لمحن جو پاڇو screen play n sindhi (lamhan ja pacha)

29
Writer : Abdul Razzaque Memon (All Rights of Screen Play are Reserved Under Copy Write Act) Contact: 0300 2895691 Page 1 ) لي اسڪرين پ( ارجي ي ت پَ د س ڪهاڻي، ش بيملي في لم* حن جا پاڇا* يمڻ عبدالرزاق م: ا ۽ منظرڪشي ڪالمُ تحرير م پهريون سين اسٽوري بنگلوندار ڊبل منظر : هڪ شا هڪارڻ کان پو ڏيکر کيريڪسٽي اي بنگلي جيندار ڊبل اسٽوري هڪ شاٺندي پو ويو ايريل وگلن جيائٽل ۾ بن ٽَ پيو.ف ڪرائجيدن تعار سنر ڊسپلي سان تصوي جي هر فرد جيملي في خاريُ ز سان بنڊ آوا بيڪ گرائو ڪڙڪداري نغمه ٿيل آه شاديي جينهنج ج)حسن بخاري( ۾ هي آهي وڏو ڀاملي في خاريُ اظرين! ب ن)کاري تصوير ڏيحسن جي( : آواز)ڪٽ( ! سان) ڪٽ( . کي چار ٻار آهن خاري ۽ نغمانهُ ه بيگم! . حسن ب آهي نغمان هي)کاري تصوير ڏينغمانه جي( : آواز سان ملي پاڻ دوستنو پڙهائي ڪرڻ کان پو ٽ شيراز! جيڪُ دن وڏي ۾ وڏو پ هي آهي سن)کاري تصوير ڏيراز جيشي( : آواز)ڪٽ( .و آهي ويس ڪرڻ ۾ لڳي بزنيٺي آهي ۽ ۾ فارغ وياڻ گهر ڪري ه . سي. ايسڪا بي! جي شمائله! وڏي ڌين کان پو ا)کاري تصوير ڏيشمائله جي( آواز ؛ڳتي پڙهڻ کانڻ به اه پا جهُ ه سوچيائين. ۽ ڪٽرس ڪرڻ جو به ڪونشن ڪري ماس جي ڪوش طرفان شادي مائٽن) ڪٽ( ڪتائجي وئي آهي! ا)ڪٽ( . پارٽ ون ۾ آهي. ايڪا بيئبه! جي آهي ۽ شمائله کان پو)کاري تصوير ڏيئبه جي( : آواز

Category:

Entertainment & Humor


0 download

DESCRIPTION

اي سنڌ جا ڊرامان ليکڪو! اديبئو! شاعرئو! جيئن ته هن سنڌي سماج جي تباهيءَ ۾ گهڻي ڀاڱي سنڌي رائيٽرس جو ئي حصو آهي ۽ جن پنهنجي لکت کي سماج سُڌار لکتن بجاءِ سماج تباهه لکتن سان مُڪمل ڊانا ڊول ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪو گس به نٿو ملي. گهربو اهو هو ته اسان سٺن نقطن ۽ پاسن کي کڻي هلون آ ۽ انهن ئي ڪريڪٽرن کي نروار ڪري پنهنجي هيءَ تباهه و برباد ٿيل سنڌي سوسائٽي بچايون ها، اسان جاهل، توهم پرست بي علمو ماحول پيش ڪيو ۽ خراب ڪريڪٽرن ۽ ناسورن کي پنهنجو هيرو ڪري پيش ڪيو ۽ جيڪي به سماجي بُرايون هُيون ،خراب عادتن ۽ ماحول کي اڳيان آندو ۽ ان جو اثر وٺي ۽ ان جي ڪاپي ڪري اسانجي اڄ جي جنريشن انهن بدڪرادرن ۽ انوائرنمينٽ جو اثر وٺي پاڻ کي ان ماحول ۾ مڪمل زم ڪري ڇڏيو ۽ ان ڪري اڄ جي سموري سنڌ ۽ ان غلط ماحول. جنهن ۾ چوري، ڪارو ڪاري، ونگار، ڌاڙيل گيري، مُنشي گيري، ڪمداري، رُشوت، جهالت، نا انصافي، ظلم، جبر، ڏاٺ مُڙسي ۽ زور زبردستيءَ کي بهترين ڄاڻي اپنايو ۽ صحيح علم کان پري پري رهي. جن علم حاصل ڪيو اُنهن به زبردستي ۽ ڪاپي ۽ سفارشي ڪلچر اپنائي ڪيو ۽ اهي بهتريون ڇڏي بُراين جي فروغ لاءِ اڳتي وڌيا ۽ هاڻ جيئن ته اسان سڀئي ڊرامان ليکڪ، اديب، شاعر ئي گهڻي ڀاڱي سنڌي معاشري جي تباهيءَ جا مڪمل ذميوار آهيون ان ڪري اسان تي لازم آهي ته پاڻ چينج ڪريون ۽ پازيٽو سوچ کڻي اڳتي وڌون ۽ جهل ۽ بُراين وارا ڪريڪٽر، اسٽوريز، ڪهاڻيون ۽ شاعري ڇڏي بهترين لکتن کي فروغ ڪري سنڌي معاشري کي تباهيءَ ۽ جهالت جي انتها تائين پُهچڻ کان بچايون. ته اچو ته ٻيا بهترين مضمون کڻي اُنهن کي ڊراماٽائيز ڪريون ڇو جو اڄ جي ميڊيا دئور ۾ اڄ جي جنريشن هاڻ ٽي وي ڏسي پنهنجو معاشرو ٺاهي ٿي ۽ جيڪو انهن کي ڏيکاريو يا پڙهايو ويندو اُهو ئي گس وٺندا ته هاڻ قوم کان پنهنجي ماضيءَ جي خراب لکت تي کُلي معافي وٺي نه صرف معاشرو بچائڻ لاءِ قدم قدم سان ملائي اڳتي وڌون پر ٻولي به بچايون. ڇو جو اڻ پڙهيل يا معمولي پڙهيل رائيٽر، اديب، شاعر شوق پوري ڪرڻ ۾ پنهنجي خراب لکتن سان ئي معاشري جي تباهي جو ڪارڻ بڻيا آهن. مثال سمجهائڻ لاِءِ اسان به پهل ڪريون ٿا ۽ توهان به. اچو ته پنهنجون پئدا ڪيل خرابيون پاڻ دور ڪريون ۽ ۽ ٻوليءَ ، تهذيب، ماحول ۽ ثقافت جي حفاظت ڪريون ۽ هڪ پڙهيل لکيل اسڪرپٽ ايڊيٽر لڳائي لکت تي ايمرجنسي سينسر هڻي بهترين لکتون پاس ڪريون ۽ سنڌ، سنڌي معاشرو، سماج، تهذيب، ٻولي، تمدن،بچايون .! سنڌ بچايون ! پنهنجو ضمير بچايون! پنهنجو نسل بچايون!

TRANSCRIPT

Page 1: لمحن جو پاڇو SCREEN PLAY n SINDHI (LAMHAN JA PACHA)

Writer : Abdul Razzaque Memon (All Rights of Screen Play are Reserved Under Copy Write Act) Contact: 0300 2895691 Page 1

يارجي )اسڪرين پ لي( فيملي بيس ڪهاڻي، ش دت پ لم

* حن جا پاڇا * تحرير مڪالما ۽ منظرڪشي : عبدالرزاق ميمڻ

سين پهريون

منظر : هڪ شاندار ڊبل اسٽوري بنگلو ٽائٽل ۾ بنگلن جي ايريل ويو وٺندي پوء هڪ شاندار ڊبل اسٽوري بنگلي جي ايڪسٽيرير کي ڏيکارڻ کان پوء هڪ ڪڙڪدار بيڪ گرائونڊ آواز سان بخاري فيمليء جي هر فرد جي تصوير ڊسپلي سان سندن تعارف ڪرائجي پيو.

آواز : )حسن جي تصوير ڏيکاري( ناظرين! ب خاري فيمليء ۾ هي آهي وڏو ڀاء )حسن بخاري( جنهنجي جي شادي ٿيل آهي نغمه

سان ! )ڪٽ( آواز : )نغمانه جي تصوير ڏيکاري( هيء آهي نغمانه بيگم! . حسن بخاري ۽ نغمانه کي چار ٻار آهن. )ڪٽ(

آواز: )شيراز جي تصوير ڏيکاري( هي آهي سندن وڏي ۾ وڏو پٽ شيراز! جيڪو پڙهائي ڪرڻ کان پوء دوستن سان ملي پاڻ بزنيس ڪرڻ ۾ لڳي ويو آهي. )ڪٽ(

آواز ؛ )شمائله جي تصوير ڏيکاري( ان کان پوء شمائله! وڏي ڌيء! جيڪا بي. ايس. سي ڪري هاڻ گهر ۾ فارغ ويٺي آهي ۽ مائٽن طرفان شاديء جي ڪوششن ڪري ماسٽرس ڪرڻ جو به ڪونه سوچيائين. ۽ ڪجهه پاڻ به اڳتي پڙهڻ کان

اڪتائجي وئي آهي! )ڪٽ( آواز : )الئبه جي تصوير ڏيکاري( ۽ شمائله کان پوء آهي الئبه! جيڪا بي. اي پارٽ ون ۾ آهي. )ڪٽ(

Page 2: لمحن جو پاڇو SCREEN PLAY n SINDHI (LAMHAN JA PACHA)

Writer : Abdul Razzaque Memon (All Rights of Screen Play are Reserved Under Copy Write Act) Contact: 0300 2895691 Page 2

آواز : )ڏهن سالن جي فراز جي تصوير ڏيکاري( ۽ ان کان پوء گهر جو ننڍو فرد فراز! هي اڃا فورٿ ڪالس جو اسٽوڊنٽ آهي. )ڪٽ(

آواز : )ساجدهه جي تصوير ڏيکاري( ۽ هي آهي ٻارن جي اڪيلي ۽ بيواهه پڦي ساجدهه بيگم! ساجدهه ! بيوهه بڻجڻ کان پوء پنهنجي ٻن ٻارن انيق ۽ رابعه کي کڻي پيڪن ۾ اچي وڏي ڀاء حسن سان رهڻ لڳي آهي. )ڪٽ(

آواز : )رابعه جي ڪنوار واري تصوير )يکاريندي( رابعه! پڦي ساجدهه جي ڌيء! بي. اي پاس ڪرڻ کان پوء کيس ماروٽ شيراز جي ڪنوار ٺاهيو ويو آهي! )ڪٽ(

آواز : )انيق جي تصوير ڏيکاري( هي آهي ساجدهه پڦيء جو پٽ انيق! اڃان ايم. اي ڪري رهيو آهي! حسن جي گهر ۾ هي سڀ فرد شيراز ۽ رابعا جي شاديء جي مووي ڏسي رهيا آهن. حسن بخاريء جي گهر ۾ سڀ فيملي ميمبر انتهائي کل ڀوڳ

ڪندڙ ۽ پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي جڙيل آهن! ته اچو هاڻ ڪهاڻي شروع ڪيون! )ڪٽ(

سين ٻيون

ن جو ٽي وي الئونج منظر : هڪ شاندار ڊبل اسٽوري بنگلو ۽ ا

حسن بخاريء جي گهر جا سڀئي ڀاتي عالوهه الئبه جي گڏجي وڏي ڀاء شيراز جي شاديء جي مووي ڏسڻ ۾ محو ۽ گهر ۾شور ل انجواء مينٽ ۽

شرابو، گهوٽ، ڪنوار، ڄاڃين ۽ مهمانن تي ميوٽ ۾ تبصرا پيا ٿين، گڏوگڏ ٽهڪ، پاڻ ۾ کل ڀوڳ ،ف

چٿرون به پيا ڪن )ڪٽ( سين ٽيون

منظر : بنگلي ڏانهن ويندڙ گهٽي )آئوٽ ڊور(الئبه يونيورسٽيء مان موٽندي گهٽيء مان اچي پئي، سندس هٿ ۾ رجسٽر، ڪي ڪتاب ۽ ڪنڌ تي پرس اچي در تي لڳل

بيل بٽڻ کي بار بار وڄائي ٿي ۽ انتظار باوجود جڏنهن ڪو ٻاهر نٿو اچي ته پريشانيء جو اظهار ڪندي الئبه : ڇا مصيبت آ ڀائي ! االئي بيل خراب آ ! يا سڀ ستا پيا آهن! يا گهر ۾ ڪو ڪونهين!

