sindhi screen play (هاءِ مُهنجي ڪار مزڊا ٿائوزنڊ) by: abdul razzaque memon

12
هنجي ڪارُ ڙي م ها* ٿائوزنڊ مزڊا* يمڻ عبدالرزاق م: ا ۽ منظرڪشي ڪالمُ تحرير مALL RIGHTS OF THIS SCRIPT, DIALOGUE, LOCATIONS, STORY ARE RESERVED WITH WRITER (Abdul Razzaque Memon) Page 1 ) ٽ بنگلو يونون( ايڪٽ پهريون ڏبي ترتيب پون کي سيزار سان با ساهڙين پنهنجي داري ۾خريئين ڪارجي ن هنُ پهرئين مد لمحان چن وُ ئي هُ هر ۾ ڪانه هنجي زال گهُ وقت من نُ ائش تي آئون اڄندس فرما ڇو جو سر ۾ هوسي. آئون گه ئُ ڊ بنگلي ۾ ئي پارڪ ه ٿائوزنر مزڊاڻي ڪا راُ ندس پ ئي ۽ سُ وئي ه ٽ کيُ نڍڙي پجي نحت، پنهننسٽر جي حڪم تينٽ م ڊپارٽميو هوس ۽ هوم هچي وُ وٺي جلد گهر پ آفيس مان موڪلن ۾ رکيل مان گهر جيگلي ن نهنجي بنُ ن وقت مُ پينگهو انڍڙو جو نو هوس. هي ٻارن رهي مهاريُ اري س ۾ جهوٽا ڏينگهي پيهنيو هو. ان ڪري بند ڪرڻ وسري و ئڻ جيُ سل رهن کي ٻار جي مسليل هو جن لُ ر جو مين گيٽ به ک نهنجي گهُ ڃا م هو ۽ اي رهيسي ۾ اچي به ٿائوزنڊ جي پار داخل ٿي وئي ۽ مزڊا انديل گيٽ مان ڪار کلندار سوڪد لمحن ۾ ئي هڪ شا چنو پنهنجو تعارف جو هو ۽ اچي هنيڻ جو انداز بيچيچولو ۽ اچندس قد و ، مون طرف آيو. سڪ شخص لهي ه مان پوهن جن ڪرائڻ لڳو. ويس !ل ڏسي اندر اچي ليُ ي سامهون ۽ در ک جي معافي ! توهانک ستاخيُ عليڪم ! گم شخص : اسم ڪريو !ر آ ! ... جي حڪ خي)گوارينا( : آئونخبار ا ڻ هن ڪار کي وڪڻ)و ڪريشارا( غالبني آهي ! توهان رانُ يم دجو نالو شم نهنُ م)ندي وڌائي ئڻهٿ م( : شخصو آهيان ! ۾ آيلسلين ان سار ڏنو هو ! ما ۾ اشتهچان ٿو!ري ا مهاُ بيڊروم ۾ سٽ ! آئون ٻار کي ٺيڪ آ ! هڪ من) کڻندي تل ٻار کيُ گهي مان سپين( : آئون رهيو جائزو وٺي مزڊا جو سرسريڻي ڪار راُ هنجي پُ راني مُ آيس ۽ د ٻاهر نڪريخل ٿي ٻار کي سمهارڻ کان پو بيڊ روم ۾ دا ڪار جي ڪيو ۽ پو چيڪر سان ٿڏو هڻي به پي جي ٽائرن کي ن ڪارُ ستائين جو هو هو اي رهي تاڙي هو هو هر شي کيان پئي ٿئو جو مون به اطمينو هو! مونکي رهيسچر ڏئي مسڪرائي ئڻ جو گيُ ه ڪار پسسنديدهٿ گهمائي ه ڇت کي به ئين سواه چوڻ کا جهُ ئي پر ڪُ آيا ه هون ڪار ڏسڻا ئي ماڻ کان گهڻهنيع ڪرايو هو تڏنشتهار شار ۾ اخبان اهن کا جڏن بل آخر مزڊاري ڪارڊل واڻي ما راُ نهنجي پُ هن کي مڪ ته آيو جنل هڪ اهڙو گراه ئا. بهرحاُ ويندا ه هليا ڇڙو ڪريُ هن ب نُ م ئي.ُ زنڊ وڻي وئي ه ٿائوڪڻو ڇو پيا ! ان کي و ! پوَ شن ۾ رکي اٿوڊ ڪنڊي گاڏي ته سائون)ٿن کي مهٽو ڏئيه( : شخص

Category:

Entertainment & Humor


7 download

DESCRIPTION

ڌاڙيل گيري، موالي گيري، ڀوتار گيري، ڪمدار گيري جي پرچار (پروموشن) ڇڏي، ان کان علاوه به هزارين اهڙا سماجي اشوز آهن جن تي سنڌي اسڪرپٽ ليکاري ، اديب، شاعر يا ڊراما ڊائريڪٽر يا سنڌي سيٽلائيٽ چينل جا پروگرام مئنيجر پنهنجو قلم ۽ اختيارات سان سنڌي قوم کي غلاميءَ جي ترغيب ڏيندڙن عملن کان پاسو ڪرائي سوڀ پائي سگهن ٿا. فيصلو ڪري ميدان تي اچو ته هاڻ سنڌي قوم جو مستقبل موالي ازم وارو گروپ تشڪيل ڪونه ڏيندو ، جيڪي رُڳو موالين کي هڪ ڪري اڳيان آڻڻ جي ڪوشش پيا ڪن ۽ انهن جي محفلن ،اوتارن ۽ اوطاقن تي ڀوتار، جاگيردار ۽ وڏيرا شاهي جيڪا مُفت ونگار يا نشي جي علت وجهي سنڌي معصوم جنريشن کي تباه ڪري رهي آهي اهي ڪونه سيٽ ڪندي. سنڌ جي نئين ايندڙ جنريشن جيڪا هن وقت مڪملل اخلاقي توڙي، سماجي، توڙي ، ڪاپي ڪلچر ۽ بغير ميرٽ نوڪريون حاصل ڪندڙ تباه حال ۽ ڪمزور ترين جنريشن آهي ۽ جيڪا هاڻ گهڻي قدرموالي ازم ڦهلاءَ ۽ ٻڌيءَ سان سنڌي معاشرو مُڪمل تباه ڪري چُڪي آهي. ياد رکو ته سنڌي دُنيا جي اها معصوم ۽ اونداهيءَ ۾ جبر ٿيل پليل قوم آهي جنهن تي اسان جي ميڊيا گهڻي تيزيءَ سان اثر ڇڏي ٿي ان ڪري اهڙا اسڪرپٽ لکجن، پروگرام ڊراماٽايز ڪري پيش ڪجن جيڪا سنڌي قوم ۾ اصلاح آني. ۽ اوهانجي سماج موجب اُهو وچڙجندڙ موالي ناسور جنهن ۾ عام سنڌي کان علاوه گهڻي ڀاڱي توهان جا ڏاها، سماج سُڌار، اديب، ليکاري، شاعر، پروگرام ڊائريڪٽر، پروگرام مئنيجر ، پروگرام هوسٽ جيسين نشي پت کان آزاد نه ٿيندا ۽ نشي پتي ڪرڻ وارن کي ئي صرف اڳتي کڻي هلڻ نه ڇڏيندا سنڌي قوم دُنيا جي ٻين قومن وانگر باشعور قوم نه بلڪه وڏيرن جي غلام قوم ئي رهندي. انهن هزارن بهترين اشوز مان (هاءِ مُهنجي ڪار ! مزڊا ٿائوزنڊ) به هڪ اهڙو اسڪرپٽ آهي جيڪو سنڌي سماج سڌار ۽ موالي گروپ جو بائڪاٽ ڪري سنڌي قوم کي وڌيڪ غلام بڻائي پيش ڪرڻ لاءِ ٻين اشوز تي قلم کڻي پيش ڪيو پيو وڃي.

