهان تا قربان هي مال گهر اوهان جو جيڪو حڪم ڏيو حاضر آهيان

هن حديث کي روايت .) ان بندي کين آزادي ڏئي ڇڏي . چاهيان ٿو ته تون مونکي آزاد ڪري ڇڏ ته مان اهلل ج جي عبادت ۾ مشغول ٿي وڃان

واهلل اعلم( ڪرڻ صحيح ڪونهين هي موقوف ٿي وئي آهي ان جا راوي اهڙا آهن جيڪي معروف ناهن

پارٽ ڇهون)قصو حضرت خضر عليه الصالت والسالم )

Page 10: قصو حضرت خضر عليه اسلام جو

جي پيشڪش( ساوا)آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن سنڌي 10

هڪ ٻي حڪايت بابت۽ اها حدث جنهن ۾ امام ابو بڪر بيهقي هي چئي روايت ڪئي ( پارٽ ڇهون)قصو حضرت خضر عليه الصالت والسالم

حضرت انس بن مالڪ رضيه کان روايت انهن کي ابو عبداهلل ٻڌايو ته محمد بن بشر بن مطر بن ڪامل بن طلحه بن عباد بن عبدالصمد، ”آهي ته

ڪري چيو ته جڏنهن نبي ڪريم صلي اهلل عليه وسلم جن جو وصال ٿيو ته اصحابن کين ص چئني طرفان گهيري ورتو، زارو قطار رنا، سڀئي پاڻ

و چٽو، جسم مائل به ص جي شانه اقدس وٽ ڀرسان گڏ هئا ته ان وقت هڪ بزرگ آيو جنهن جي ڏاڙهي مبارڪ بلڪل اڇي هئي، رنگ ڳور

اهلل ج بارگاه ۾ هر هڪ مصيبت تي راڄ روڙ ڪجي ٿو ۽ وڃڻ ” فربهي، اهي به اصحابن سان ڀاڪر پائي رنا پوء اصحابن سان گفتگو ڪيائون

توهان کي واري نعمت کي بدلو ملي ٿو، هر وڃڻ واري جو هڪ نائب هوندو آهي بس توهان اهلل ج تي ڀروسو رکو ان طرف متوجه رهو، هن ج

ائين چئي اهو شخص واپس هليو ويو، “ مصيبت ۾ ڏسي ورتو آهي ڏسو مصيبت وارو اهو هوندو آهي جنهن جو نقصان پورو نه ٿيو هجي

اصحاب هڪ ٻئي کان پڇڻ لڳا ته اهو بزرگ شخص ڪير هو؟ ته حضرت ابوبڪر صديق ۽ حضرت علي مرتضي رضي اهلل عنهم ٻڌاين ته اه

ئين ص جن جو ڀاء خضر عليه الصالت وسالم هئاشخص نبي سا .

ابوبڪر ابن ابي الدنيا رح هن حديث کي ڪامل بن طلحه کان اهڙيء طرح بيان ڪيو آ جو ان جو متن امام بيهقيء جي متن کان بلڪل مختلف

يت ڪرڻ وارو هجي ته اها حديث منڪر عبد بن عبدالصمد ضعيف آهي ۽ جو هو هڪ ئي حديث کي روا”پوء امام بيهقي ٻڌائين ٿا ته . آهي

آهي هن حضرت انس بن مالڪ رضيه سان روايتون “ ابن معمر بصري”امام ابن ڪثير رح چون ٿا ته عباد بن عبدالصمد مان مراد . هوندي آهي

جي ويجهو هي شخص ابن حبان ۽ عقيلي چون ٿا ته ان نسخي ۾ اڪثر حديثون موضوع آهن ۽ امام بخاريء. ڪري هڪ ڪتاب به لکيو آهي

فضائل حضرت علي المرتضي ” ابن عدي چوي ٿو ته هن عموما. ابو حاتم به ان کي تمام ضعيف ۽ منڪر الحديث ٻڌائي ٿو. منڪر الحديث آهي

م بن عبداهلل رضي اهلل تعلي عنه جي باري ۾ حديثون روايت ڪيون آهن اهي ضعيف آهن ۽ امام شافعي پنهنجي مسند ۾ چون ٿا ته اهن کي قاس

” ي تهبن عمر خبر ڏني ته انهن جعفر بن محمد کان، انهن پنهنجي والد کان، انهن پنهنجي ڏاڏي کان، انهن علي بن الحسين کان روايت ڪيو آه

ء راڄ روڙو ڪجي اهلل ج وٽ هر مصيبت ال” جڏنهن نبي سائين صلعم جن جو وصال ٿيو ۽ رئڻ وارا آيا ته انهن هڪ آواز ٻڌو، ڪو چئي رهيو هو