پريشان الئبه وري گيٽ جو دروازو کڙڪائي ٿي پر انسرٽ ۾ ڏيکاربو ته ڪو آواز نه پيو ٻڌي ۽ سڀ شاديء جي مووي ڏسڻ ۾ رڌل ۽ پوء ويتر هو زور زور سان ڪنڍي کڙڪائڻ ۾

الئبه : )زور سان پير پٽ تي هڻندي( جي گهر ۾ آهن ته لڳي ٿو ته سڀ ٻوڙا ٿي ويا آهن! وري اڃان زور سان گهنٽي وڄائي ٿي ۽ گيٽ کان پري ٿي بنگلي ڏي ڏسي آواز ڏي ٿي.گهندي( پليز در کوليو! آهي ڪو گهر ۾! )سڏ( فراز ! امي! پڦو! در کوليو!

الئبه : )پگهر ا

جواب نه ملڻ تي پاڻ سان( الئبه : اال! ڇا مصيبت آ!

گهي ٿي )انٽرڪٽ( وري پرس مان رومال ڪڍي پنهنجو چهرو ا

سين چوٿون

منظر : ٽي وي الئونجسڀ ڀاتي شادي مووي ڏسڻ ۾ محو ته بيڪ گرائونڊ ۾ آهستي آهستي گيٽ جي ڪنڍي جي ٺڪ ٺڪ ۽ الئبه جي سڏڻ جو آواز ويٺلن مان پڦو ساجده جي ڪنن تي پوي ٿو ۽ هو چهري جي تاثرن، ڪن تي هٿ رکي ٻڌڻ جي گيسچر سان ۽ پوء

متوج ٿي فراز کي در کولڻ الء چوي ٿي. ساجدهه ؛ فراز ! فراز!

فراز : پليز! ڊسٽرب نه ڪريو! مووي انجواء ڪرڻ ڏيو! ساجدهه : پٽ! وڃي ڏس ! شايد پنهنجي گيٽ تي ڪو آهي ! )بيڪ گرائونڊ ۾ گيٽ کڙڪائڻ ۽ الئبه جو سڏڻ(

فراز به غور ڪري ٻڌڻ جو گيسچر ڏئي ٿو.ٿي( مانگهنئين گيٽ نه ڀڃي ! ماڻهن ۾ صبر ئي ڪونهين !

فراز : ڪير هوندو! )ا

Page 3: لمحن جو پاڇو SCREEN PLAY n SINDHI (LAMHAN JA PACHA)

Writer : Abdul Razzaque Memon (All Rights of Screen Play are Reserved Under Copy Write Act) Contact: 0300 2895691 Page 3

ٿين ڇو نٿو! الئبه جو آواز پيو لڳي! ساجدهه : ڀال گيٽ جو فڪر اٿئي ته ا

ٿندي( جي امي وڃان ٿو ! ڀال ايڏو هنگامون ڪرڻ وارو ٻيوهوندو ڪير ! اها هڪ ئي ته آهي روز روز جي مصيبت فراز : )ا

البه باجي! بيل به ته پاڻ مسلسل وڄائي ساڙي پورو ڪيو هو نه ! )وڃي ٿو( انٽرڪٽ

سين پنجون منظر : ساڳئي بنگلي جو گيٽ

اندرئين پاسي کان گيٽ ڏانهن پهچندي فراز : باجي صبر! کوليان ٿو! بيل ساڙي پورو ڪيئي! هاڻ گيٽ به ڀڃي ڀور نه ڪجئين! )گيٽ کولي ٿو(

گرميء ۽ پگهر ۾الئبه جو چهرو هاڻ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي چڪو هو. فراز : اسالم عليڪم باجي!

الئبه : )اندر اچي ٿڌو ساهه کڻندي( ش ڪر اهلل جو ! )فراز کي( ڇا ٿي ويو هو اڄ گهر ۾ ! ڪنهن در ڇو نه پئي کوليو ! فراز : سڀ ادا شيراز جي شاديء جي مووي پيا ڏسون ! ان ڪري آواز نه پئي آيو !

الئبه : )ڪاوڙ وساري خوش ٿي( هان ! مووي تيار ٿي اچي وئي ! ڪيڏي مهل لڳائي اٿو ! ڀڄ هئي ڇا ! مهنجو ته انتظار ڪريو ها ! )انٽر ڪٽ(

سين ڇهون منظر : البي ۽ ٽي وي الئونج

الئبه فراز سان اندر داخل ٿئي پئي ڪئمرا سندن وڃڻ جي ٽاپ ٽوشاٽ ڏيکاري. الئبه البيء ۾ رکيل صوفي تي بيگ ۽ رجسٽر اڇلي ڪمري ۾ هلي وئي ۽ فراز پنهنجي جاء تي ويٺوجتي سڀ مووي ڏسي رهيا هئا! اندر داخل ٿيندي الئبه ڊي وي ڊي

ڏانهن وڌي وئي هئي سڀ : )حيرت سان( ڇا پئي ڪرين!

الئبه : روائينڊ ڪريو ! مووي شروع کان لڳندي ! پاڻ ٽي ويء ڀرسان رکيل ڊي وي ڊيء ڏانهن اچي موويء کي روائينڊ ڪري ٿي. گهر جا سڀئي ڪو اعتراض ڪونه ٿا

ڪن ۽ پوء هر فرد ذوق ۽ شوق سان مووي ڏسڻ ۾ لڳي ويو آهي. )ڪٽ(

سين ستون منظر : حسن جي بنگلي ۾ اندر جو منظر ڏيکاريندي

آواز : ته! ناظرين! توهان ڏٺو ته حسن بخاري الج ۾ رهڻ وارا سڀئي فرد ڪيترا ته نرم مزاج، کل مک ڪندڙ آهن. اهوئي سبب هو جو الئبه جي شادي موووي روائينڊ ڪرڻ واري ضد کي ڪنهن خراب نه سمجهيو ۽ سڀ اها مووي وري شروع

کان ڏسڻ لڳا ۽ اهڙيء طرح هر روز ۽ هميشه جيان سندن زندگي به پر سڪون گذري رهي هئي. هاڻ هلون ٿا بخاري فيمليء جي هڪ ٻئي فرد جي گهر ۾يعني حسن بخاريء جي ننڍي ڀاء محسن بخاريء ڏانهن! )ڪٽ(

سين اٺون

منظر : م حسن جي گهر جو منظر ڏيکارينديآواز : )محسن بخاريء جي تصوير ڏيکاريندي( ۽ هي آهي م حسن بخاري! هن جي شادي سلطانه بيگم سان ٿيل آهي . جنهن مان

کين ٻه ٻار آهن روحيل ۽ تانيه! )ڪٽ( آواز : )سلطانه جي تصوير ڏيکاريندي( هيء آهي سلطانه! سلطانه ۽ نغمانه پاڻ ۾ سڳيون ڀينرون آهن! )ڪٽ(

آواز : ) روحيل جي تصوير ڏيکاريندي( روحيل! انٽر تائين پڙهي تعليم کي خدا حافظ ڪري چڪو آهي ! ۽ پنهنجي پيء سان گڏ هڪ سپر اسٽور سنڀالڻ لڳو آهي. )ڪٽ(

Page 4: لمحن جو پاڇو SCREEN PLAY n SINDHI (LAMHAN JA PACHA)

Writer : Abdul Razzaque Memon (All Rights of Screen Play are Reserved Under Copy Write Act) Contact: 0300 2895691 Page 4

آواز : )تانيه جي تصوير ڏيکاريندي( تانيه! پنهنجي سئوٽ الئبه کان ٻه مهنا وڏي آهي . الئبه ۽ تانيه ڪالس فيلو هئڻ سان گڏ پاڻ ۾ بهترين ساهيڙيون به آهن . جيئن ته حسن ۽ محسن، ٻنهين ڀائرن جون شاديون هڪ ئي گهر مان ٻن ڀينرن نغمانه ۽ سلطانه ٿيون هيون. تنهنڪري وڏن ۽ ننڍن ۾ پاڻ ۾ اتفاق ، محبت ۽ ڀائيچارو قائم آهي. هاڻ هلو ته ڏسون ته اڳتي ڇا ٿو

ٿئي )ڪٽ( سين نائون

منظر : حسن جو بنگلو ۽ الئبه جو ڪمروٻئي ساهڙيون الئب ۽ تانيه حسن بخاريء جي گهر ۽ الئبه جي ڪمري ۾. الئبه سامهون پيل ڊريسنگ ٽيبل تي پنهنجي وارن ۾ برش پئي ڪري ۽ آرسيء ۾ هر پاسي کان پنهنجي خوبصورتيء کي پئي ڏسي. تانيه سندس بيڊ تي ويٺل جتي سندس

ڪتاب ۽ رجسٽر به رکيل آهي.تانيه : خوامخواهه پئي پريشان ٿين ! امي چيو پئي نه ته! اسانکي )رڪي شرمائي( انيق پڙهائيندو! باقي ٿوڙي گهڻي محنت پاڻ

ڪري وٺنداسون!الئبه: )وار برش ڪندي پويان ڏسڻ ال مڙي کنگهڻ لڳي ٿي( ڪ! ڪڪ! ڪير پڙهائيندو ! )مسڪرائي شرارت نموني( وري

ته چئو! ٻڌڻ ۾ ڪونه آيو ! ٿوڙي ٻوڙي ٿي وئي آهيان!ٿي( هاڻ تون گهڻي بدتميز ڪانه پئي ٿين !

تانيه : )شرمائي گهوري ۽ بيڊ تان ا

الئبه پيٽ پڪڙي وڏا وڏا ٽهڪ ڏي ٿي ۽ تانيه کي ڪت ڪتاڙيون ڪري تنگ ڪري ٿي.ن کان ٿا هي مسئلو سمجهون!

ٿ! پڦاٽ انيق اچي ويو هوندو. هلي ا

الئبه : چڱو هاڻ ا

ٻئي پنهنجا ڪتاب ۽ رجسٽر کڻن ٿيون ۽ ٻاهر نڪري وڃن ٿيون. )ڪٽ(

سين ڏهون منظر : حسن جو بنگلو ۽ ڊرائنگ روم

انيق ڊرائنگ روم ۾ پنهنجي پڙهائي پيو ڪري ڪنڌ هيٺ اٿس ته الئبه ۽ تانيه ٻئي گڏجي ٻئي پڦاٽ انيق جي سامهون اچي صوفن تي ويهن ٿيون. هو هڪ نظر وجهي وري پڙهڻ ۾ مشغول ۽ کين نظر انداز ڪري پنهنجي پڙهائيء ۾ لڳل. تانيه ۽ الئبه ڪتاب تان ڪجهه پڙهي رجسٽر ۾ پاڻ نوٽس ٺاهين پيون ۽ وقفي وقفي سان لڪيل نظرن سان تانيه انيق کي پيار ڀريل

نظرن سان گه وري رهي آهي ۽ الئبه چڀندڙ نظرن سان تانيه جي حرڪتن کي بار بار ڏسندي مسڪرائيندي رهي ٿي. ڪجهه انتظار ڪرڻ کان پوء.