TRANSCRIPT

Page 1: Sindhi Screen Play (هاءِ مُهنجي ڪار مزڊا ٿائوزنڊ) By: Abdul Razzaque Memon

هاء ڙي مهنجي ڪار

* مزڊا ٿائوزنڊ * تحرير مڪالما ۽ منظرڪشي : عبدالرزاق ميمڻ

ALL RIGHTS OF THIS SCRIPT, DIALOGUE, LOCATIONS, STORY ARE RESERVED WITH WRITER (Abdul Razzaque Memon) Page 1

ايڪٽ پهريون )ون يونٽ بنگلو( سين کي ترتيب پوء ڏبي

ن وقت منهنجي زال گهر ۾ ڪانه هئي هوء چند لمحان پهرئين مهنجي نئين ڪار ۾خريداريء الء پنهنجي ساهڙين سان بازار ا

وئي هئي ۽ سندس پ راڻي ڪار مزڊا ٿائوزنڊ بنگلي ۾ ئي پارڪ هئي. آئون گهر ۾ هوس ڇو جو سندس فرمائش تي آئون اڄ آفيس مان موڪل وٺي جلد گهر پهچي ويو هوس ۽ هوم ڊپارٽمينٽ منسٽر جي حڪم تحت، پنهنجي ننڍڙي پٽ کي

ن وقت منهنجي بنگلي نمان گهر جي الن ۾ رکيل پينگهي ۾ جهوٽا ڏياري سمهاري رهيو هوس. هي ٻارن جو ننڍڙو پينگهو ا

ليل هو جنهن کي ٻار جي مسلسل رئڻ جي ڪري بند ڪرڻ وسري ويو هو. انهن هو ۽ اڃا منهنجي گهر جو مين گيٽ به ک

چند لمحن ۾ ئي هڪ شاندار سوڪ ڪار کليل گيٽ مان اندر داخل ٿي وئي ۽ مزڊا ٿائوزنڊ جي پاسي ۾ اچي بهي رهي جنهن مان پوء هڪ شخص لهي ، مون طرف آيو. سندس قد وچولو ۽ اچڻ جو انداز بيچينيء جو هو ۽ اچي هو پنهنجو تعارف

ڪرائڻ لڳو.ليل ڏسي اندر اچي ويس !

ستاخيء جي معافي ! توهانکي سامهون ۽ در ک

شخص : اسالم عليڪم ! گ

آئون : )ناگواري( خير آ ! ... جي حڪم ڪريو ! شخص : )هٿ مالئڻ الء وڌائيندي( م نهنجو نالو شميم دراني آهي ! توهان غالبن )اشارو ڪري( هن ڪار کي وڪڻڻ الء اخبار

۾ اشتهار ڏنو هو ! مان ان سلسلي ۾ آيو آهيان ! آئون : )پينگهي مان ستل ٻار کي کڻندي( ٺيڪ آ ! هڪ منٽ ! آئون ٻار کي بيڊروم ۾ سمهاري اچان ٿو!

بيڊ روم ۾ داخل ٿي ٻار کي سمهارڻ کان پوء ٻاهر نڪري آيس ۽ دراني مهنجي پراڻي ڪار مزڊا جو سرسري جائزو وٺي رهيو هو هو هر شي کي تاڙي رهيو هو ايستائين جو هن ڪار جي ٽائرن کي به پير سان ٿڏو هڻي چيڪ ڪيو ۽ پوء ڪار جي ڇت کي به هٿ گهمائي ڪار پسسنديده هئڻ جو گيسچر ڏئي مسڪرائي رهيو هو! مونکي به اطمينان پئي ٿئو جو مون

جڏنهن کان اخبار ۾ اشتهار شايع ڪرايو هو تڏنهن کان گهڻا ئي ماڻهون ڪار ڏسڻ الء آيا هئي پر ڪجهه چوڻ کان سواء ئي منهن بڇڙو ڪري هليا ويندا هئا. بهرحال هڪ اهڙو گراهڪ ته آيو جنهن کي منهنجي پراڻي ماڊل واري ڪار بل آخر مزڊا

ٿائوزنڊ وڻي وئي هئي. شخص : )هٿن کي مهٽو ڏئي( گاڏي ته سائونڊ ڪنڊيشن ۾ رکي اٿو ! پوء ان کي وڪڻو ڇو پيا !

Page 2: Sindhi Screen Play (هاءِ مُهنجي ڪار مزڊا ٿائوزنڊ) By: Abdul Razzaque Memon

هاء ڙي مهنجي ڪار

* مزڊا ٿائوزنڊ * تحرير مڪالما ۽ منظرڪشي : عبدالرزاق ميمڻ

ALL RIGHTS OF THIS SCRIPT, DIALOGUE, LOCATIONS, STORY ARE RESERVED WITH WRITER (Abdul Razzaque Memon) Page 2

آئون : گاڏي پراڻي ضرور آهي ! پر سائونڊ ڪنڊيشن ان ڪري آهي جو شروع کان هڪ هٿ ۾ رهي آهي ! استعمال صرف گهر کان آفيس يا هفتي ۾ ڪا شاپنگ !

شخص : )ڪار طرف ڏسي( باقي سڀ ٺيڪ آهي ! پر جي اجازت ڏيو ته ٿوڙو هالئي ڏسان ! آئون : )هچڪچاهٽ( ڇا ٻئي ڪنهن ڏينهن ! در حقيقت گهر اڪيلو آهي ۽ مهنجو ننڍڙو هاڻ مس ئي ستو آهي!

شخص : توهان زحمت نه ڪريو ! ڀلي اتي ئي هجو ۽ م نهنجي هيء سوڪ به اتي ئي آهي ! بس چاٻي ڏيو ته سامهون روڊ تي ٻه ٽي ڦيرا ڏئي اچان ٿو ! پوء سودو ڪريون ٿا !

آئون : )چاٻي کيسي مان ڪڍي ڏيندي( جيڪا توهانجي مرضي !شخص : )چاٻي وٺي( مهرباني ! )مزڊا طرف وڃي دروازو کولي ويهي اسٽارٽ ڪري ٿو ۽ پنهنجي سوڪ جو پاسو وٺي مزڊا ٻاهر

ڪڍي وڃي ٿو(ذريا ته

آئون ٻاهر ڪرسيء تي ويهي رهيس ۽ ڪار وڪڻجڻ جي خوشيء ۾ سوچي رهيو هوس اڃا ڪي سيڪنڊ ئي گ

مونکي سوڪ ڪار اسٽارٽ ٿيڻ جي آواز سوچن مان ٻاهر ڪڍيو، ڇرڪ ڀري جو ڏسان تهاها سوڪ تيزيء سان بيڪ ٿي ن ۾ ڊرائيونگ سيٽ تي موجود هو جيڪو غالبن شخص جي اشاري جو منتظر هو ۽ مزڊا

۽ هڪ سورهن کن سالن جو ٻار ا

ٿائوزنڊ جي ٻاهر نڪرڻ سان ڪو اشارو وٺي سوڪ بيڪ ڪري تيزيء سان رفو چڪر ٿي ويو ۽ آئون ان پريشانيء ۾ ته اڪيلي ٻار کي ڪمري ۾ ستل ڇڏي ڪيئن پيڇو ڪريان. مونکي ياد آيو ته ان ننڍي ڇوڪري سوڪ بيڪ ڪري مون ڏانهن مسڪرائي الودائي انداز ۾ پنهنجو هٿ ويو به ڪيو هو ۽ ٻنهي آڱرين سان وڪٽريء جو نشان به بڻايو هو. اهو

ايترو ته جلديء ۾ ٿيو جو مان سوڪ جي نمبر پليٽ تي لکيل نمبر به ڏسي نه سگهيس! ايڪٽ ٻيو )ٿاڻو(

انسپيڪٽر : )مونکي گهوري ڏسي( بيوقوف ! جاهل ! بدمعاش ! آئون : )ڇرڪجي احتجاج ڪندي( يعني ڪار به مهنجي وئي ! ۽ بيوقوف ! جاهل ! بدمعاش به آئون !