ٿو، هر وڃڻ واري جو ڪو جانشين هوندو آهي، هر شي جي بدلي ڪجه نه ڪجه ملندو آهي، بس اهلل ج تي ڀروسو رکو ۽ ان ج طرف ڌيان لڳائي

پو پاڻ ئي حضرت علي ابن الحسن ٻڌايو ته خبر اعو ته اهو ڪير آهي؟ “ رکو، مصيبت جو ماريو ته اهو آهي جيڪو سڌي رستي کان محروم آهي

.ٻوڌياون ته اهو خضر عليه صلوات اسالم آهي

. ڪوڙ ٿو ڳالهائي( قاسم عمري)امام احمد بن حنبل ۽ يحي بن معين چون ٿا ته هي شخص . امام شافعي رح جو شيخ القاسم عمري متروڪ آهي

به آهي ۽ اهڙي مرسل حديثن تي هتي اعتماد نٿو امام احمد ته هي به ٿا چون ته هي پنهجي طرفان حديثون گهڙي ٿو ۽ پوء ته هي حديث مرسل

واهلل اعلم. )ڪري سگهجي )

پر اها “ عن جعفر بن محمد، عن ابيه، عن جده عن ابيه عن علي”اها حديث هڪ ٻي ضعيف سند سان به روايت ٿيل آهي، سند هيء آهي ته ان کي

سند به صحيح ڪانهين

.

Page 11: قصو حضرت خضر عليه اسلام جو

جي پيشڪش( ساوا)آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن سنڌي 11

هڪ ٽين حڪايت( ونپارٽ ست)قصو حضرت خضر عليه الصالت والسالم

حافظ ابن عساڪر، حضرت سفيان ثوري کان، هو عبداهلل بن . هڪ ٽين حڪايت بابت( پارٽ ستون)قصو حضرت خضر عليه الصالت والسالم

هڪ رات ” حضرت علي مرتضي رضيه ٻڌايو ته”الحمرز کان، هو يزيد بن االصم کان، هو حضرت علي بن ابي طالب رضيه کان روايت ڪري ٿو ته

ون رضيه ڪعبت اهلل جو طواف ڪري رهيو هوس ته اوچتو ڇا ٿو ڏسان ر، هڪ شخص بيت اهلل جو غالف جهلي دعا ڪري رهيو هو ۽ چئي م

ته ! اي اها ج. ته جنهن کان ڪا شي پوشيده ناهي! جنهن الء هڪ آواز ٻئي آواز جي سماعت کان مانع ناهي، اي اها ج! اي اها ذات ج” رهيو هو

از ۽ دعا ڪرڻ وارن جون دعائون تهنجي ج سامهون آهن، مونکي ع پنهنجي عفو ۽ درگذر جي ٿڌ ڏي ۽ مونکي پنهنجي رحمت حاجين جا آو

حضرت علي رضيه ٻڌائين ٿا ته مون چيومان ع ته اها دعا وري ڪريو ع ته انهن ع چيو ته ڇا تو رضيه دعا ٻڌي ورتي؟ مون “ 1جي مٺاس کان نواز

حضرت علي رضيه ٻڌائين ٿا ته اهي حضرت خضر )قسم ان ذات جو جنهنجي قبضه قدرت ۾ مهنجي جند آهي ” ته چوڻ لڳا ع ته! ر چين ع ته ها

ته جيڪو شخص به هيء دعا فرض نماز کان پوء پڙهي ٿو ته اهلل ج ان جا سڀئي گناه معاف ڪري ڇڏي ٿو ڀلي کڻي ” .(عليه الصالت وسالم هئا

يا تارن جي تعداد جيترا ڇو نه هجن پوء سمنڊ جي گجيء “

( هن قسم جون حديثون . هي حديثون عبداهلل بن الحمرز جي جهت سان ضعيف آهن ۽ يزيد االصم حضرت علي رضيه جو دئور نه ڏٺو هو

Page 12: قصو حضرت خضر عليه اسلام جو

جي پيشڪش( ساوا)آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن سنڌي 12

واهلل اعلم. )صحيح نٿيون هجن ).