الئبه : انيق ڀاء ! اسانکي به ٿورو سبق سمجهايو ! نه ته اسان فيل ٿي پ ونديون سون !

انيق پنهنجا ڪتاب ٽيبل تي رکي، ڪنڌ مٿي کڻي الئبه تي هڪ پيار ڀري نظر وڌي، جهنجو ڊگهو قد، ڊگهيون پلڪون، ڊگها وار، ڪٽوري اکيون، متوازن نڪ ۽ خوبصورت مسڪراهٽ سان وارن ۾ پوني ٽيل ٿيل هئي ۽ جيڪا سندس سامهون

ڪتاب آڻي چوڻ لڳي هئي، جڏنهن ته تانيه وري شرمائيندي، خاموشيء سان انيق کي ڏسي رهي هئي. انيق : )مسڪرائي اڪنامڪس جو ڪتاب وٺي( ڇا نه پيو سمجهه ۾ اچي !

ڪتاب جو صفحا پلٽي ٿو ته ڪتاب مان هڪ لفافو نڪري انيق جي پيرن هيٺان پوي ٿو. انيق ان کي کڻڻ الء جهڪي ٿو ٿي، اچي ۽ جهٽ ۾ اهو لفافو کڻي ورتو ۽ پنهنجي رجسٽر جي وچ ۾ ڏڪندڙ هٿن سان زبردستي لفافي

ته ڦڙتيء سان الئبه ا

کي گهسيڙڻ دوارن ڪنفيوز ڏسجڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي.الئبه : او! او! اڪ! اڪنامڪس ! ڏکي آهي ! سمجهه ۾ ئي نه پئي اچي )تانيه کي ڏسي هٻڪندي( ڪيئن تانيه !مشڪل آ

نه!تانيه : ) ڇرڪ ڀري خيالن مان نڪري( آن !.. ها! ها!.. اڪنامڪس ! اڪنامڪس! )ڦڪي مسڪراهٽ( ها! ها! مشڪل

آ ڏاڍي !

Page 5: لمحن جو پاڇو SCREEN PLAY n SINDHI (LAMHAN JA PACHA)

Writer : Abdul Razzaque Memon (All Rights of Screen Play are Reserved Under Copy Write Act) Contact: 0300 2895691 Page 5

تيسين لفافو ڪرندو ۽ کڻي رجسٽر ۾ رکندي الئبه پنهنجي گهٻراهٽ کي ظابطي ۾ رکي چڪي هئي ۽ هاڻ رجسٽر ۾ پيل سالوڊ پيپر )فائيو ايئر( ڪڍي ڏسڻ ۾ محو ٿي وئي، جڏنهن ته انيق الئبه جي اڪنامڪس ڪتاب ۾ م نهن وجهي ان ڪرندڙ خط بابت تصور ڪري سوچي رهيو هو. ۽ خوف مان انيق کي گهوري الئبه فليش بيڪ ۾ هلي وئي. )انٽرڪٽ(

سين يارهون

منظر : )فليش بيڪ ۾( آئوٽ ڊوريونيورسٽيء مان موڪل جو وقت الئبه۽ تانيه ٻاهر ڪئمپس کان نڪري آيون ته گيٽ وٽ هڪ موٽر سائيڪل تي هڪ لوفر ٽائيپ ڇوڪرو به سندن ڪڍ لڳڻ لڳو ۽ پريشان پريشان الئبه تڙ تڪڙ ۾ وڌندي ۽ هر هر جهاتي پائي پوئتي

نهاريدي ۽ پوء تانيه جي پٺيان گهر وڃڻ الء کڻي ويندڙ وين ۾ سامهون پهرين سيٽن تي اچي ويهي ٿي ۽ ٻيون ڇوڪريون اچي پويان ويهنديون وڃن ٿيون، لوفر ڇوڪرو هر هر وين جو ڦريو ڀري سائلنسر سان وڏي آواز پئدا ڪري ٿو. الئبه ويهندي.

الئبه : )وين ۾ وهندي( اوهو ! هيء مصيبت وري اتي به اچي پهتي ! تانيه : )جهاتي پائي ڏسي ( ڪير اچي وئي! ڪهڙي مصيبت جي ڳالهه پئي ڪرين !

الئبه : ڪجهه به نه! بس اهلل ڪري هي وين جلدي هلي! تانيه : ڇا ڏٺئي!

الئبه : توکي ٻڌايان! تون ڪو راز رکڻ جهڙي آهين! پيٽ جي هلڪڙي!لي پوندو اٿم نه! پوء ساري به ته ڪري وٺندي آهيان نه!

تانيه : اال مون ڇا ڪيو! بس ڪٿي ڪٿي ٿورڙو منهن ئي ک

الئبه : سٺو ڊرامون ڪرائي پوء ساري! بس ماٺ ڪري ويهه! ڪجهه به ڪونهين! تانيه : تون ان لوفر موٽر سائيڪل واري جي ڪري پريشان آهين نه! جيڪو هر روز موڪل وقت وين جي چوڌاري گهمي

ڇوڪرين کي گهوريندو رهندو آهي! الئبه : ظاهر آهي!

تانيه : مئو وڃي پئي کڏ ۾! پاڻ سان کيشٽ ڪندو ته سينڊل الهي اچي وٺنديسانس! وين ڀرجي وڃي ٿي ۽ ڊرائيور اچي وين کي موڙي هالئي ٿو ۽ روڊ تي اهو ساڳيو ڇوڪرو وين جو پيڇو ڪندو وڃي. )ڪٽ(

سين ٻارهون

منظر : حسن ۽ محسن جي بنگلن واري گهٽي )آئوٽ ڊور(وين ٻين ڇوڪرين کي پنهنجي پوائنٽ تي الهي، آخر ۾ الئبه ۽ تانيه کي ڇڏڻ آئي آ ۽ رابعا سٽيء جي سامهون پيٽرول پمپ ڀرسان واري گهٽيء ۾ داخل ٿي بنگلن جي گهٽيء جي منهن تي بهي ٿي ۽ الئبه ۽ تانيه لهي پنهنجي پنهجن بنگلن ڏانهن وڃن ٿيون. تانيه جو گهر اڳيان ۽ الئبه جو شروع ۾ آهي ۽ تانيه جي وڃڻ کان پوء الئبه اڪيلي پنهنجي گهر جو بار بار بيل وڄائي پئي، جيڪو خراب ٿيل هو ته اوچتو اهو ساڳيو ڇوڪرو شور ڪندڙ موٽر سائيڪل تي اچي سندس اڳيان بهي رهي ٿو۽ الئبه پريشان ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ ميوٽ ۾ لوفر ڇوڪري الئبه سان ڳالهائڻ شروع ڪري ٿو ۽ الئبه کيس ڪڏنهن دڙڪا ته ڪڏنهن عاجزي ۽ هٿ ٻڌي هٽائي رهي آهي ۽ هر هر دروازي ۽ پنهنجي بنگلي کي به ڏسي رهي آهي ته ڪو اهو منظر ڏسي پيو يا نه. بل آخر پوء اهو ڇوڪرو کيسي مان هڪ لفافو ڪڍي ٿو ۽ الئبه جو هٿ جهلي ڏيڻ جي ڪوشش ٿو ڪري ٿو لڻ جو کٽڪو ٿيڻ سان ڇوڪرو موٽر سائيڪل تي ئي ساڳي گهٽيء ۾ تانيه جي ئي گهر طرف

۽ الئبه هٿ بچائي ٿي ۽ در ک

لي چڪو آ. هيڏانهن هوڏانهن نهاري الئبه جهڪي لفافو کڻي اڪنامڪس جي ڀڄي وڃي ٿو. لفافو پٽ تي پيل آ ۽ در ک

ڪتاب ۾ وجهي گهر ۾ داخل ٿئي ٿي. )فليش بيڪ ختم! انٽرڪٽ(

سين تيرهون

منظر : ساڳيو ڊرائنگ روم ۾ الئبه ۽ تانيه انيق سان

Page 6: لمحن جو پاڇو SCREEN PLAY n SINDHI (LAMHAN JA PACHA)

Writer : Abdul Razzaque Memon (All Rights of Screen Play are Reserved Under Copy Write Act) Contact: 0300 2895691 Page 6

الئبه واپس فليش بيڪ مان ۽ پٽ تان اهو لفافو کڻي رجسٽر ۾ وڌو ۽ لڪائي رجسٽر کي هيٺ ڪري وچ مان ٿورڙو کولي لفافي کي ڏسي ٿي ۽ وري رجسٽر بند ڪري ٿي ۽ انيق گهري سوچن ۾ تصور ۾ اڪنامڪس ڪتاب مان لفافي ڪرڻ جو

منظر ڏسي پيو. )ڪٽ( سين چوڏهون

منظر : حسن جو بنگلو ۽ ٻاهر جو الئونجالئبه ، انيق ۽ تانيه ٻئي ڏينهن تي ٻاهر الئونج جي ڪرسين تي پئي پڙهيو ۽ ڀاء شيراز ۽ ڀاڀي رابعه پنهنجو رئو ٺيڪ ڪندي

آئي ۽ جيئن ئي ٻئي گيٽ کان کان ٻاهر نڪري وڃڻ لڳا ! الئبه : )ڏسي مسڪرائي( ادا شيراز ! ڀاڀي ! ڪيڏانهن جي تياري آ! فلم ڏسڻ پيا وڃو ڇا!

شيراز : )مسڪرائي( صبح گهر وارن کي ٻڌائي ته ڇڏيو هوم الئبه! ته اڄ دوست لقمان جي ڊنر دعوت آهي ! اتي وينداسون! الئبه : ادا شيراز ! ۽ ڀاڄائي رابعه! سچ پچ! گڏو گڏي پيا لڳو ! ڪيڏا نه پيارا پيارا پئا لڳوا ! نظر نه لڳي وڃيو !

انيق ۽ تانيه اهو ٻڌي مسڪرائڻ لڳا تانيه : الئبه تون جڏنهن به ادا شيراز ۽ ڀاڀي رابعه کي گڏ ڏسندي آهين ته ائين ئي گڏو گڏي چوندي آهين !

سڀئي ان ڳالهه تي مسڪرائين ٿا ۽ شيراز، رابعه به مسڪرائي ٻاهر نڪري گيٽ بند ڪندا وڃن ٿا، الئبه اڃا گيٽ طرف ڏسي پئي ۽ بيڪ گرائونڊ ۾ ڪار اسٽارٽ ٿيڻ جو اواز اچي ٿو.