ن چور جي پٽ کي پيو چوان ! انسپيڪٽر : توکي ڪونه آهيان بابا ! مان ا

آئون : پوء سڌو سئنون چئو نه ! پر بيوقوف ! جاهل ڇو ؟انسپيڪٽر : )مڇ کي ور ڏيندي( پهرئين بيوقوفي ۽ جهالت اها ته هن توکي پنهنجو نالو ٻڌايو ! ٻي غلطي اها ته پنهنجي سوڪ

۾ تهنجي گهر آيو! ظاهر آهي تو ان سوڪ جي نمبر پليٽ ته ضرور ڏٺي هوندي !ن کي پڪڙي وڌو هوندو!

آئون : )خوش ٿيندي( پوء ته يقينن پوليس ا

انسپيڪٽر : ها ! ت نهنجي رپورٽ سان ئي ڪاروائي شروع ٿي وئي هئي ! آئون : زبردست ! واهه ڙي سنڌ پوليس ! ماڻهون به هرونڀرون پوليس کي !...

انسپيڪٽر : )ڳالهه ڪٽي( پر ! هاڻ توکي پوليس هيڊ ڪوارٽر هلي انهن کي سڃاڻڻو پوندو ! ٻيو ته توکي هاڻ باقائدي سان رپورٽ داخل ڪري صحيح ڪرڻي پوندي !

آئون : ٺيڪ آهي ! آئون تيار آهيان ! هل ته هلون ! )خوشيء ۾ پاڻ سان( هاء مهنجي ڪار مزڊا ٿائوزنڊ ! بابا جي نشاني ! انسپيڪٽر : اڄ نه ! سڀاڻ ٺيڪ اٺين بجي ٿاڻي پهچي وڃجئين !

ايڪٽ ٽيون )گهر(مون وڏي مشڪل سان پورو ڏينهن ڳڻي ڳڻي پورو ڪيو ٻئي ڏينهن گهران نڪرڻ وقت پنهنجي زال کي سخت تاڪيد

ڪئي ته مهنجي آفيس فون ڪري مهنجي باس کي ٻڌائي ته آئون پوليس هيڊ ڪوارٽر وڃان پيو ان ڪري آفيس ٿوري دير ۾ پهچندس !

Page 3: Sindhi Screen Play (هاءِ مُهنجي ڪار مزڊا ٿائوزنڊ) By: Abdul Razzaque Memon

هاء ڙي مهنجي ڪار

* مزڊا ٿائوزنڊ * تحرير مڪالما ۽ منظرڪشي : عبدالرزاق ميمڻ

ALL RIGHTS OF THIS SCRIPT, DIALOGUE, LOCATIONS, STORY ARE RESERVED WITH WRITER (Abdul Razzaque Memon) Page 3

ايڪٽ چوٿون )پوليس هيڊ ڪوارٽر(افسوس منهنجو پورو ڏينهن پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ لڳي ويو ۽ آئون آفيس نه وڃي سگهيس ۽ رات تائين هيڊ ڪوارٽر ۾

هو پوليس هيڊ رهيس ان ڪري ته جيڪو انويسٽيگيشن انسپيڪٽر ڪار سنيچنگ م نهنجي ڪيس کي ڏسي رهيو هوا

ڪوارٽر ۾ هوئي ڪونه۽ هو ڪنهن ٻئي ڪيس جي سلسلي ۾ آفيس مان نڪري ويو هو. هن جو نالو خادم هو. رات جو ڏهين بجي کان پوء هو واپس آيو ۽ پوء مهنجي رپورٽ لکي وئي ۽ رات جي يارنهن وڳا ته آئون گهر الء روانو ٿي ويس. اها

ن ۾ به منهنجي ن کي ٽائيپ ڪيو ويو ۽ ا

رپورٽ مون طرفان ڏنل معلومات جي روشنيء ۾ پهرئين هٿ سان لکي وئي ۽ پوء ا

نالي جي اسپيلنگ غلطي هئي. بهرحال مون ان ڳالهه کي نظر انداز ڪندي ٽائيپ ٿيل رپورٽ تي به صحيح ڪري ڇڏي ۽ انسپيڪٽر خادم به مطمئن ٿي ويو ۽ پوء هو مونکي پاڻ سان گڏ هڪ وڏي هال ۾ وٺي آيو جنهن ۾ هڪ قطار ۾ ڪي

هو شخص شميم دراني ۽ 61 سالن جو ڇوڪرو به هو جيڪو سوڪ ڪار بيڪ ڊرائيو نهن ۾ ا

ماڻهون بيٺل هئا ۽ ا

ڪري کڻي ويو هو. شناختي پريڊ ٿي مون انهن ٻنهين طرف اشارو ڪري سڃاتو. خادم : تو صحيح سڇاتو آهي نه ! پڪ اٿئي ته اهي ٻئي ڪار چور آهن !

آئون : ها ! بلڪل اهي ئي آهن ! خادم : )ٻين سپاهين کي( ٺيڪ آ ! ٻين کي ڇڏي ڏيو ۽ هنن ٻنهين کي الڪ اپ ڪري ڇڏيو !

سپاهي : اڙي هلو ! )وڃن ٿا( ۽ آئون انسپيڪٽر خادم کي گهوري ڏسڻ لڳس. خادم : هاڻ ڇا آهي ! اڃا ڪجهه چوڻو آهي ! بابا ڏوهاري الڪ ٿي ويا نه!

آئون : ها ! پر مهنجي ڪار ! اها ڪڏنهن واپس ٿيندي ! خادم : اوهو! ته اها پريشاني آ ! ان الء ته توکي انتظار ڪرڻو پوندو !

آئون : انتظار ڇو ! مجرم ته الڪ ٿي ويا نه! خادم : پهرئين اهو مقدمو عدالت ۾ ويندو ! ان جو فيصلو ٿيندو ! پوء ئي توکي تنهنجي بليال واپس ملندي!

آئون : بليال نه ! مزڊا ٿائوزنڊ ! خادم : ها ها! اها ئي مزڊا ٿائوزنڊ

آئون : مونکي پنهنجي مزڊا ٿائوزنڊ الء ايترو انتظار ڪرڻو پوندو! پر ڇو! مون ڏي ڪاغذ آهن نه! خادم : پهرئين عدالت ان ڳالهه جو فيصلو ڪندي ته ڇا واقعي اها ڪار ملزم شميم چورائي آهي !

آئون : ٺيڪ آهي ! ايترو انتظار به ڪريان ٿو! پر اهو مقدمون عدالت ۾ هلندو ڪڏنهن !هو مهنجو پورو ڏينهن ان ڪاروائيء ۾ ضايع ٿي ويو(

خادم : توکي اطالع ملي ويندو. )بهر حال ا

ايڪٽ پنجون )باس جي آفيس(مون پنهنجي باس مسٽر جماليء ٽيليفون تي معذرت ڪرڻ کان پوء به وڃي سند آفيس ۾ معذرت ڪئي جيڪا هن

هڪ بهترين انسان جي حيثيت سان خوش اخالقيء ۾ قبول ڪري ورتي. ايڪٽ ڇهون )گهر(

ٽن هفتن جي انتظار باوجود مونکي ان مقدمي جي باري ۾ ڪو به اطالع نه مليو ۽ پوء هڪ ڏينهن ٿاڻي تان سپاهيء اچي مونکي ٻڌايو ويو ته مهنجو مقدمو مئجسٽرٽ عدالت ملير ۾ پيش ٿيڻ وارو آهي تنهنڪري مان سرڪاري وڪيل سان

ملي وٺان. ايڪٽ ستون )مئجسٽرٽ ملير جي عدالت ٻاهران (

Page 4: Sindhi Screen Play (هاءِ مُهنجي ڪار مزڊا ٿائوزنڊ) By: Abdul Razzaque Memon