علي رضيه بيت اهلل جو طواف ڪري رهيا هئا ته حضرت ” محمد بن يحي چوي ٿو ته. حضرت ابواسماعيل ترمذي هن حديث کي روايت ڪن ٿا

اي اها . اي اها ذات جنهن کيهڪ سماعت ٻي سماعت سان مشغول نٿي ڪري” انهيء وقت هڪ شخص بيت اهلل جو غالف جهلي چئي رهيو هو

ل ظاهر هوندا آهن، مونکي پنهنجي ڪرڻ وارن جا آواز ان ج جي سامهون بلڪ( راڄ روڙ)ذات جنهن کي گهرڻ وارا ٿڪائي نٿا سگهن ۽ آه زاري

راوي چئي ٿو ته حضرت علي رضيه جن پڇيو ته اي اهلل جا ٻانهان پنهنجي “ عفو ۽ درگذر ڪرڻ جي ٿڌ ۽ پنهنجي رحمت جي حالوت عطا ڪر

انهن چين ته هر فرض جي ته! هن دعا جو مطلب بيان ڪيو ته پاڻ فرمايائون ته ڇا تو مهنجي دعا ٻڌي ورتي آهي؟ حضرت علي رضيه وراڻين ها

ان ذات ج جو قسم جنهنجي قبضي ۾ خضر ع جي جان آهي جي تنهنجي نامه اعمال ۾ تارن، بارش جي . نماز کان پوء اها دعا ڪندا ڪريو

هي حديث ) “قطرن، زمين جي ريتين ۽ مٽيء جي ذرن جي برابر به گناه هوندا ته اهلل ج اک جهپڪي کان پهرئين انهن کي معاف ڪري ڇڏيندو

عالمه ابن جوزي ان کي ابوبڪر بنالدنيا جي حوالي سان روايت ڪيو . واهلل اعلم( هن ۾ ڪي راوي اهڙا آهن جيڪي معروف ناهن. به منقطع آهي

آهي ته، چون ٿا ته سندون به مجهول آهن ۽ هي سند به منقطع آهي هن ۾ ڪوبه لفظ اهڙو ڪونهين جنهن سان خبر پوي ته اهي شخص خضر ع

واهلل اعلم. ئاه

.قصو حضرت خضر عليه الصالت والسالم )پارٽ اٺون( هڪ چوٿين حڪايت

Page 13: قصو حضرت خضر عليه اسلام جو

جي پيشڪش( ساوا)آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن سنڌي 13

حافظ ابوالقاسم بن عساڪر، ابواالقاسم بن الحصين، ابن جريح، عطاء ۽ حضرت عباس رصيه اهلل عنهم سان روايت ڪن ٿا ته” حضرت خضر ع

۽ حضرت الياس ع هر سال حج جي ڏينهن ۾ پاڻ ۾ ملن ٿا. هي ٻئي هڪٻئي کي ڀاڪر پائي ملن ٿا ۽ موڪالئين ٿا ته هي ڪلمه دهرائين ٿا” بسم

اهلل ماشاء اهلل ال يسوق الخير اال اهلل، ماشاء اهلل ال يسوف السوء اال اهلل ماشاء اهلل ما ڪان من نقمه فمن اهلل. ماشاء اهلل الحول وال قوه” اال باهلل“ راوي

چوي ٿو ته حضرت عباس رضيه جو ارشاد آهي ته جيڪو شخص صبح ۽ شام ٽي ٽي دفعه هنن ڪلمن جو ورد ڪندو ته اهلل ج غرقابي، سڙڻ ۽

چوري ٿيڻ کان ان جي حفاظت ڪندو. راويء کي گمان آهي ته حضرت عبداهلل بن عباس رضيه هي به فرمايو ته” اهلل ج کيس شيطان بادشاه،

نانگ ۽ وڇونء کان به محفو رکندو“ دارقطني ”افراد“ ۾ چوي ٿو ته هيء حديث ابن جريح جي حوالي سان روايت ڪرڻ جي ڪري غريب قرار

ڏني وئي آهي، ڇو ته ان شيخ يعني حسن بن زرين کان عالوه ان کان ڪنهن ٻئي اها حديث نقل ڪون ڪئي آهي. هي حديث انن محمد بن ڪثير

العبدي کان به روايت ڪئي آهي ان جي باوجود حافظ ابواحمد بن عدي هن جي مطعلق چيو آهي ته هيء معروف ناهي. حافظ ابن جعفر عقيلي

چوي ٿو ته هي شخص مجهول الحال آهي ۽ هن جي حديث محفوظ ڪانهين. ابوالحسن بن منادي جو چوڻ آهي ته هي اها حديث آهي جنهن کي

حسن بن رزين جي ذريعي روايت ڪيو ويو آهي. ابن عساڪر، اهڙي قسم جي حديث علي بن حسن جي حوالي سان نقل ڪندو آهي، هي شخص

پرئين درجي جو ڪوڙو آهي، هيضمره بن حبيب مقدسي کان روايت ٿو ڪري، هو پنهنجي پيء کان، هو مالء بن زياد الشيري کا، هو عبداهلل بن