انيق : )ٽيبل تي رکيل ڪتاب تي آڱر رکي سمجهائيندي( چڱو ! هاڻ ٿورو هيڏانهن به ڌيان ڏيو ! باقي ٿورو وڃي رهيو آ ! الئبه : ماروٽ! هاڻ موڊ نه پيو ٿئي! باقي سڀاڻ! )تانيه کي پريشاني(

انيق : بس ٻه ٽي سٽون اهن سمجهي وٺو! ميوٽ ۾ سمجهاڻي ٿو ۽ الئبه کاڏيء تي آڱوٺو ۽ شهادت جي آڱر رکي غور سان سمجهي رهي هئي جڏنهن ته تانيه

مسڪراهٽ ڀريل نظرن سان انيق کي تڪي رهي هئي ۽ ڪڏنهن سندس چپن ته ڪڏنهن هٿن کي ڏسي رهي هئي ته ڪڏهن سڌو سئون سندس اکين ۾ ۽ پاڻ ئي پاڻ شرمائي ڪنڌ هيٺ ڪري مسڪرائيند رهي. جڏنهن ته انيق کي تانيه جو اهو انداز ناگوار پئي گذريو پر پنهنجي طبيعت ڪري خاموش رهيو. کيس تانيه جي نظرن جو مفهوم سمجهه ۾ اچي

چڪو هو ۽ پر هو وري موقعو ڪڍي الئبه کي ڏسندو رهيو. )ڪٽ( سين پنڌرهون

منظر : حسن جو بنگلو ۽ ڪچنالئبه ڪچن ۾ چانهه پئي ٺاهي ساڻس گڏ سندس هڪ ساهڙي سائرهه موجود آهي ۽ ڪوپ ۾ چانهه جا ڍڪ ڀريندي هو

پاڻ ۾ ڳالهيون پيون ڪن ، الئبه کيس ڪا ڳالهه ٻڌائي پئي ۽ سائرهه حيرت سان ٻڌي به پئي ۽ ڪنڌ ڌوڻي ڳالهه تي انسرٽ پئي ڏي پاڻ ۾ ميوٽ ۾ ڳالهائڻ کان پوء خرگوشيء ۾

سائره : ) خرگوشي( چري! پوء تون هن سان ڳالهاء ته ڏس! ڇا ٿو چوي! الئبه : )سائره جي هن ڳالهه تي الئبه کيس حيرت زده ٿي ڏسڻ ( ڇ. ڇڇ!ڇا ! م! مم! مان... مگر ! آئون ڪيئن! نه بابا! مونکي

خوف ٿو ٿئي!ن سان سان ڳالهايان ٿي! سڀاڻ ايندو نه يونيورسٽي گيٽ تي! )سوچي( پر

سائرهه : )سوچي( ٺيڪ آ ڀال! تو خاطر آئون پاڻ ئي ا تنهنجي اها سئوٽ تانيه هلڪو پيٽ جو گڏ هوندي!

سائيندي ۽ يونيورسٽي ڪانه ايندي! الئبه : نه هوء حسب عادت سڀاڻ به گ

سائرهه : پر اهو لوفر ڇورو آخر آهي ڪير! ۽ خبر ڪانه اٿس ته بخاري فيملي ڪيڏي زور آ! پنڊ پهڻ نه ڪري وجهيس! الئبه : آئون سڃاڻانس ٿي! اسانجي گهٽيء ۾ ئي اڳيان رهي ٿو! ڊي. ايس. پيء جو پٽ آهي تڏنهن ته ڪنهن کان به نٿو ڊڄي!

زور ٿي اهي بڇڙيون حرڪتون پيو ڪري! سائرهه : واهه ! واهه! ڏاڍي خبر اٿئي! هر ڪنهن سان يا رڳو تنهجي پويان آهي!

Page 7: لمحن جو پاڇو SCREEN PLAY n SINDHI (LAMHAN JA PACHA)

Writer : Abdul Razzaque Memon (All Rights of Screen Play are Reserved Under Copy Write Act) Contact: 0300 2895691 Page 7

الئبه : ٻئي ڪنهن سان ته ڪونه ائين ڪندي ڏٺو اٿمانس! سائرهه : مطلب ته باهه ٻنهين پاسي برابر لڳل آهي!

الئبه : ٽرڙو مئو! آئون ٿي گاهه وجهانس! مونکي ته رڳو ڊپ آهي ته گهر مان ڪير اهي حرڪتون ڪندي ڏسي نه وٺيس ۽ پاڙي ۾ جهيڙو ٿي پوي ۽ گڏ بدنامي به!

سائرهه : )ٽهڪ ڏيندي( معني ڏتڙيل عاشق آ! خير سڀاڻ لهونس ٿا خبر! ته سمجهي وڃي! بيڪ گرائونڊ ۾ ماڻس نغمانه جي سڏڻ جو آواز ٻڌي

ٿي وئي آ! سڏي پئي! الئبه : )زور سان جواب ڏيندي( جي امي! اچون پيون! )سائرهه کي( هل! ممي ا

ٻئي پنهنجا پنهنجا چانهه جا ڪوپ ڌوئي رکي ڪچن مان ٻاهر نڪري وڃن ٿيون. )ڪٽ(

سين سورهون منظر : يونيورسٽيء جي ٻاهران ڪنهن پاسي ۾

سفير يونيورسٽيء گيٽ ٻاهران موٽر سائيڪل تي ويٺو آهي، سامهون سائرهه ۽ الئبه بيٺيون آهن، الئبه ٿورڙو پري بلڪل خاموش آهي ۽ سائرهه سفير کي سمجهائي رهي آهي ۽ هو ٽال مٽول پيو ڪري ۽ سڀ ڳالهيون ميوٽ ۾ ڪرڻ کان پوءسائرهه : جي واقعي تون الئبه سان محبت ڪرڻ جي دعوي ٿو ڪري ته ڏتڙيل عاشق وانگر کيس روز روز پريشان ڇو ٿو

ڪرين!

سفير : قسم سان مان ڏتڙيل عاشق ڪونه آهيان ! مون اسڪول کان ساڻس محبت ڪئي آهي پر هوء شروع کان مونکي اگنور ڪندي اچي! بس پيار جي ها ڪري ته آئون گهر وارن کي رشتي الء موڪليان!

سائرهه : ڏس سفير! اهو ممڪن ڪونهين! هو بخاري فيمليء کان هٽي شادي ڪونه ڪندا! تون اجايو وقت پيو برباد ڪرين ۽ منهنجي ساهڙيء کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش به!

سفير : نه نه ! مون الء ! ممڪن ئي ڪونهين ! ڇو جو آئون هن سان سچي محبت ٿو ڪريان ! هن کان سواء مهنجي زندگي بي ڪيف ۽ بي رنگ بڻجي ويندي ! مون ته هن جي ڪري االهر رشتا به ٺڪرائي ڇڏيا آهن!

سائرهه : پر هن کي توسان محبت ڪانهين! ۽ نه ئي هنجي سگهوئي شادي ٿيڻي آهي! ڇو جو پهرئين ڀيڻ جي شادي ٿينديس! سفير : ڀلي ڪيترو به وقت گذري! آئون انتظار ڪندس! ۽ هن کان ها ڪرائيندس!

ائين چئي هو پري بيٺل الئبه تي هڪ نظر هڻي موٽر سائيڪل تي روانو ٿي وڃي ٿو! ۽ سائراهه الئبه وٽ اچي. سائرهه : ڏتڙيل عاشق مڃي ئي ڪونه ٿو! چئي ٿو توکان ضرور هڪ ڏينهن پيار جي ها ڪرائيندس! پوء هاڻ!

الئبه : بس! اهو پهريون ڀيرو ۽ آخري ڀيرو هو! هاڻ جي هن مونکي تنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته آئون ادا شيراز کي شڪايت ڪنديس! ٻيو ڪو چارو ڪونهين!

سائرهه : اهو ڪم پهرئين اسڪول وقت ڪري وجهين ها! ته ڳالهه ايتري وڌي ئي ڪونه ها!الئبه : تو کي ته خبر آهي ته ڪو ايجيوڪيشن ڪالسن ۾ ڇوڪرا تنگ ۽ مذاق ڪندا رهندا آهن ۽ هو ڀولو ڀالو پئي لڳو!

مونکي ڪهڙي خبر ته! اهڙو بڇڙو نڪرندو! سائرهه : ڀولو ڀالو ! مطلب ڀوڪ ۽ گڏهه! الئبه : بس! تون به هاڻ گهڻون واتان نه وڃ!

سائرهه زور زور سان ٽهڪ ڏيڻ شروع ڪري ٿي!الئبه : سچ چوئين ! سندس ڀولپڻ ۽ شروع ۾ سندس اکين ۽ دل ۾ پاڻ الء پيار ڏسي منهنجي به دل تيزيء سان ڌڙڪڻ لڳندي

هئي! سائرهه : صحيح چيم نه! باهه ٻنهين پاسي کان دکيل آهي!

Page 8: لمحن جو پاڇو SCREEN PLAY n SINDHI (LAMHAN JA PACHA)

Writer : Abdul Razzaque Memon (All Rights of Screen Play are Reserved Under Copy Write Act) Contact: 0300 2895691 Page 8

الئبه : مذاق ڇڏ! منهجي دماغ کيس ڪڏنهن به قبول ڪونه ڪيو هو! ائين لڳندو آهي ته هو رٽيل گهسيل پٽيل لفظ پيو ڳالهائي! دوکو ۽ ڪوڙ جو مجموعو آهي!

سائرهه : هاڻ پوائنٽ وڃڻ واري آهي! اها دل ۽ دماغ جي جنگ ته هروقت هلندي رهندي! جيسين عشق ۽ مشڪ موجود آهن ۽ ڌتڙيل عاشق به لوس لس ڪندا وتندا! هل پاڻ ته گهر هلون.

ٻئي اچي وين ۾ ويهن ٿيون )ڪٽ( سين سترهون

منظر : حسن جو بنگلو ۽ پڦو ساجدهه جو ڪمروالئبه پڦو ساجدهه جي ڪري ۾وڃي ٿي هوء نماز پڙهي رهي آهي ساجدهه ڪرسي گهلي ويهي سندس نماز ختم ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳي، نماز ختم ڪري ساجدهه دعا پڙهي ۽ پنهنجي چهري تي هٿ گهمائي ۽ پاسب طرف ڦوڪڻ لڳي ته

سندس نظر ڪرسيء تي انتظار ۾ ويٺل الئبه تي پوي ٿي ۽ الئبه هيٺ جهڪي اچي ٿي. ساجده : )اڳيان وڌي سندس مٿي تي پيار ڪري مسڪرائي( اڙي! ڌيء الئبه! تون ڪنهن مهل آئيئنء.

الئبه : بس هاڻ ئي پڦو ! تانيه ۽ ڀاڄائي رابعه هلي ويون شاپنگ ڪرڻ! ۽ ادي شمائله به ٽيوشن پئي پڙهائي ته آئون بور ٿي پيس ، سو هيڏانهن هلي آيس!

ساجدهه : چڱون ڪيئي جو منهجي ڪمري ۾ اچي وئيئنء! مون به سوچيو ئي پئي ته! نماز پڙهي پوء اڪيلو ڇا ويهي ڪريان ها !

پاڻ ۾ ڪجهه ميوٽ ۾ ڳالهائڻ کان پوء الئبه : ترسو ته پهرئين توهان الء گرم گرم چانهه ٺاهي اچان! ساجدهه : ٺيڪ آ ! تيسين آئون به ڪي دعائون پڙهي وٺان!

الئبه ڪچن ڏانهن وڃڻ لڳي ته ساجدهه مسلي تي ئي تسبيح ۽ دئائون پڙهڻ لڳي ، )انٽر ڪٽ(

سين ارڙهون منظر : حسن جو بنگلو ۽ ڪچن

ڪچن ۾ چانهه ٺاهيندي سفير جون مختلف پيڇي ڪرڻ واريون حرڪتون کيس ذهن نشين ٿيڻ لڳيون ته هن پنهنجو ذهن جهٽڪي ڇڏيو.