هاء ڙي مهنجي ڪار

* مزڊا ٿائوزنڊ * تحرير مڪالما ۽ منظرڪشي : عبدالرزاق ميمڻ

ALL RIGHTS OF THIS SCRIPT, DIALOGUE, LOCATIONS, STORY ARE RESERVED WITH WRITER (Abdul Razzaque Memon) Page 4

آئون ملير ڪورٽ ۾ وڃي سرڪاري وڪيل سان مليس جتي م نهنجو اڌ ڏينهن کن لڳو ۽ ان ڏينهن غير حاضريء ڪري منهنجي اڌ ڏينهن جو پگهار به ڪٽجي ويو. ان اڌ ڏينهن ۾ سرڪاري وڪيل مونکي اهو سمجهائيندو رهيو ته آئون عدالت

۾ ڪيئن ڳالهائيندس، مئجسٽرٽ )جج( جا جواب ڪيئن ڏيندس ۽ اها هڪ طرح جي ريهرسل هئي بل آخر مونکي 03 مئي جو عدالت ۾ حاظر ٿيڻ جوحڪم مليو ۽ مون اڌ ڏينهن پگهار ڪٽوتيء تي به شڪر بجا آندو جو هاڻ مونکي پنهنجي

ڪار مزڊا ٿائوزنڊ واپس ملڻ واري هئي. ايڪٽ اٺون )مئجسٽرٽ ملير جي عدالت اندر (

اهو ڇنچر جو ڏينهن هوعدالت جي ڪاروائي ڏهين بجي شروع ٿي پر آئون ستي بجي ئي عدالت پهچي ويو هوس. گواهن جي ڪٽهڙي ۾ ٻنپهرن تائين ويٺو برهيس پر مونکي نه سڏيو ويو ۽ هڪ بجي بيلف اچي ٻڌايو ته لنچ جو وقفو ٿي ويو آهي

تنهنڪري مان به وڃي ڪجهه کائي پي اچان. حالنڪه مزڊا ٿائوزنڊ جي جدائيء ۾ مهنجي بک به مري چڪي هئي. ايڪٽ نائون )مئجسٽرٽ مليرعدالت جي ڪئنٽين (

مون ڪورٽ ڪئنٽين ۾ وڃي دل نه چاهيندي به مزڊا ٿائوزنڊ کي اکين ۾ رکي ڪڙي دل سان لنچ ڪئي ۽ لنچ جو وقفو ختم ٿيڻ کان پهرئين واپس نڪري ويس

ايڪٽ ڏهون )مئجسٽرٽ ملير جي عدالت اندر ( ڪورٽ پهچي پنهنجي واري جو انتظار ڪرڻ لڳس پر ٽين بجي تائين عدالت جي ڪاروائي شروع ٿي نه سگهي ۽ چئين

بجي وري بيلف مون وٽ آيو. بيلف : توهان گهر وڃي سگهو ٿا !

آئون : ڇا مطلب ! بيلف : مطلب ته عدالت جو وقت ختم ٿي ويو آهي !

آئون : ۽ مهنجي مقدمي جي ٻڌڻي ! بيلف : اها پوء ٿيندي !

آئون : پوء به ڪڏنهن ! ڪا تاريخ واريخ !ن وقت اچجئين جيئن اڄ آيو هئين !

بيلف : پوري هڪ مهني کان پوء ! 03 جون تي ! ا

آئون : پر مهنجي مقدمي جي ٻڌڻي اڄ ڇوڪونه ٿي سگهي! نه ٿيڻي هئي ته گهرايو ئي نه ها! اجايو موڪل ڪيم ۽ ڏهاڙي ڪٽايم !

بيلف : ان ڪري جو ملزم شميم جي وڪيل درخواست ڪئي هئي ته کيس موئڪل جي ڪيس تياري الء ايترو وقت ڏنو وڃي !

آئون : )مون بيلف کي ڪرڙين اکين سان ڏسڻ شروع ڪيو( مهنجو ڪهڙو ڏوهه!بيلف : هاڻ مونکي اهڙين نظرن سان ڏسڻ بند ڪر! تون موکي ڏڙڪائي ڪونه سگهندي ! عدالتي ڪاروايون ائين ئي

هلنديون آهن. شايد تهنجو عدالت سان واسطو پهريون ڀيرو پيو آهي جو ناراضگي پيو ڏيکارين ! )آئون پريشان ٿي الچار مٿوڌوڻي گهر هليو ويس(

ايڪٽ يارهون )گهر ( گهر پهچي هر ڳالهه تي پريشان ٿي زال کي ڇڙٻون ڏيندو رهيس ۽ هوء مونکي آٿتون ڏيڻ لڳي

ايڪٽ ٻارهون )باس جي آفيس (

Page 5: Sindhi Screen Play (هاءِ مُهنجي ڪار مزڊا ٿائوزنڊ) By: Abdul Razzaque Memon

هاء ڙي مهنجي ڪار

* مزڊا ٿائوزنڊ * تحرير مڪالما ۽ منظرڪشي : عبدالرزاق ميمڻ

ALL RIGHTS OF THIS SCRIPT, DIALOGUE, LOCATIONS, STORY ARE RESERVED WITH WRITER (Abdul Razzaque Memon) Page 5

آفيس پهچي باس جي ناراضگي ۽ دير سان اچڻ يا غير حاظر رهڻ جون وارنگ وٺندو رهيس. ايڪٽ تيرهون )مئجسٽرٽ ملير جي عدالت ٻاهران (

نيٺ مهنو انتظار ڪيم ۽ هن دفعي به خميس ڏينهن صبح ساڻ عدالت پهچي ويس. هن دفعي گواهن واري جڳهه تي انتظار ۾ ويهڻ بجاء جي ڪمري ۾ اندر وڃي ويهي رهيس ۽ ٻئي ڪنهن ڪيس جي ڪاروائي ٻڌڻ لڳس. شايد هن دفعي به

قسمت مونسان گڏ نه هئي ڇو جو بيلف اچي ٻڌايو ته اڄ به مهنجي ڪيس جي ٻڌڻي ڪانه ٿيندي ۽ آئون سومر جو اچان. ڪاوڙ ته ڏاڍي آيم پر ڇا ٿي ڪري سگهيس سواء ان جي ته پاڻ کي تسلي ڏيان ته ٽن ڏينهن جي ڳالهه ته آهي تنهنڪري

صبر ۽ شڪر کان سواء ڪو چارو ڪونه هو. ايڪٽ چوڏهون )گهر (

گهر پهچي وري پريشانيء جي پرچار ڪرڻ لڳس.

ايڪٽ پنڌرهون )مئجسٽرٽ ملير جي عدالت ٻاهران (خير سومر جو ڏينهن به اچي پهتو جڏنهن عدالت سڳوري پهتس ۽ عدالت لڳي ته خبر پئي ته ملزم شميم جو وڪيل بيمار آهي ۽ هو اڄ عدالت ۾ حاضر ڪونه ٿيندو ۽ سندس درخواست آيل آهي. جج سڳورو به ان غير حاضريء تي ڪاوڙ ۾ هو ۽

کيس هن مقدمي جي تاريخ اڳتي وڌائڻي پئجي وئي. ايڪٽ سورهون )باس جي آفيس (

منهنجو باس هن صورت حال ڪري مونکان ناخوش ٿيندو ويو، ڇو جو ڪيس ٻڌڻيء ڪري آئون موڪلون به ڪري رهيو هوس ۽ ليٽ آفيس به اچي رهيو هوس. جڏنهن مون وري هن سان معذرت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته

آئون : سر ! معافي ٿو گهران بس هن دفعي انشااهلل مقدمي ۾ مسئلو حل ٿي ويندو. باس : هڪ ڳالهه چوئين! جي خراب نه لڳن ئي ته!

آئون : سر اکين تي ! باس : ڳالهه اها آهي ته! صرف بيوقوف ئي هوندا آهن جيڪي قانون جو در ٺڙڪائيندا آهن !

آئون : )ڪاوڙجي( سر توهان به عجيب ڳالهه ڪئي آ ! ڪار به مهنجي وئي ! ۽ بيوقوف به مونکي پيا چئو! ڇا مون چور کي درخواست ڪئي هئي ته مهنجي ڪار کڻي وڃي !