الحسن کا، هو پنهنجي پيء کان، هو پنهنجي ڏاڏي کان ۽ اهو حضرت علي رصيهکان مرفوعا” روايت ٿو ڪري ته انهن چيو ته” نائين ذوالحج

جو عرفات جي ميدان ۾ حضرت جبرئيل ع، حضرت ميڪائيل ع، حضرت اسرافيل ع ۽ حضرت خضر ع گڏ ٿين ٿا ۽ ان کان پوء راويء هن

گهي هديث کي نقل ڪيو آهي. جيڪو موضوع آهي ۽ اسان ڄاڻي واڄي ن کي ترڪ ڪيو آهي . واهلل الحمد. ابن عساڪر، هشام بن خالد جي

حوالي سان روايت ٿو ڪري ته حضرت الياس ع ۽ حضرت خصر ع رمضان المبارڪ جا روزا بيت المقدس ۾ رکندا آهن. هر سال حج ڪندا

(آهن ۽ زم زم مان صرف هڪ دفعو پاڻي پيئندا آهن جيڪو پورو سال انهن ال ڪافي هوندو آهي، )واهلل اعلم

هڪ ٻي حڪايت موجب،ابن عساڪر روايت ٿو ڪري ته وليد بن عبدالملڪ بن مروان جيڪو دمشق جي جامع مسجد جو باني آهي، ان ارادو

ڪيو ته ته ڪنه رات ان مسجد ۾ وڃي عبادت ڪرياچي. ان حڪم ڏئي ڇڏيو ته ان رات جو اها مسجد خالي رکي وڃي، مسجد کي خالي رکيو

ويو، جڏنهن هو باب ساعات مان داخل ٿيو ته ڇا ٿو ڏسي ته هڪ شخص باب خضرا ۽ ان جي وچ ۾ بيٺو نماز پڙهي. هن ماڻهن کي چيو ته ڇا

مون حڪم ڪو نه ڏنو هو ته مسجد کي ماڻهن کان خالي ڪرايو وڃي؟ ته انهن چيس ته” اي امير المومنين! هي حضرت خضر ع آهن جيڪي هر

رات جو هتي نماز پڙهڻ الء ايندا آهن. )واهلل اعلم

Page 14: قصو حضرت خضر عليه اسلام جو

جي پيشڪش( ساوا)آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن سنڌي 14

.قصو حضرت خضر عليه الصالت والسالم )پارٽ نائون()آخري قسط(. هڪ پنجين ۽ ڇهين حڪايت

ابن عساڪر، رباح بن عبيده رضيه کان روايت ڪيو. چون ٿا ته” مون هڪ شخص کي ڏٺو جيڪو حضرت عمر بن عبدالعزيز رح سان گڏ هلي

رهيو هو سند هٿ جو سهاو وٺندي پئي ويو، مون پنهنجي دل ۾ سوچيو ته هي شخص ڊنل پيو لڳي چون ٿا ته جڏنهن هو نماز پڙهي واپس وريو ته

مون پڇيومان ته اهو شخص ڪير هو جيڪو ٿورڙو اڳ اوهان جو سهارو جهلي هلي رهي هو؟ انهن فرمايو ته اي رباح! ڇا تو ان شخص کي ڏسي

ورو هو؟ مون چيومان ها! ته انهن چيو ته مان توکي هڪ نيڪ انسان ٿو سمجهان هو مهنجو ڀاء خضر ع هئا انهن مونکي خوشخبري ڏني ته مان

“عنقريب حڪمران بڻجي ويندس ۽ عدل ڪندس

شيخ ابوالفرج بن جوزي رح چوي ٿو ته رملي، عالمن جي ويجهو مجروح آهي. ابوالحسن بن منادي، ضمره سري ۽ رباح تي سخت جرح ڪئي.

رباح حضرت عمر بن عبدالعزيز رح جي حوالي سان هڪ حديث بيان ڪئي آهي جنهن ۾ هو ذڪر ٿو ڪري ته حضرت خر ع جي ساڻن موالقات

.ٿي هئي. ان کي سني عالم ضعيف لکيو آهي

ابن عساڪر هڪ ٻي حديث ۾ روايت ٿو ڪريته جنهن ۾ هي بيان ڪيو ويو آهي ته هو ابراهيم تيمي، سفيان بن عينيه ۽ ٻين گهڻن ئي ماڻهن سان

مليو )انهن ماڻهن جا ناال ڏبا ته فهرست تمام تويل ٿي ويندي( انهن حڪايتن ۽ روايتن کي بنياد بڻائي ماڻهون چوڻ لڳن ٿا ته حضرت خضر ع