الئبه : )بڙ بڙائي( ديوانون! پاگل ڪٿي جو!چانهه جو ٽهڪڻ ڏسي رهي هئي ته اوچتو سندس ترڇي نظر ڪچن جي دريء مان ٻاهر نڪري باغيچي تي پئي! جتان انيق به ڪرسيء تي ٽيڪ هڻي کيس ڪچن جي دريء ۾ گهوري رهيو هو. سندس نظرن کي پنهنجي چهري ڏي تڪيندي ڏسي هوء به هڪدم گهٻرائجي وئي ۽ هن پنهنجي ترڇي نظرن کي فورن موڙي ورتو. انيق کيس ڏسڻ ۾ ايڏو ته مح و هو جو کيس الئبه جو به ترڇي نظرن سان ڏسڻ محسوس ئي ڪونه ٿيو هو. الئبه حسن جو دل تيزيء سان ڌڙڪڻ لڳو ۽ سندس نظرون

لجهندي هوء چانهه کي ٿرماس ۾ ڀرڻ لڳي. نظرن جي تپش، دل هڪ ڀيرو وري دريء مان ٻاهر کڄي ويون، دل جي رفتار سان ا

جو گهٻرائڻ، سندس چهري تي پگهر جون سنهڙيون سنهڙيون بوندون آڻي ڇڏيون هيون جيڪي چمڪڻ لڳيون هيون ۽ ان گهٻراهٽ ۾ سندس هٿ مان چانهه به اڌ ٿرماس ۾ ته اڌ ٻاهر پئي ڪري . پر هن کي ڪو هوش نه هو. )انٽرڪٽ(

سين اوڻيهون )پاسنگ(

ٿي چڪي هئي ۽ جا ء نماز سنڀالي رکي ڪچن طرف آئي )انٽر ڪٽ( ساجدهه مس لي تان ا

سين ويهون منظر : ڪچن

الئبه ڪچن ۾ ٿرماس مان چانهه ڪڍي وجهي رهي هئي ۽ سوچ ۾ هئي ته ساجدهه جي ڪچن ۾ اينٽري اچي ساجدهه : ها پٽ چانهه ٺهي وئي!

Page 9: لمحن جو پاڇو SCREEN PLAY n SINDHI (LAMHAN JA PACHA)

Writer : Abdul Razzaque Memon (All Rights of Screen Play are Reserved Under Copy Write Act) Contact: 0300 2895691 Page 9

ساجدهه ساڻس مسلسل ڳالهائي رهي هئي پر هن جي ذهن ۾ جهٽڪن سان چانهه وجهڻ دوران سفير ۽ انيق جون جهلڪيون ڪٽ ڪٽ ڪندي آيون ويون پئي. پڦوء کي جڏنهن جواب نه مليو ته کيس زور سان سڏڻ لڳي

ساجدهه : الئبه ! الئبه ! او الئبه ڌيء !تي ٻاهر انيق به جيڪو دريء ۾ سوچن ۾ گهريل الئبه کي مسلسل تاڙي رهيو هو

پڦوء جو آواز ٻڌي الئبه ڇرڪ ڀريو ته ا

ڇرڪ ڀري سڌو ٿي ويو. الئبه : )جواب ڏيندي زور سان( جي! جي! اچان پئي!

ساجدهه : )کلي( اچان ڪٿي پئي! آئون ڪچن ۾ ئي آهيان ! تهنجي پويان! پلٽ! ڌيان ڪٿي اٿئي! ڇرڪ ڀري ڪٿي گرم چانهه ۾ پاڻ ساڙي نه ڇڏين!

الئبه : )مسڪرائي( جي! چانهه اتي پيئندو يا ڪمري ۾!ساجدهه : آئون پنهنجي چانهه کڻي پئي وڃان! تون هڪ ڪپ انيق کي ڏئي آ! ٻاهر باغيچي ۾ پڙهندو هوندو! پوء منهجي

ڪمري ۾ هلي اچجانء. الئبه : جي! )ساجدهه هلي وڃي ٿي(

الئبه ساجده جي وڃڻ کان پوء ڪوپ ۾ ٿرماس مان چانهه ڪڍي ٿي. )ڪٽ( سين ايڪيهون

منظر : بنگلي جو باغيچوالئبه کي ايندي انيق نظر مٿي ڪري ڏسي وري پڙهڻ ۾ مشغول ٿي وڃي ٿو، الئبه ٽري ۾ چانهه کڻي اچي بهي ٿي ۽ انيق جي

ڏسڻ جو انتظار ڪري پئي پر انيق آهي ته پڙهائيء ۾ بزي هئڻ جو جيسچر ڏي ٿو ۽ الئبه به خيالن ۾الئبه : )خيالن ۾( پڦاٽ انيق فاروق صاحب! هاڻ تون کڻي ڪيترو به سيريس ٿين آئون تنهنجن انهن چور نظرن کي سمجهي وئي آهيان! آئون توکي موٽ نٿي ڏئي سگهان! ڇو جو شايد توکي محسوس ئي ڪونه ٿيندو آهي ته سئوٽ تانيه توتي مري

! مٽي وئي آهي! آئون پنهنجي ساهڙيء نمان سئوٽ کي دوکو نٿي ڏئي سگهان! مجبوري آهي پڦاٽ

انيق پوء کيس اوچتو ڏسڻ جي ايڪٽنگ ڪري ڪنڌ مٿي ڪري ٿو. انيق : الئبه تون!

الئبه ڇرڪ ڀري خيالن مان موٽي اچي ٿيانيق : لڳي ٿو ڪافي وقت کان چانهه جهليو بيٺي آهين! هاڻ ته ٿڌي به ٿي وئي هوندي! خير! ٽيبل تي رکي ڇڏ! آئون هوئنء

به ٿڌي چانهه پيئڻ جو عادي آهيان! الئبه ٽري مان چانهه جي ڪوپ کي ٽيبل تي رکي واپس وري ٿي ۽ انيق پويان کيس ويندو، سوچي پيار ڀرين نظرن سان

ڏسندو رهي ٿو )ڪٽ( سين ٻاويهون

منظر : حسن جي بنگلي ۾ ڊائنگ ٽيبل تيٿي وڃي ٿي، مٿان انيق ٻاهران اچي پيو ۽

ڊائنگ ٽيبل تي شمائله ۽ الئبه سالد ڪٽي رهيون آهن، ٿورڙي دير کان پوء شمائله ا

الئبه کي سالد ڪٽي ڏسي ويجهو اچي ٿو انيق : ڇا ڳالهه آهي الئبه! هفتو کن ٿيو آهي تون اڪنامڪس يا ٻيو ڪو سبجيڪٽ سمجهڻ الء نه پئي اچين!

الئبه خاموش ۽ ڪوبه جواب نٿي ڏيانيق : الئبه! مان توسان آهيان! تانيه ته هر روز ڀڳي بيٺي آهي! تياري نه ڪنديئن ته پيپر ڪيئن ڏئي سگهنديئن!

اڪنامڪس سبجيڪٽ االهي ڏکيو آهي!کي ڪانهين! ٻيو ته! مهنجي طبيعت به ٺيڪ ڪونه هئي ! ٺيڪ آ مان صبحاڻ

الئبه : )سالد ڪٽيندي( نه ! ايتري به ڏ

ڪوشش ڪنديس!

Page 10: لمحن جو پاڇو SCREEN PLAY n SINDHI (LAMHAN JA PACHA)

Writer : Abdul Razzaque Memon (All Rights of Screen Play are Reserved Under Copy Write Act) Contact: 0300 2895691 Page 10

انيق ڪرسيء تي ڳالهائڻ ال ويهڻ لڳي ٿو ته روحيل به اندر داخل ٿئي ٿو، الئبه ڪٽيل سالد کڻي ڪچن ۾ وڃي ٿي، روحيل به اچي ڪرسيء تي ويهي رهي ٿو ۽ انيق کي

روحيل : تون هتي لڪي ويٺو آهين! هل سڀ ڀاتي تنهجو ڊرائنگ روم ۾ انتظار پيا ڪن! ۽ ها هڪ ڳالهه ٻڌ! توکي م نهنجي طرفداري ڪرڻي آ! بس!

انيق : وري ڪهڙو ڦڏو ڪري ويٺو آهين ! يا شادي ٻاديء جو ڪو چڪر آ!ٿن ٿا( ڪٽ

روحيل : ها اهڙي ئي ڳالهه آهي! امي سان گڏ آيو آهيان قسم سان انيق! گهڻي تڪليف ۾ اچي ويو آهيان يار! )ا

سين ٽيويهون منظر : حسن جي بنگلي جو ڊرائنگ روم

ڊرانگ روم ۾ گهر جا وڏا، حسن، نغمانه، ساجدهه ، شيراز ،رابعه محسن ۽ سلطانه زور زور سان ٽهڪ ڏئي رهيا آهن ۽ ڳالهيون به ڪري رهيا آهن!

سلطانه : )حسن کي( ادا توهان مذاق پيا سمجهو ۽ اسان بلڪل سيريس آهيون! بس هاڻ روحيل ۽ شمائله جي شادي جلد جو ٿيڻ گهرجي. اهو به رمضان کان پهرئين! )نغمانه مسڪرائي پئي(

محسن : )نغمانه کي( ڀاڀي ! مڱڻي ٿيندي به ٽي سال ٿي ويا آهن! ادا وڏو ته هر سال نٽائي ٿو وڃي! آئنده سال! آئنده سال! توهان کڻي سمجهايوس! هاڻ ته شمائله گريجوئيشن به ڪري ورتي !

انيق ۽ روحيل اچن ٿا ۽ خاموشيء سان پاسي ۾ صوفي تي ويهي رهن ٿاسلطانه : )روحيل کي ڏسي( اهو ڏسو! پڦاٽ دوست کي به سفارش الء وٺي آيو آهي! روز مٿو کايو وڃيم! انڪل وٽ هلو!

انڪل وٽ هلو! اڄ زوريء ڇڪي آيو آهي ۽ هاڻ اسان به خالي هٿ ڪونه وينداسون!نغمانه : )مسڪرائي( بهانو رحيل جو! سلطانه ائين ڇو نٿين چئين ته رمضان جي افطاري ۽ سهري ٺاهڻ ۽ گهر جي ڪم ۾

نهن گهرجي! مدد ال ء توکي به ن

نهن گهرجي! محسن ! هلو ڀاڀي! ائين ئي کڻي سمجهو! اسانکي رمضان جي رونق الء ن

حسن : ۽ آئون هن رمضان ۽ عيد تي پنهنجي گهر جي رونق کان محروم ٿي وڃان! واهه جو انصاف آهي! سلطانه : ادا توهان ڏي گهر ۾ ماشا اهلل ايڏا ڀاتي آهن ادي ساجدهه ۽ ڪنوار رابعه به!

ساجدهه : ادا محسن! حسن! بس فيصلو آئون ٿي ڪريان! رمضان کان پوء اچي پنهنجي ڪنوار وٺي وڃو! محسن : ٺيڪ آهي! منظور! باڀي توهانجو ڇا خيال آهي!