باس : )ناگواري( ڳالهه جو ڳالهوڙو نه ٺاهه ! ايڏو جذباتي ڇو پيو ٿين ! )تسلي( پر مهنجي ڳالهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪر! قانون ڪنهنجي مدد نٿو ڪري ! قانون وٽ ويندين ته هو توکي اهڙن بهانن سان نچائيندو ! پريشان ڪندو ! ايستائين جو

توکي عاجز ڪري ڇڏيندو ! ۽ تون ٻيهر قانون ڏي وڃڻ کان توبهن گهرندي !آئون : پر سر ! هاڻ ته آئون قانون ڏي وڃي چڪو آهيان ! ۽ جي هاڻ پوئتي ٿو هٽان ته قانون جي نظرن ۾ مجرم بڻجي ويندس

! تنهنڪري مهرباني ڪريو ! مونکي اها سزا ڀوڳڻ ڏيو ! )نڪري وڃي ٿو( ايڪٽ سترهون )مئجسٽرٽ ملير جي عدالت ۾ (

آخر اهو ڏينهن به اچي ويو جڏنهن مهنجي ڪيس جي باقائدي ٻڌڻي شروع ٿي وئي ۽ مونکي پنهنجي اکين تي اعتبار نه پئي ميد ٿي چڪو هوس! بهر حال هيء مقدمو صرف ڏهه منٽ هليو،

ٿيو ڇو جو ڪورٽ جا چڪر لڳائي آئون مڪمل نا ا

جج الزام پڙهيا، ملزم شميم کي ڏوهاري قرار ڏيندي فيصلو به ٻڌائي ڇڏيو

Page 6: Sindhi Screen Play (هاءِ مُهنجي ڪار مزڊا ٿائوزنڊ) By: Abdul Razzaque Memon

هاء ڙي مهنجي ڪار

* مزڊا ٿائوزنڊ * تحرير مڪالما ۽ منظرڪشي : عبدالرزاق ميمڻ

ALL RIGHTS OF THIS SCRIPT, DIALOGUE, LOCATIONS, STORY ARE RESERVED WITH WRITER (Abdul Razzaque Memon) Page 6

جج : حاالت، واقعات، شهادت ۽ گواهين جي روشنيء ۾ ملزم تي ڏوهه ثابت ٿيو آهي ! ان ڪري هيء عدالت ڏوهاري شميم کي هڪ سال جي آزمائشي مدت الء آزاد ڪري ٿي ! )عدالت ۾ هن عجيب فيصلي تي ڀڻ ڀڻ( آرڊر ! آرڊر ! )خاموشي( جي ان مدت آزاديء دوران ! ڏوهاري شميم ٻيهر اهڙي ڪا حرڪت نه ڪئي ته کيس مستقل آزادي ملي ويندي !)وري ڀڻ

ڀڻ ۽ ناظرين عجيب نظرن سان هڪ ٻئي کي ڏسن پيا( آرڊر ! آرڊر )مڪمل خاموشي( جي نه ته ٻي صورت ۾ ! ڏوهاري شميم درانيء کي ٻئي جرم ڪرڻ ڪري پنج سال بامشقت قيد ڏنو ويندو ! عدالت برخواست !

ايڪٽ ارڙهون )مئجسٽرٽ ملير جي عدالت ٻاهران ( آئون ان عجيب فيصلي تي حيران ۽ پريشان ٿي ٻاهر نڪتس ته بيلف ۽ ان جو ڪو ساٿي وڌي مسڪرائي مون وٽ آيا

بيلف : هاڻ ته خوش آهين نه ! ڪيس نه ٻڌڻيء تي واويال پئي ڪيئي ! آئون : )حيرت( خوش آهيان !

ساٿي : قانوني ڪمن ۾ دير ضرور لڳندي آهي پر بحر حال انصاف ضرور ٿيندو آهي جيئن توسان ٿيو!آئون : هي انصاف آ ! جنهن شخص مهنجي گهر ۾ گهڙي ! مهنجي ڪار چورائي ويو! کيس هڪ سال آزمائشي مدت تي رها

ڪيو ويو! )ناگواري( حيرت آهي ننڍين ڪورٽن جي انصاف تي ! )ٻاهر نڪرڻ لڳي ٿو( ايڪٽ اوڻيهون )وڪيل جي آفيس(

ان دوران سرڪاري وڪيل به ڪورٽ اندران نڪري اسٽامپ وينڊرس شاپ وٽ پنهنجي آفيس ۾ اچي ويٺو ۽ مونکي مسڪرائي اهڙيء طرح ڏٺو ڄڻ ته وڏو ڪو ڪيس کٽي ويٺو آهي !

وڪيل : ڀانيان ٿو ته هاڻ تون به گهڻو خوش هوندي ته هن مقدمي مان بل آخر تهنجي جان آزاد ٿي وئي ! آئون : )تلخي( ها ! گهڻو خوش آهيان ! ان ڳالهه تي به ته ! ڪار چورائڻ واري کي به جرم ثابت ٿيڻ تي رهائي ملي وئي!

وڪيل : گهٻراء نه ! سندس اها رهائي به آزمائشي مدت تائين آهي! آئون : واهه ! آزمائشي مدت !

وڪيل : مهنجي خيال ۾ ته جج بهترين فيصلو ڏنو آهي ! اصل ڳالهه ته اها هئي ته ڏوهه ثابت ڪجي ! سو ٿيو ۽ ملزم اقرار به ڪيو!

آئون : سڀ ٿيو !جرم ثابت ٿيو يا نه ! پر مونکي پنهنجي مزڊا ٿائوزنڊ ڪڏنهن ملندي ! مونکي ته پنهنجي ڪار ڏياريو! وڪيل : ڪار وٺڻ الء ته توکي ٻيهر عدالت جو در ٺڙ ڪائڻو پوندو!

آئون : )مٿي تي هٿ( معني وري نئون مقدمون ! وڪيل : )مسڪرائي( اهوئي قانوني رستو آهي !

آئون : نئون مقدمون ! نيون تاريخون ! نئين ڊوڙ ڊڪ ! وڪيل جي آفيس مان نڪري اچي ٿو( ايڪٽ ويهون )گهر ۾ ڊائنگ ٽيبل تي (

گهر جي ڊئننگ ٽيبل تي رات جي ماني کائڻ دوران زال کيس پريشان ڏسي رهي آهي ! زال : اڌ پگهر ته ويو ڪٽجي ڪورٽ چڪرن ۾ ! هاڻ هي مهنون ڪيئن هلندو !

آئون : ها بجٽ ته آئوٽ ٿي وئي! پر ڪار نه ملڻي هئي سا نه ملي ! زال : ۽ ڏوهاري وري آزمائشي رهائيء تي ! واهه ڙي انصاف !

آئون : )خيالن ۾( اهو ٺيڪ ڪونه ٿيو ! ٺيڪ ڪونه ٿيو !زال : )ڪجهه سوچڻ کان پوء حيرت ۾(ڏس ! تون ائين ڇو نٿو ڪرين ته وري ڪار الء وڪيل سان ملين! متان ڪو

مشعورو ڏي ! ڪا ترڪيب ٻڌائي !

Page 7: Sindhi Screen Play (هاءِ مُهنجي ڪار مزڊا ٿائوزنڊ) By: Abdul Razzaque Memon

هاء ڙي مهنجي ڪار

* مزڊا ٿائوزنڊ * تحرير مڪالما ۽ منظرڪشي : عبدالرزاق ميمڻ

ALL RIGHTS OF THIS SCRIPT, DIALOGUE, LOCATIONS, STORY ARE RESERVED WITH WRITER (Abdul Razzaque Memon) Page 7

آئون : اڳئي ملي چڪو آهيان ! چوي ٿو ته وري ڪار وٺڻ الء مقدمون ڪر! زال : پوء !