اڃا تائين جيئرا آهن، اهڙيون روايتون دين ۾ دليل نٿيون بڻجي سگهن. حڪايتن کي اڪثر ضعيف سندن کان روايت ڪيو وڃي ٿو، وڌ ۾ وڌ

Page 15: قصو حضرت خضر عليه اسلام جو

جي پيشڪش( ساوا)آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن سنڌي 15

اهو چئي سهجي ٿو ته انهن جو سند صحابي يا غير صحابي تائين صحيح آهي مگر هي نفوس قدسيه به معصوم الخطاء ته ناهن انهن کان به

(غلطيون ٿي سگن ٿيون. )واهلل اعلم

عبدالرزاق رح چون ٿا ته اسان کي معمر ٻڌايو، انهن زهري کان روايت ڪيو، چون ٿا ته اسان نبي صلي اهلل عليه وسلم جن کان دجال جي م طعلق

گفتگو ڪئي. ان گفتگو ۾ پاڻ صلياهلل عليه وسلم جن ٻڌايو ته دجال ايندو مگر مدينه طيبه جي حدن ۾ ان جو داخل ٿيڻ حرام هوندو. هڪ ڏينهن

هڪ شخص تمام ماڻهن کان بهتر هوندو مديني طيبه مان نڪري ان وٽ ويندوپ)راويء کي شق آهي ته خيرالناس جا لفظ چئي يا من خيره

جا لفظ( ۽ ان کي چوندو ته” گواهي ڏيان ٿو ته تون ئي دجال آهين جنه متعلق حضور بني ڪريم ص جن خبر ڏني آهي. دجال چوندو )پنهنجي

ساٿين کي( ڇا خيال آهي جي مان هن شخص کي قتل ڪري ڇڏيان، پو ان کي جيئرو ڪري ڇڏيان ته ڇا توهان مون بابت شق ڪندئو؟

ماڻهون چوند ته نه! دجال ان شخص کي قتل ڪري ڇڏيندو ۽ پوء وري ان کي جيئرو ڪري ڏيکاريندو ته جڏنهن اهو شخص ٻيهر جي اعندو ته

.دجال کي چوندو ته اهلل ج جو قسم! مان پهرئين تنهنجي باري ۾ ايتري بصيرت ڪونه رکندو هئس، مگر قتل نه ڪري سگهين ها

معمر چوي ٿو ته مون تائين اها ڳاله پهتي آهي ته دجال جي ڳڄيء ۾ چانديء جو هڪ ڪتاب لٽڪي رهيو هوندو ۽ مون وٽ اها ڳله به پهتي آهي

ته اهو شخص جنهن کي دجال قتل ڪري وري جيئرو ڪندو اهو حضرت خصر عليه الصالت وسالم هوندو. )هيء حديث زهري جي حوالي

.(سان صحصحين مان ورتي وئي آهي

ابواسحاق ابراهيم بن محمد بن سفيان الفقيه جيڪو امام مسلم مان روايت ٿو ڪري چوي ٿو ته اهو چوڻ ته صحيح آهي ته اهو شخص)جنهن کي

دجال قتل ڪري وري جيئرو ڪندو( حضرت خضر ع ئي هوندا ليڪن معمر وغيره جو چوڻ بلغني حجت ڪونهين. ان حديث ۾ اهي لفظ به ملن

ٿا ته هڪ ڀرپور جوان ايندو ته دجال ان کي قتل ڪري ڇڏيندو ۽ ان شخص جو اهو چوڻ ته ان جي باري ۾ نبي سائين ص جن اسانکي ٻڌايو

آهي. هي لفظ ان ڳاله جي مقتصي ناهن ته حضرت خصر ع ، بالمشافهه بني ص جن کان اهي لفظ ٻڌا آهن. اهو به ٿي سگهي ٿو ته ان کي اهي

لفظ تواتر سان مليا هجن. عالمه ابوالفرج ابن جوزي رح پنهنجي ڪتاب ”عجالته المنتظر في شرح حالته الخضر“ ۾ ان سلسلي ۾ وارد ٿيڻ وارين

حديثن جي خوب ڇنڊ ڃڪ ڪرڻ کان پوء بيان ٿو ڪري ته تمام موصوع ۽ اصهاب، تابعين ۽ پوء اچڻ وارن ماڻهن جي روايت ڪندڙ آثارن جي

باري ۾ بيان ڪري چوي ٿو ته انهن حڪايتن جي سندون ڪمزور آهن. واهلل اعلم بثواب

پ ڄاڻي.