نغمانه : ادا اسانجي گهر ۾ ادي ساجدهه جو فيصلو اهميت رکي ٿو! جيئن سڀني جي مرضي! سڀ خوش ٿين پيا ڳنيق به روحيل کي اشاري سان ميوٽ ۾ مبارڪون پيو ڏي ۽ روحيل خوشيء ۾ نه پيو ماپي. )ڪٽ(

سين چوويهون منظر : بنگلن جو ڇتيون

پندو ڏيکاربو، )انٽرڪٽ( سفير کي مختلف بنگلن جون ڇتيون ٽ

سين پنجويهون منظر ؛ حسن بخاريء جي ون يونٽ بنگلي جو ٽيرس

پي ڇت تان حسن بخاريء جي بنگلي جي ٽيرس ۾. ٻئي ساهڙيون الئبه ۽ تانيه پاڻ ۾ ڳالهيون، کل سفير بنگلن جو ڇتون ٽ

ڀوڳ ۽ ٽهڪ ڏيندي ميوٽ ۾ ڏيکاربيون ۽ ڪٽ ڪٽ ڪندي سفير کي کين ڏسندي ڏيکاربو. ڳالهيون ڪندي تانيه موڪالئي هيٺ لهي وڃي ٿي ۽ الئبه ڪو ڪتاب کڻي پڙهڻ ۾ مشغول ٿي وڃي ٿي. سفير تانيه جي وڃڻ کان پوء ڇت تان

پ ڏئي لهي اچي الئبه جي سامهون بهي رهي ٿو ، الئبه کيس اوچتو ڏسي گهٻرائجي وڃي ٿي ۽ چوڌاري ڏسڻ جو جيسچر ٽ

ڏيندي خوف مان. الئبه : )ڪاوڙ ڪندي( اال! مٺيس! سفير! هيء ڪهڙي بدتميزي آهي ! هلي وڃ هتان ڪو اچي ويندو!

سفير : بلڪل نه ! ڪونه ٿو ڊڄان ڪنهن کان! نه ئي هتان هليو ويندس ! جيسين ڪه تون پيار جي ها نه ڪنديئن !

Page 11: لمحن جو پاڇو SCREEN PLAY n SINDHI (LAMHAN JA PACHA)

Writer : Abdul Razzaque Memon (All Rights of Screen Play are Reserved Under Copy Write Act) Contact: 0300 2895691 Page 11

سفير بلڪل نارمل ٻاهون ٻڌي بهي رهيو، جڏنهن ته الئبه جو چهرو خوف کان پگهر سان شل ٿي ويو هو.الئبه : )هٿ ٻڌي سرگوشيء ۾( اهلل جي واسطي هن وقت هتان هليو وڃ! وعدو ٿي ڪريان ته پرئين توسان يونيورسٽيء جي

ٻاهران ضرور ملنديس ! پر شرط! ته تون هاڻ هتان فورن هليو وڃ! جي ڪو آيو ته غضب ٿي ويندو ! )هيٺان سندس ماء نغمانه جي سڏڻ جو آواز اچي ٿو

آواز : الئبه ! الئبه ! الئبه : )آواز تي ڌيان ڏئي مڙي سفير کي ڏسي( پليز سفير ! خدارا ! هٿ ٿي ٻڌئين ! تون هاڻ هلي وڃ هتان!

سفير : )کيس گهوري ڏسي( پڪ سان! پوء يونيورسٽيء ٻاهران!الئبه خوف ۽ التجا سان ڪنڌ ڌوڻي ها ڪري ٿي ۽ پوء سفير مسڪرائيندو ڇت تي چڙهي وڃي ٿو ۽ پنهنجي گهر جي ڇت

طرف هلي وڃي ٿو ته الئبهه به ٿڌو ساهه کڻي پاڻ تي قابو پائي هيٺ لهي آئي. )ڪٽ( سين ڇوويهون

منظر : حسن جي بنگلي جو النالن ۾ چئوطرف ڪرسين تي بخاري فيمليء جا ڀاتي ويٺا آهن، سامهون صوفي تي رابعه کي ويٺل پيٽ سان ڏيکاربو، گڏ سلطانه، نغمانه ۽ ساجدهه ويٺيون آهن. ڇوڪريون وچ تي وڇايل گلم تي دهل وڄائي گيت ڳائي رهيون آهن. ساجدهه ۽

ٿن ٿيون ته نغمانه صوفي تان ا

سلطانه : ڀاڀي ڪيڏانهن !نغمانه : اچان ٿي! انيق ۽ روحيل االئي ڇو دير ڪئي آهي! اڃا ڳائڻيون وٺي واپس نه وريا آهن! فون ڪري ڏسان ته ڪٿي

پهتا آهن. )وڃي ٿي( ٿي ٿي وچ تي وڇايل گلم تي ويهي ٿي ۽ الئبه کان دهل وٺندي پاڻ وڄائڻ شروع ڪري ٿي ۽ تانيه ا

سلطانه پوء صوفي تان ا

ٿي رابعه ڀاڀيء جي ڀرسان اچي ويهي ٿي ۽ کيس گلو کنڪاري تنگ ڪري ٿي. نچي ٿي، الئبه دهل ڏئي ا

الئبه : )ڀاڄائي رابعه کي مسڪرائي ( ادا شيراز کان بغير مزو ته نٿو اچيو نه ڀاڀي ! پريشان نه ٿي! تانيه به کين ائين پاڻ ۾مذاقون ڪندو ڏسي، نچڻ ڇڏي اچي سندن ڀرسان ويهي ٿي!

الئبه : اجها ٿي فالئيٽ لينڊ ڪري! اچي ويندو! صبر جنهين جو س ير! ت نهين نه لهر نه لوڏو!

داس ئي ڪونه ٿيون ها! تانيه : )ٻڌي ويهندي( ها يار ! مونکي به بلڪل مزو نٿو اچي! اهلل ! ادا شيراز هجي ها ته اسان ا

ٻئي رابعا کي ڇيڙڻ لڳيون هيون..لو! ۽ ها!

الئبه : اڙي ! ڀاڀي رابعه ! توهان ايتري سيريس ۽ خاموش ڇو ويٺيون آهيو ! کلو !اسان وانگر ٽرڙپائي ڪريو! ڪو هلو گ

پريشان نه ٿيو ۽ دعا ڪريو ته ادا شيراز به جلدي اچي وڃي ! لي ٿو ۽ انيق ۽ روحيل اندر داخل ٿين ٿا ۽ پويان سهرا ڳائڻ

رابعه بس کين جوابي نظرن سان گهورڻ لڳي هئي، سامهون گيٽ ک

لو، ڳائڻين جي ناچ تي گهور هلي ٿي ، ڇوڪريون سڀئي گلم تي ڪورس ۾ ڳائڻ واريون شيدياڻيو اچن ٿيون. گهر ۾ هلو گ

الء ته گهر جون وڏيون رابعه سان وڃي صوفي تي ويهن ٿيون جن جي ٻنهين پاسن کان انيق ۽ روحيل بيٺل آهن. هڪ طرف روحيل ۽ شمائله هڪ ٻئي کي محفل وارن کان لڪي پيار جا اشارا ۽ اڱوٺا ڏيکاري ڇيڙڻ ۾ ته ٻي طرف وري تانيه انيق کي گهورڻ ۾ ته انيق وري الئبه کي پيار سان تڪي رهيو آهي ۽ الئبه بهاني سان نظرن کان پري ٿيو وڃي. سهرن ۽ ڳيچن کان پوء ٿي پنهنجي ڪمري ڏانه وڃي ٿي پويان انيق به

محفل جو اختطام ٿئي ٿو. سڀ مهمان موڪالئي ٻاهر وڃڻ لڳن ٿا ۽ الئبه ا

الئبه کي ويندو ڏسي پٺيان وڃيس ٿو )ڪٽ( سين ستا ويهون

منظر : حسن جي بنگلي ۾ شمائله ۽ الئبه جو مشترڪ بيڊخوبصورت ڊريس سان فنڪشن ختم ٿيڻ کان پوء الئبه پنهنجي ڪمري ۾ پهتي، پويان بيڪ گرائونڊ ۾ ڪنهن جي

قدمن جي ٿاپ ٻڌڻ ۾ پئي آئي. هڪ طرف هوء ڪمري ۾ پنهنجي وارن کي سڳين کان آزادي ڏيڻ ڊريس چينج ڪرڻ الء وارڊ روب طرف وڌي رهي هئي. ته ٻي طرف قدمن جي ٿاپ ختم ٿي ۽ ڪو سندس بيڊ روم جو درواز آهستي آهستي کولي

Page 12: لمحن جو پاڇو SCREEN PLAY n SINDHI (LAMHAN JA PACHA)

Writer : Abdul Razzaque Memon (All Rights of Screen Play are Reserved Under Copy Write Act) Contact: 0300 2895691 Page 12

ويو هو. هوء بيخبر ۽ منهن وارڊ روب طرف ڪيل هوس. وري قدمن جي ٿاپ ٿي ۽ خاموشي ڇائنجي وئي . هوء جيئن وارڊ روب کان منهن موڙڻ لڳي پوتي وري ته ڪنهن جسم سان ٽڪرائجي وئي ۽ سندس وات مان چيخ نڪرڻ واري هئي ته

ڪنهن سندس وات تي چيخ روڪڻ الء هٿ وڌو ۽ ڪنهن هٿ جي اشاري سان کيس خاموش رهڻ جو اشارو ڪيو ۽ هن جو حيرت ۾ ڀريل اکيون ڦوٽارجي ويون ۽ ڪنڌ ڌوڻي ها ڪئي ته هٿ سندس وات کان نڪري آيو. الئبه پنهنجي شمائله

ج جي مشترڪ ڪمري ۾ سفير بيٺو ڏسي حيرتزدهه ۽ پريشان ٿي وئي.. الئبه : ت .. تت.. تون !

سفير : ها ! آئون ! تو ته وعدو ڪيو هو ته يونيورسٽي گيٽ تي اچي ملنديئن ! مان ت نهنجي انتظار ۾ پورو هفتو خوار ٿيندو تي به تون نه آئيئن! اڄ به ڇت تي بهي

رهيس! پر تون نه آئيئن! پوء تنهنجي بنگلي جي ڇت تي به ت نهنجو انتظار ڪيم! ا

تنهنجو پورو فنڪشن ڏٺ اٿم ۽ تنهنجي اچڻ جو انتظار ڪيم!الئبه: )خوف مان( اف اهلل ! غذب ٿي ويندو ! خدارا فورن هتان هليو وڃ ! سڀ ڀاتي گهر ۾ موجود آهن! هي مهنجو ۽ شمائله جو مشتڪ بيڊ روم آهي! مهمانن کي خدا حافظ چئي !اجها ڪه پهتي )التجا ڪندي( سفير! اهلل جي واسطي هليو وڃ! جي

توکي ڪنهن ڏسي ورتو ته!سفير : ڀلي ڏسي وٺي ڪو به! چيم ته ڪنهن کان به ڊڄان ڪونه ٿو! مون کي هاڻ جو هاڻ پنهنجي محبت جو جواب تل( گهرجي ! بس! آئون ئي آهيان جو چريو ٿيندو وتان! ۽ تون آهين ته ! )سفير ويجهو اچي ٿو ۽ الئبه جون نظرون دروازي ۾ کالئبه : چوانئين ٿي مونکان پري ٿي وڃ! ت نهنجون اهي ئي حرڪتون آهن جيڪي مونکي خراب لڳن ٿيون ! شرافت سان

هيئنر جو هيئنر هتان هليو وڃ! نه ته آئون دانهون ڪري سڀني کي سڏي وٺنديس! هن سفير جو وڌندڙ هٿ جهٽڪي ورتو ۽ ناگڻ وانگر ور وٽ کائي رهي هئي ، سفيرڦري سندس سامهون اچي وي ۽ الئبه جي پٺ دروازي طرف هئي سفير بار بار سندس ويجهو ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو جڏنهن ته الئبه جو چهرو خوف ڪري

ڦڪو پئجي ويو هو. سفير : چري ٿي پئي آهين تون! آئون ڪيتري مشڪل سان رستا طع ڪري تو تائين پهتو آهيان ۽ تون آهين جو !