آئون : پوء ڇا ! چوي ٿو ته ڪيس ڪرڻ سان ايتري رقم خرچ ٿيندي جيتري منهنجي مزڊا ٿائوزنڊ جي قيمت آهي ! ممڪن آهي ان کان به گهڻي ! )برهمي( عدالت جا چڪر ، وقت جو ضياع، آفيس مان پگهار جو ڪٽجڻ ان کان سواء ! پر

جي ائين به ڪريان ۽ فيصلو به مهنجي حق ۾ اچي! ته ان جي ڪهڙي ضمانت آهي جو مزڊا ٿائوزنڊ واپس ملندي ! عدالت جو فيصلو ته ڏٺئي ڪونه ! ڏوهه به ثابت ٿيو ۽ ملزم به رها ! نئون ڍنگ ! آزمائشي رهائي !

زال : )آهستي لهجو( ته پو ! ...... ڇا اسان ! ....آئون : )ڳالهه ڪٽي ۽ ڪو فيصلو ڪري( آئون به شڪست تسليم ڪرڻ وارن مان ڪونه آهيان ! آئون به اهڙي چال

هلندس جو سڀني کي ڏينهن جا تارا ڏسڻ ۾ ايندا !زال : )گهٻرائجي( ڏس متان اهڙو ڪو فيصلو ڪري وجهين ! جو پوء پڇتائڻو پوي ! آئون چوان ٿي ڌوڙ وڃي پئي ڪار ! پراڻي

ته هئي ! آئون : )ڪاوڙجي( خبردار جو م نهنجي مزڊا ٿائوزنڊ کي ڪجهه چيو اٿئي ! توکي خبر ڪانهين ته اها بابا جي نشاني آهي !

زال : )مسڪرائي( مون بس ڳالهه ٿي ڪئي! خبر اٿم ان سان ت نهنجي جذباتي وابستگيء جي ! آئون : تون به فڪر نه ڪر ! آئون احمق ڪونه آهيان ! ڌڪا کائي زندگي گهاري اٿم ! )ڪٽ(

ايڪٽ ايڪيهون )آئوٽ ڊور (مون ڪي ڏينهن انتظار ڪيو ۽ هڪ پالن ٺاهيو ۽ پوء هڪ آچر جو پنهنجي نئين ڪار کڻي مهم تي نڪري ويس، شهر

جي مختف جڳهين جا چڪر ڪاٽيم، ڪن اهم جڳهين جون ايڊريسون نوٽ ڪيم . ايڪٽ ٻاويهون )ڪو پارڪ (

هڪ شام ڪنهن پارڪ ۾ ويهي ملزم شميم سان ڊائريڪٽ ڳالهائڻ جو فيصلو ڪيم جنهن جو نمبر وڪيل بيلف کان ورتو هوم موبال جي گهنٽي وڄي ٿي ۽ شميم کڻي ٿو

ڏوهاري : )سيل ۾ نمبر ڏسي( شايد ڪو نئون نمبر آ ! خير ڏسان ٿو ڪهڙو مهنجو اڪائونٽ خرچ ٿيندو ! هلو ! ڪير ! آئون : عبدالرزاق ميمڻ ! مزڊا ٿائوزنڊ ڪيس وارو!

ضول مزڊا ٿائوزنڊ الء فون ڪيو آهي ! توکي هاڻ جيڪو ڏوهاري : )سڪتي جو عالم( تون ! )سنڀلجي( ڇا تو ان واهيات ۽ ف ڪرڻو آهي وڃي عدالت ۾ ڪر! توکي مهنجو نمر ڪنهن ڏنو !

ضول مزڊا ٿائوزنڊ حاصل آئون : نمبر ته مون عدالت جي بيلف کان ورتو هو ! پر ٻڌ ! بيوقوف انسان ! مونکي هاڻ انهيء ف

ڪرڻ ۾ ڪا دلچسپي ڪانهين ! ڏوهاري : پوء فون ڪرڻ جو سبب !

آئون : آئون توسان هڪ بزنيس ڪرڻ ٿو چاهيان ! توکي ان الء فون ڪئي اٿم ! ڏوهاري : )حيرت( بزنيس ۽ مونسان !

آئون : ها توسان ! ڏوهاري : )سنڀلجي( ڪهڙي قسم جو بزنيس !

آئون : آرڊر تي گاڏيون چورائڻ جو بزنيس ! ڏوهاري : )برهمي( بڪواس نه ڪر!

Page 8: Sindhi Screen Play (هاءِ مُهنجي ڪار مزڊا ٿائوزنڊ) By: Abdul Razzaque Memon

هاء ڙي مهنجي ڪار

* مزڊا ٿائوزنڊ * تحرير مڪالما ۽ منظرڪشي : عبدالرزاق ميمڻ

ALL RIGHTS OF THIS SCRIPT, DIALOGUE, LOCATIONS, STORY ARE RESERVED WITH WRITER (Abdul Razzaque Memon) Page 8

آئون : مذاق ڪون پيو ڪريان !بلڪل سنجيدهه آهيان ! جڏنهن کان خبر پئي آهي ته تون ڪارون چورائي تبت سينٽر تي ڪٻاڙين يا اسپيئر دڪانن تي پهچائين ٿو! مهنجي ذهن ۾ به هڪ بهترين پالن آهي ! جنهن تي عمل ڪري پاڻ ٻئي

ڪروڙ پتي بڻجي سگهون ٿا ! ڏوهاري : پوء پاڻ وڃي نٿو اهو بزنيس ڪري ڪروڙ پتي بڻجين!

آئون : بيشڪ آئون ڪروڙ پتي بڻجي سگهان ٿو ! پر ڇا ڪريان ! آئون اڪيلو آهيان ! ۽ هي ڪم اڪيلي ڪرڻ جو ناهي ! مونکي هڪ پارٽنر جي اشد ضرورت آهي !

ڏوهاري : )دلچسپي( ڇو ! اهو پارٽنر ڇا ڪندو !هو ماهر شخص هوندو جيڪو نه صرف ڪارن جي مختلف الڪس کي کولي سگهندو بلڪه انهن

آئون : مهنجو پارٽنر ا

هو ماڻهون آهين جيڪو هي ڪم آسانيء سان کي بغير چاٻيء جي اسٽارٽ به ڪري سگهندو ! ۽ مهنجي خيال ۾ تون ئي ا

ڪري سگهي ٿو ! ڏوهاري : )متاثر ٿي جلديء ۾( ڪٿي تون ڀوڳ ته پيو ڪرين !

آئون : نه مسٽر شميم ! يقين ڪر ! ڀوڳ بلڪل ڪونهين ! تون بس مونکي بزنيس ۾سپورٽ ڪر ! ۽ ٿڏي تي پنهنجو حصو وٺ !

ڏوهاري : سوچي جواب ڏيائين ٿو ! آئون : هاڻ سوچڻ جي ڪهڙي ڳالهه ! اجاين ڳالهين ۾ وقت ڪونه ٿا ضايع ڪريون !

ڏوهاري : ڇا ڪريان !ن کي اسٽارٽ ڪري !

لشن اسڪول ٻاهران هڪ نئين ڪيڊلڪ بيٺي آهي ! توکي صرف اهو ڪرڻو آهي ته ا

آئون : گ

تان آئون پاڻهين کڻندس ! ايتري ڪم الء تنهنجا ويهه هزار ٿڏي تي پڪا ! مهنجي ڏسيل جڳهه تي بهاري اچ ! ا

ڏوهاري : )هوشياري( هون ! ته تون هاڻ مون سان ائين کيڏ کيڏي مونکي ڦاسائيندي ! آئون : چيم نه ته اعتبار ڪر ۽ مون تي شڪ نه ڪر ! وڃي اهو ڪم ڪر ! متان اها گاڏي نڪري نه وڃي !

ڏوهاري : سوچڻ جو ۽ ڪرڻ جو وقت ته ڏيندي نه! آئون : هڪ ڪالڪ جو وقت اٿئي ! گاڏي کڻي پهچائي ! پنهنجا ويهه هزار کڻي وڃ !