الئبه : ڇو آيو آهين ! مون توکي ڪو نياپو موڪليو هو! هليو وڃ هتان ! خدا جي وسطي هلي وڃ!الئبه کيس پنهنجي ڪمري مان ڌڪا ڏئي گهلڻ لڳي سفير هڪدم سندس هٿ پڪڙي ورتو ۽ کيس پنهنجي ويجهو

ڪنديسفير : مهنجي پيار تي يقين ڪر! مهنجي نيت بد ناهي! بس وات سان اقرار ڪر! ته توکي به مونسان ايترو ئي پيار آهي ته آئون

هلي ويندس! الئبه جو چهرو خوف کان ڦڪو ٿيندو ويو ۽ هوء گهٻرائي روئڻ لڳي

الئبه : ڇڏ مهنجي هٿ کي ڪتا! ڪميڻا! ذليل انسان! چوائين ٿي ته ڇڏ مهنجي هٿ کي نيچ انسان ! نه ته ! سفير : پليز ! الئبه ! ڊيئر ! مهنجي پيار جو يقين ڪر!

الئبه : شٽ اپ سفير! پري ڪري پنهنجو هٿ مونکان! ڪاوڙ ۾ الئبه جو چهرو ڳاڙهو ٿي ويو ۽ هن سفير کي پري ڌڪيلڻ جو ڪشش ڪئي ته هو لڙ کڙائي، ٿاٻڙجي ڪمري

ٿي سندس ويجهو آيو. کان ٻاهر وڃي ڪريو. سفير پاڻ سنڀالي وري ا

سفير: ٺيڪ آ الئبه! آئون هيئنر هلي ٿو وڃان ! پر پليز گوڙ گهمسان نه ڪر!هو وري اچي الئبه جي سامهون بهي هٿ ٻڌي گڙ گڙائڻ لڳو جڏنهن ته الئبه جو مٿو گهمي رهيو هو ۽ هوء ڪنهن شي جو

سهارو وٺڻ لڳي. سفير : الئبه آخر توکي مهنجي محبت تي يقين ڇو نٿو اچي! ڪهڙي ڪمتي آهي مون ۾! ڏس! ڇا ڪوجهو آهيان!

الئبه : )چڪرائجي پلنگ تي ويهندي( ٺيڪ آ بابا! بس ! بس! مونکي يقين آهي تنهنجي هر ڳالهه تي! تنهنجي محبت تي ۽ توتي به ! بس هاڻ ٽر! ۽ جان ڇڏ! پليز! پليز! خدا جي واسطي ! متان ڪو اچي وڃي!

Page 13: لمحن جو پاڇو SCREEN PLAY n SINDHI (LAMHAN JA PACHA)

Writer : Abdul Razzaque Memon (All Rights of Screen Play are Reserved Under Copy Write Act) Contact: 0300 2895691 Page 13

ن تي جهڪڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو ۽ هوء پاڻ کي بچائيندي رهي . ) سفير سندس ها چوڻ تي خوشيء ۾ مهڪندي ا

انٽر ڪٽ( سين اٺاويهون

منظر : ساڳيو حسن جي بنگلي جو انيق فاروق گفٽ پيڪ کڻي اچي رهيو آهي ۽ الئبه جي ڪمري وٽ پهچي سمورو منظر ڏسي پنهنجي جڳهه ته ساڪت ۽

منجمند ٿي ويو. سندس هٿ ۾ الئبه الء آڻيندڙ گفٽ باڪس به هو جنهن ۾ هڪ هيري جي م نڊي، ڪي چوڙيون خوبصورتيء سان پيڪ ٿيل ڏسڻ ۾ اچي رهيون هيون. گفٽ انيق فاروق جي هٿ مان ڪري پيو ۽ الئبه اکيون ڦوٽاري، وات تي پنهنجو هٿ حيرت ۽ پريشانيء مان انيق فاروق کي ڏسي رهي هئي. سفير جو رنگ به خوف کان پيلو ٿي چڪو هو ۽

سندس قدم پوئتي هٽڻ لڳا. انيق ڪاوڙ ۾ اڳتي وڌيو، سندس نيليون اکيون حيرت ۾ ڦاٽي رهيون هيون الئبه : )انيق ۽ سفير جي وچ ۾ ايندي( آ... آ.. ا... ادا انيق! هه... هه.. هو!

انيق سختيء سان کيس جهٽڪيو ته هن جو مٿو وڃي ڊريسنگ ٽيبل سان ٽڪرائيو، هڪ چيخ سندس وات مان نڪري وئي، سندس ٺونٺيون زور سان وڃي ٽيبل کي لڳيون هيون. )انٽر ڪٽ( وڻٽيهون

سين ا

منظر : ساڳيو حسن جي بنگلي جوسفير ٻنهين کي ڳالهائيندو ڏسي ، فائدو وٺي ڦڙتيء سان مڙيو ۽ ٻاهر نڪرندي پويان الئبه جي ڪمري جو دروازو زور سان بند

ڪري ٽيرس ڏي ويندڙ ڏاڪڻ ٽپي ڀڄڻ لڳو. )انٽر ڪٽ( سين ٽيهون

منظر : ساڳيو حسن جي بنگلي جو انيق الئبه جي ڪمري جو دروازو کولي ۽ ڪاوڙ ۾ پيڇو ڪندي پنهنجي منهن گهٽ وڌ ڳالهائيندو ٻاهر ۽ سفير پويان

ٽيرس تي چڙهي ويو. )انٽرڪٽ( سين ايڪٽيهون

منظر : ساڳيو حسن جي بنگلي جوالئبه به خوف جي اثر ۾ رهي اٿي فورن پنهنجي ڪمري جو دروازو بند ڪري اندران الڪ ڪيو۽ بند درازي پويان پٽ تي

ويهي اوڇنگارون ڏئي رئڻ لڳي. )انٽر ڪٽ( سين ٻٽيهون

منظر : ساڳيو حسن جي بنگلي جو انيق واپس اچي الئبه جي ڪمري جو الڪ ٿيل دروازو کڙڪائيندو رهيو. )انٽر ڪٽ(

سين ٽيٽيهون منظر : ساڳيو حسن جي بنگلي جو

ٿي دروازو کوليو. بل آخر گهڻي ٺڙڪائڻ کان پوء الئبه ا

انيق : )واپس دروازو بند ڪر الڪ ڪيو ۽ سامهون اچي رڙ سان( ڇاپئي ٿيو اهو سڀ ڪجهه ! هان ! الئبه : ) ڏڪندي( آ.. ادا انيق ! م! مم! مان!

انيق : )سندس نيلين اکين ۾ پاڻي به ڀرجي آيو هو( دل ٿي چوي ته توکي گهٽو ڏئي ماري ڇڏيان! ت! تت! تون!جذبات جي شدت سان سندس آواز ويهي رهيو ۽ ڳالهائڻ ۾ هٻڪي رهيو هو پوء ڪاوڙ ۾ اچي هن کاٻي ساڄي پاسن کان الئبه کي ٻه ٽي چماٽون وهائي ڪڍيون ۽ هوء بيڊ تي وڃي ڪري. روئي رهي هئي، سندس اکين اڳيان تارا نچي رهيا هئا،

خوف ڪري سندس گگهي به بند ٿي چڪي هئي ۽ کيس هڏڪي اچڻ لڳي، پوء ٻاهر دروازي ٺڙڪائڻ سميعت مليا جليا آواز به اچي رهيا هئا. )انٽرڪٽ(

سين چوٽيهون

Page 14: لمحن جو پاڇو SCREEN PLAY n SINDHI (LAMHAN JA PACHA)

Writer : Abdul Razzaque Memon (All Rights of Screen Play are Reserved Under Copy Write Act) Contact: 0300 2895691 Page 14

منظر : حسن جي بنگلي جو الن انيق سندس مٿان هڪ نظر وجهندي دروازو کولي ڇڏيو ته دروازي تي محسن، حسن، سلطانه، نغمانه، رابعه، روحيل، شمائله، پيل تانيه، فراز، پڦو ساجده الغرض سڀ موجو هئا ۽ ڪمري جو منظر، الئبه جي حالت ڏسي سڀني جون نظرون انيق طرف ک

رهيون، هڪ اڻڄاڻ خوف تحت حسن پنهنجي ڌيء طرف نهاريوجيڪا زاروزار و قطار روئي رهي هئي. ان کان پهرئين جو انيق ڪجهه چوڻ الء اڳتي وڌي، روئيندڙ الئبه هڪدم بيڊ تان اٿي وڃي پنهنجي پيء جي ڀاڪر ۾ روئڻ لڳي ۽ پوء

الئبه : )روئيندي انيق طرف آڱرين سان اشارا ڪري( ب! بب! بابا! م! مم! مونسان ! انيق! انيق ؛ )پريشان( ڇا! مون! توکي ڪوڙ ڳالهائيندي شرم نٿو اچي!

سڀئي حقارت ڀريل نظرن سان انيق کي ڏسڻ لڳن ٿا انيق : پليز ! مونتي يقين ڪريو! آئون توهانکي ٻڌايان ٿو ته حقيقت ڇا آهي ! هي سڀ ڪوڙ آهي!

ساجدهه ششدر پريشان ڏڪندڙ هٿن سان اڳتي وڌي ٿي ۽ زور سان انيق کي چماٽ هڻي ٿي، انيق چماٽ کائي انيق : امي ! خدا جو قسم ! مون تي يقين ڪريو! ڇا تهنجو پٽ اهڙو ٿي سگهي ٿو!

ساجدهه )جذباتي ٿي( اڃا به ٿيڻيء کي ڪي سڱ ٿيندا آهن! ماء ۽ مرهيات پيء جي عزت جو به ڪو خيال نه آئيئي! اڙي ڪميڻا! مهنجي ٿڃ جي لڄ جو خيال نه آئي ته گهٽ ۾ گهٽ مامي جي مهربانن جو خيال ئي ڪرين ها نمڪ حرام! جنهن

توکي کارائي وڏو ڪيو! انيق : ماما! مامي! پليز مون تي يقين ڪريو! هي بهتان آهي!

حسن : )ڪاوڙ ۾( بيغرت! اندران ڪمرو الڪ، ڪمري جي هيء حالت! پوء به ڍيٺ ٿي چوين ٿو ته هي بهتان آهي! تون ايترو ڪري سگهين ٿو! اسان سوچي به نٿا سگهون! آئون چوان ٿو!هيئنر جو هيئنر منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃ نمڪ حرام !

ٽري وڃ مهنجي اکين اڳيان! )کنگهي کنگهي سيني تي هٿ رکي ويهي رهي ٿو(ساجدهه بيهوش ٿي ڪري پئي ٿي، سلطانه ۽ نغمانه کيس سهالئين ٿيون شمائله پاڻي کڻڻ وڃي ٿي ۽ محسن حسن کي

سنڀالي ٿو. محسن : بس! ڪريو ادا بس ڪريو! توهانجي طبيعت بگڙجي ويندي!