ايڪٽ ٽيويهون )گهر جو ڊرائنگ روم ( ڪالڪ کان پوء آئون پنهنجي ڊرائنگ روم ۾ هوس ته ڏوهاري شميم جو فون آيو

ڏوهاري : تو جيڪا پيشڪش ڪئي هئي ! هڪ دفعو دهراء ! آئون : ويهه هزار رپيا !

ڏوهاري : جي پنجويهه هزار رپئيه منظور هجنئي ته سودو پڪو ٿيو ! آئون : ٺيڪ آ ڊن !

ڏوهاري : گاڏي ڪٿي پهچائڻي آهي ! ڇا تهنجي گهر کڻي اچان ! آئون : اڙي ! اڙي ! چريو ٿيو آهين ڇا ! ائين ڪيئي ته ٻئي جيل ڪوٺڙيء ۾ بند هونداسون !

لشن اسڪول ٻاهران ڪيڊلڪ ۾ ئي آهيان ! ڏوهاري : پوء ڪٿي ! آئون گ

تان پڪ ڪرڻ مهنجو ڪم ! آئون : رابعا سٽيء جي آخري گيٽ تي بهاري اچ ! جتي ٽيڪسيون بيٺيون آهن ! ا

ڏوهاري : )وات سان سيٽي وڄائي( جڳهه ته تو واقعي بهترين ڳولي آهي ! اوڪي ڊن ! )مون مسڪرائي سيل کي چمي ڏني(.

Page 9: Sindhi Screen Play (هاءِ مُهنجي ڪار مزڊا ٿائوزنڊ) By: Abdul Razzaque Memon

هاء ڙي مهنجي ڪار

* مزڊا ٿائوزنڊ * تحرير مڪالما ۽ منظرڪشي : عبدالرزاق ميمڻ

ALL RIGHTS OF THIS SCRIPT, DIALOGUE, LOCATIONS, STORY ARE RESERVED WITH WRITER (Abdul Razzaque Memon) Page 9

ايڪٽ چويهون )رابعا سٽيء جو آخري گيٽ (ٻئي ڏينهن صبح جو گهران نڪري آفيس وڃڻ کان پهرئين جو آئون سڌو رابعا سٽي آخري گيٽ وڃان ته ڇا ٿو ڏسان اها

ڪيڊلڪ پٺاڻ جي هوٽل وٽ پارڪ ٿيل هئي شميم واقعي واعدي جو پابند هو!۽ آئون مسڪرائيندو آفيس پهچي ويس. ايڪٽ پنجويهون )آفيس (

آفيس ۾ اڄ پهچي آئون ڏاڍو خوش هوس ۽ مهنجو مهڪندڙ چهرو ڏسي مهنج باس به پڇڻ لڳو باس : رزاق صاحب ! خيرت ته آهي ! اڄ چهري تي هشاشي بشاشي پئي ڏسجي !

آئون : ڇا ٻڌايان سر ! شايد توهانکي مهنجي ڳالهه تي يقين اچي ! ) ۽ ائين چئي ٻاهر نڪري آيس( ايڪٽ ڇويهون )گهر (

شام جو گهر پهچي مون شميم کي فون ڪيو جيڪو مهنجي فون جي انتظار ۾ هوآئون : تهنجو حصو تهنجي ٻڌايل ايڊريس تي مني آرڊر ڪري موڪلي چڪو آهيان ! توالء هڪ نئون آرڊر مليو آهي ! هن

دفعي توکي ٽي گاڏيون پار ڪرڻيون آهن ! ڏوهاري : ڪهڙيون !

آئون : هڪ چيسلر ! .... ٻي لنڪن! .... ۽ ٽين بيوڪ ! ڏوهاري : ۽ گاڏيون ڪٿي آهن !

ليل رهي ٿو ! آئون : )ميوٽ ۾ ٻڌائڻ کان پوء( بيوڪ انهيء گيراج ۾ آهي جيڪو چويهه ڪالڪ ک

ڏوهاري : ٺيڪ آ ڪم ٿي ويندو ! آئون : جي تو اهي ٽئي گاڏيون هن هفتي جي آخر تائين مهنجي حوالي ڪيون ته توکي هڪ اضافي بونس به ملندو!

ڏوهاري : )خوش( ڪيترو بونس ! آئون : هر گاڏيء تي ٽي هزار رپيا ! يعني في گاڏي ٽيهه اٺاويهه هزار رپيا !

ڏوهاري : )خاموشي( نه ! بشمول بونس !ڀ رقم کي ٽيهه هزار في گاڏي ڪر !آئون : )ناراضگي( يار ! تون ته مهنجو فائدو به کڻندو وڃين ! آئون ڇا ڪمائيندس ! هي ته زيادتي ٿي نه! خير دوستي ٿي آ ته

مڃان ٿو ! هاڻ پين پنو کڻ ۽ لويشنن کي نوٽ ڪر )ميوٽ ۾ نوٽ ڪري ٿو( ايڪٽ ستاويهون )آخري گيٽ رابعا (

مون کيس اللچائي ڇڏيو هو ۽ هن به حسب واعدي ٽئي گاڏيون چورائي رابعا سٽيء جي آخري گيٽ تي هوٽل ڀرسان پارڪ ڪري ڇڏيون هيون جيڪي مون دوستن سان چانهه پيئندي ڏسي ورتيون هيون ته شميم جو فون اچي ٿو ۽ آئون دوستن

کان پر ڀرو ٿي سرگوشيء ۾ ڳالهائڻ لڳس ڏوهاري : مهنجو معاوضو ۽ بونس ! ڪونه مليو ! ڇو !

آئون : )سرگوشي( ايڏو بي تاب ۽ بي صبر نه ٿي ! طع ٿيو هو ته رقم توکي مني آرڊر ٿي ملندي ! ڏوهاري : ياد آ ! چڱيء طرح ياد آ مونکي ! پر 03 هزار به ڪا معمولي رقم ڪانهين ! جو بي تاب ۽ بي صبرو نه ٿيان !

آئون : تون به ته م نهنجي مزڊا ٿائوزنڊ کڻي ويو هئين ! مون به ته ان جو بي تابيء سان انتظار پئي ڪيو ! ڏوهاري : اوهه ! سمجهيم ! ته هاڻ تون ان جو بدلو پيو وٺين ! )لمحو رڪي( ته ميمڻ ! تو مونکي بيوقوف پئي بڻايو !

آئون : ها ! مون توکي بيوقوف پئي بڻايو )فون بند ڪري دوستن وٽ واپس اچي ويهي ٿو ۽ وري کين ايڪڪيوز ڪري تان پوليس کي 61 تي فون ڪريان ٿو(

پاسي تي اچي ا

Page 10: Sindhi Screen Play (هاءِ مُهنجي ڪار مزڊا ٿائوزنڊ) By: Abdul Razzaque Memon

هاء ڙي مهنجي ڪار

* مزڊا ٿائوزنڊ * تحرير مڪالما ۽ منظرڪشي : عبدالرزاق ميمڻ

ALL RIGHTS OF THIS SCRIPT, DIALOGUE, LOCATIONS, STORY ARE RESERVED WITH WRITER (Abdul Razzaque Memon) Page 10

آئون : هلو ! 61 ! )رڪي( مان هڪ جرم جي رپورٽ ڪرڻ ٿو چاهيان )ميوٽ ۾ ڳالهه( ايڪٽ اٺاويهون )آئوٽ ڊور (

ڪجهه دير کان پوء مهنجي فليٽ ٻاهران ٻه پوليس گاڏيون اچي بيٺيون، مون سمجهيو ته انسپيڪٽر خادم ايندو پر ڪي ٻيا نوان انسپيڪٽر هئا مون اڳتي وڌي کين پنهنجو تعارف ڪرايو ۽ هو )ميوٽ( مهنجي ڳالهه کي توجه سان ٻڌڻ لڳا ، وچ

وچ ۾ ڪي سوال به ڪندا رهيا جن جا مون کين تسلي بخش جواب به ڏنا پوء انسپيڪٽر : ٺيڪ آهي ! سمجهي وياسون ! توها تيار ٿي اچو !

آئون : ڇو ! مان تيار ڇو ٿيان ! ڪٿي مونکي به هلڻو آهي ! انسپيڪٽر : جي ! پوليس هيڊ ڪوارٽر ! توهان کي ايس پي صاحب سان مالئڻو آهي !

آئون : ٺيڪ آ آئون تيار آهيان ! )ڊاٽسن ۾ ويهي وڃان ٿو( ايڪٽ اوڻٽيهون )پوليس هيڊ ڪوارٽر (

تي هڪ پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ مونکي ايس پي آفيس ٻاهران هڪ رکيل بينچ تي وهاريو ويو ۽ پاڻ ڪيڏانهه هليا ويا ا

رسالو هو جيڪو مون کڻي ٽائيم ڪل ڪل ڪرڻ الء پڙهڻ لڳس. ڊيسڪ سارجنٽ کانن عالوهه ٻيا ايندڙ ويندڙ پوليس آفيسر به مونکي حيرت سان ڏسندا ويا پر ڪنهن به ڪو سوال نه ڪيو اڃان مون رسالو پڙهيو ئي پئي ته ڇا ٿو ڏسان ته

ٻئي انسپيڪٽر ڏوهاري شميم سان داخل ٿيا ۽ کيس عمارت جي پٺئين حصي ڏانهن وٺي ويا ۽ ڪالڪ کن انتظار کان پوء کيس وٺي اچي مهنجي ڀرسان بئنچ تي وهاريئون . ڏوهاري شميم هڪ زهريلي نگاهه مون تي وڌي

ڏوهاري : )مٿي تي پگهر( تون هڪ مڪار ۽ ڪميڻون انسان آهين !) مان جو ڪو جواب ڏيان هڪ انسپيڪٽر مون وٽ اچي پاڻ سان هلڻ جو اشارو ڪيو ۽ مان ان سان گڏ وڃڻ لڳس ۽

هڪ خالي ڪمري ۾ وٺي ويا جنهن ۾ هڪ پالسٽڪ جي ٽيبل ۽ چار ڪرسون پيل هيون، سرڪاري وڪيل ميز تي هڪ ڪنڊ تي ويٺل هو

وڪيل : )ڪاوڙ ۾( تو ائين ڇو ڪيو !آئون : مون پوليس کي پوري بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي ! مون چاهيو ٿي قانون جي محافظن ۽ انصاف ڏيندڙن کي ٻ ڌايان

ته انهن ڪهڙيون غلطيون ڪيون آهن !وڪيل : توکي ائين ڪرڻ الء اسين ئي مليا هئاسون ! تو ته بلڪل حد ڪري ڇڏي ! غضب خدا جو تو نه صرف مهنجي

ڪار چوري ڪرائي پر جج جي ڪار ۽ انسپيڪٽر خادم کي به ڪونه بخشيو ! واهه ! واهه تو ته شهر جي معززين سان بهترين مذاق ڪئي !

ن جي ڪيڊلڪ ڪار به آئون : هڪ نالو اڃا به وسري ويو آ شايد توهان کان ! ڏوهاري شميم جو وڪيل ! مون ته ا

چوري ڪرائي هئي !وڪيل : تو ڇا ٿو سمجهين ! تون هتي ٽي وي ڊرامن جو ڪوڙو اسڪرپٽ پيو لکين ! جنهن ۾ قانون جي محافظن، انصاف

ڏيڻ وارن سان اهڙي مذاق ڪئي ويندي آهي!ن کي ڊراماٽائيز ڪندو آهيان!

آئون : مٺهنجو لکيل اسڪرپٽ هميشه سچو هوندو آهي ! سماج ۾ جيڪو ٿيندو آهي ا

تي وڃي ڊرامان لک ! وڪيل : پوء ا

آئون : سوچيو ! توهانجون ڪارو چوري ٿيون ته توهان جي ڇا حالت ٿي ! م ونسان ڇا ٿيو هوندو هاڻ احساس ٿيو ! اڄ توهان سڀني کي پنهنجي ڪار چوريء پريشان ڪيو آهي ۽ مهنجي مزڊا ٿائوزنڊ ! جيڪا بابا جي نشاني هئي ! ان جو احساس آهي

ڇلي ڇڏيو ! اوهان کي ! جنهن جا اسپيئر وڪڻي توهاب چيسز کي نالي تي ا

Page 11: Sindhi Screen Play (هاءِ مُهنجي ڪار مزڊا ٿائوزنڊ) By: Abdul Razzaque Memon

هاء ڙي مهنجي ڪار

* مزڊا ٿائوزنڊ * تحرير مڪالما ۽ منظرڪشي : عبدالرزاق ميمڻ

ALL RIGHTS OF THIS SCRIPT, DIALOGUE, LOCATIONS, STORY ARE RESERVED WITH WRITER (Abdul Razzaque Memon) Page 11

وڪيل : هاڻ ڇا ٿو چاهين !آئون : مون توهان کي هڪ سبق ڏنو آهي ! ته ٻين جي ڏکن جو به احساس ڪريو ! ڪير بيقين ڪندو ته شميم ڏوهاريء

ذري آيو مهنجي چوڻ تي ڪارون چوري ڪيون آهن ! هاڻ توهان به انهن ڪورٽ ڪارواين مان گذرو جنهن مان آئون گ

آهيان ! ممڪن آهي توهان سان ڪورٽ ۾ اهو سلوڪ نهب ٿئي جيڪو مونسا روا رکيو ويو ! توهان کي شايد انصاف جي حصول الء ايترو خوار نه ٿيڻو پوي جيترو آئون ٿيس ڇو جو توهان مان ڪو قانون جو محافظ، ڪو وڪيل استغا ثا ، ڪو وڪيل صفائي، ڪو جج آهي پر آئون دنيا ۾ رائج اظهار جي آزاديء جو فائدو وٺي پرنٽ ، اليڪٽرانڪ يا سوشل ميڊيا تي وڃي حق ڦهالئڻ جي ڪوشس ضرور ڪندس ته توهان حاڪن کي به ڪو سبق ملي ! توهان الء ايترو ئي ڪافي آهي. ۽

ن جج صاحب کي به هاڻ ڏوهاري شميم کي آزمائشي نه پري ڊگهي مدت الء جيل بند ڪرڻ تي مجبور ٿيڻو پوي ڏو جو ا

نهن جي آڱرين جا نشان آئون محفوظ ڪرائي چڪو آهيان ۽ هاڻ هو پيرول تي رهي اها حرڪت ڪئي آهي. گاڏين ۾ ا

پنهنجي ڏوهه کان انڪار به نه ڪري سگهندو ! )اسڪرين کي ڏسي پبلڪ کي مخاطب ڪري( ته اي مهنجي قوم ! هاڻ ڪيئن ٿو لڳي توهان کي هي سڀ ڪجهه ڏسي ! هر شيء ممڪن آهي بس توهان کي متحد ٿيڻو اهي ظلم ۽ جبر خالف!

سڀئي کيس کائڻ وارين نظرن سان ڏسن پيا( فريز

پڄاڻيSCREEN PLAY

Page 12: Sindhi Screen Play (هاءِ مُهنجي ڪار مزڊا ٿائوزنڊ) By: Abdul Razzaque Memon

هاء ڙي مهنجي ڪار

* مزڊا ٿائوزنڊ * تحرير مڪالما ۽ منظرڪشي : عبدالرزاق ميمڻ

ALL RIGHTS OF THIS SCRIPT, DIALOGUE, LOCATIONS, STORY ARE RESERVED WITH WRITER (Abdul Razzaque Memon) Page 12

Writer : Engr. Abdul Razzaque Memon

Cell : 0300 – 2895691 & 0315 – 2075056

E-Mail : [email protected]

WEB : http://www.facebook.com/sindhi.media

http://www.facebook/sollywood.sindhimedia