حسن : ڇا بس ڪريان ! پنهنجي گهر ۾ رهڻ جي جڳهه ڏنم! کيس پيء جي ڪمي ڪان ٿيڻ ڏنم! ۽ هن بي حيا! بيشرم! مونکي انهن احسانن جو اهو بدلو ڏنو آهي جو مهنجي ڌيء سان! )کنگهندو وڃي ٿو(

اوچتو ڪرندڙ ساجدهه جا هٿ پير ٿڌا ٿي وڃن ٿا جنهن کي ڏسي سندس ڌيء رابعه دانهون ڪري ٿي رابعه : )رئندي( امي ! امي! پليز اکيون کوليو! ماما ! مامي ! ڏسو پليز ! امي ساهه نه پيا کڻن! امي! امي!

ٿي ڀيڻ پاسي ۾ سواء الئبه، تانيه، سلطانه جي سڀ ساجدهه طرف اچن ٿا، انيق سميعت محسن ۽ حسن به کگهندي کگهندي ا

اچن ٿا! سندس چهري تي پاڻي هارجي ٿو حسن : )روئيندي( ساجدهه! ساجدهه ! مهنجي ڀيڻ اکيون کول! ڀال ان ۾ تهنجو ڪهڙو ڏوهه!

انيق به ماء جي پيرن ۾ لپٽي ٿو انيق : )روئيندي( امي! امي! منهنجي پياري امي! خدارا اکيون کوليو!

رابعه ڀاء انيق کي ماء کان پري ڪري ٿيرابعه : )چيخندي( تون اسانجو ڪجهه نٿو لڳين! مونکي ته توکي ڀاء چوندي شرم ٿو اچي! دفع ٿي وڃ هتان! مان زندگي ڀر

ت نهنجي شڪل نٿي ڏسڻ چاهيان! لعنت آهي توتي! بيغيرت ڪٿي جا! ) ماء کان پري ڪري ڇڪيس ٿي( تون اڃان وڃين ڇو نٿو! هلي وڃ هتان! هلي وڃ هتان

انيق ڀيڻ جا ڌڪا کائي اٿي ٿو ۽ ڪجهه چوڻ بنان الئبه کي حيرت سان ڏسي، ماء کي پٽ تي پيل ڏسي خاموشيء سان آهستي آهستي ، هر هر پويان نهاري ڀيڻ جي ڌڪن ۾ ڪمري کان ٻاهر نڪري وڃي ٿو ۽ پوء رابعه روئندي روئندي اچي ما۽ جي کي ڀاڪر پائي روئي ٿي، محسن ۽ حسن به ڀيڻ ساجدهه سان لپٽجي روئين ٿا! تانيه الئبه کي هٿ جي ڀاڪر ۾ قابو

ڪري ويٺي آهي جيڪا پڻ پنڊ پهڻ ٿيل آهي.

Page 15: لمحن جو پاڇو SCREEN PLAY n SINDHI (LAMHAN JA PACHA)

Writer : Abdul Razzaque Memon (All Rights of Screen Play are Reserved Under Copy Write Act) Contact: 0300 2895691 Page 15

تانيه : انيق ايترو ڪري سگهي ٿو! مونکي ته يقين نه پيو اچي، الئبه پٿريل اکين سان تانيه کي ڏسي ٿي ۽ پوء بيٺي بيٺي بيهوش ٿي پٽ تي ڪري پئي ٿي )ڪٽ(

سين پنجٽيهون

منظر : ساڳيو حسن جي بنگلي جو ڪئمرا ٻاهر الن ۾ڦوڪڻن ۽ پنين سان سجيل ۽ محفل ختم ٿي سنسان ٿيندڙ خالي جڳهه کي پين ڪندي گهر ۾ هڪ ن وقت الئونج ۾ رکيل ٽيليفون جي

داس ڏسڻ ۾ پيا اچن. ا

داس ا

وڏي الئونج تي اچي ٿي جتي سڀ اکيون هيٺ ڪري ا

گهنٽي وڄڻ لڳي ٿي جڏنهن ته گهر ۾ سڀ الئبه جي چوڌاري ويٺل هئا جنهن کي اڃا هوش نه پئي آيو. فون جي گهنٽي وڄندي وڄندي بهي رهي ٿي ته اوڏي مهل الئبه هوش ۾ اچي ٿي ۽ خالي نگاهن سان هر هڪ کي ڏسڻ جي ڪوشش

گهندي شمائله فون اٽينڊ ڪرڻ ڪري ٿي. ڪمري ۾ وري ٽيليفون جي گهنٽي وڄڻ لڳي ٿي، لڙڪن سان وهندڙ اکيون ا وڃي ٿي ، رابعه اڃا ماء ساجدهه جي هنج ۾ منهن لڪائي روئي رهي آهي. )انٽر ڪٽ(

سين ڇٽيهون

منظر : ساڳيو حسن جي بنگلي جو داس ويٺا آهن. )انٽر ڪٽ(

ٻاهر اڱڻ ۾ محسن، حسن ۽ روحيل اداس ا

سين ستٽيهون

منظر : ساڳيو حسن جي بنگلي جو انيق پنهنجي ڪمري ۾ بيڊ تي اونڌو منهن ڪري ليٽي ته ڪڏنهن کاٻي ساڄي پاسن ۾ ڀلٿيون ماري پريشان ۽ اکين مان

مسلسل لڙڪ وهائي رهيو آهي. )انٽر ڪٽ( سين اٺٽيهون

منظر : ساڳيو حسن جي بنگلي جو داس نموني نڪ مان سڙڪ ڀريندي فون تي ڳالهائي پئي

شمائله ا

شمائله : هيلو ! ادا ش! شش! شيراز )ائين چئي هڪدم سڏڪا ڀري روئي ٿي( شيراز جو آواز : شمائله ! خيريت ته آهي نه!

ڪمري ۾ رابعه جي رئڻ جو آواز تيز ٿي وڃي ٿو جيڪو شيراز به ٻڌي وٺي ٿو شيراز : شمائله ! ڀيڻ ! رابعه ته خيريت سان آهي نه!

شمائله : ها ڀاڀي خيريت سان آهن! ترسو مان ڪنهنکي سڏي ٿي وٺان! توهان ڳالهائجو! جواب جو انتظار ڪرڻ کان سواء ڪريڊل رکي ڪنهنکي سڏڻ ال ء وڃي ٿي

محسن رابعه سان گڏ اچي ٿو ۽ فون اٽينڊ ڪري ٿومحسن : )ٻئي پاسي کان ٻڌي( سڀ خيريت آهي ! بس تون جلدي فالئيٽ وٺي گهر پهچڻ جي ڪوشش ڪر! )ٻڌي( نه نه!

پريشان نه ٿي! سڀ خيريت آهي! )ٻڌي( ٺيڪ آ ! صبح واري فالئيٽ تي اچجائنء! پوء تفصيل سان ڳالهائينداسون! جواب وٺڻ بنان ئي فون ڪٽي رکي ٿو ڇڏي. سامهون ليٽيل ساجدهه کي ڏسي پيو جيڪا اکيون کولي ڪنهن سان ڳالهائڻ

ٿاري کان بنا صرف ڇت کي گهوري رهي هئي ۽ ڀراسان وڃي کيس ا

ٿ شاباس! ڏس ڇا ٿو چوڻ چاهي!ٿ! هل ته ٻاهر هلون! ادا حسن توسان ڳالهائڻ ٿو چاهي! ا

محسن : ساجدهه ڀيڻ! ا

محسن ساجدهه کي ٻانهه کان جهلي حسن ۾ وٺي وڃي ٿو.)ڪٽ( سين اوڻيتاليهون

منظر : ساڳيو حسن جي بنگلي جو حسن اڱڻ ۾ ويٺل ساجد ۽ محسن اچن ٿا، ٻنهين جو اکيون چار ٿيڻ سان ساجدهه پنهنجي مٿي تان رئو )گند( الهي روئندي وڃي حسن جي پيرن ۾ وجهي ٿي ۽ او ڇنگارو ڏئي روئي ٿي، ڀاء حسن به پير پري ڪري اهو رئو کنيو ۽ ڀيڻ جي مٿي تي

واپس رکي، مٿي تي هٿ رکي کيس ڀاڪر پائي روئيندو رهيو.

Page 16: لمحن جو پاڇو SCREEN PLAY n SINDHI (LAMHAN JA PACHA)

Writer : Abdul Razzaque Memon (All Rights of Screen Play are Reserved Under Copy Write Act) Contact: 0300 2895691 Page 16

حسن : بس ڪرڀيڻ ! ڇو ٿي روئي روئي پاڻ کي روڳ ۾ وجهين! اوالد ئي جي بدبخت، نمڪ حرام نڪري! ته تهنجو ان ۾ڪهڙو ڏوهه! )وري روئڻ ۾ شروع ۽ حسن ۽ محسن کيس پيار ڪرڻ ۾. )ڪٽ(

سين چاليهون

منظر : ساڳيو حسن جي بنگلي جو ليل، باٿ روم ۾ آئني جي سامهون پنهنجي عڪس کي ڏسي

الئبه جو ڪمرو، پنهنجي باٿ روم ۾، باٿ روم جو دروازو ک

فليش بيڪ ۾ هلي وڃي ٿي جتي ڏيکارجي ٿو ته ڪيئن هر فرد لمحي لمحي انيق تي ڪاوڙ ڇنڊي لعن تعن ڪري رهيو آهي پاڻ روئي لڙڪ ڳاڙي پئي ته آئيني مان سندس عڪس ساڻس ڳالهائي پيو!

عڪس : پاڻ کي ذلت کان بچائڻ الء تو هڪ نيڪ ۽ معصوم انسان! سڀني جي نظرن ۾ ڪرائي ڇڏيو تو الئبه حسن! شايد توکي خبر ناهي ته مقافات عمل آهي ۽ آخرت ۾ سزا ملڻ سان گڏ دنيا ۾ به ان جي سزا ملندي آهي! اها سزا توکي به ضرور ملندي! ۽ اها ذلت! اهائي بدنامي! اهي ئي ڳالهيون توکي به ٻڌڻيون ۽ سهڻيون پونديون! تو خراب ڪيو الئبه حسن! تو

ڏاڍو خراب ڪيو! )ايڪو( خراب ڪيو! خراب ڪيو! خراب ڪيو! ضمير جي احسا ڏيارڻ تي هوء مٿو پٽي ، ماتم ڪري روئڻ لڳي ٿي ۽ پاڻ سان

الئبه : اوهه! اهلل ! هي مون ڇا ڪري ڇڏيو! هڪ معصوم انسان سان ڪيڏو قهر ڪري ڇڏيو! اي اهلل! آئون هن ڏوهه تي معافيء جي حقدار ڪانه آهيان! مونکي پنهنجي ڪيئي تي ضرور سزا ملڻ گهرجي. )روئي ٿي( )ڪٽ(

سين ايڪيتاليهون

منظر : ساڳيو حسن جي بنگلي جو ٽي وي الئونج . شيراز بيٺو آهي، رابعه انيق کي مجرمن وانگر ٻانهه کان ڇڪي آڻي بهاري ٿي ۽ انيق خاموش نگاهن سان ڪنڌ هيٺ ڪري خاموش بيٺو آهي، الئبه بج شيراز جي ڪمري ۾ اچي ٿي ۽ ڊوڙي وڃي ڀاء شيراز جي چوڙي سيني تي ڀاڪر پائي روئي ٿي، انيق به البه کي ڏسي ٿو ٻئي هڪ ٻئي کي ڏسن ٿا. شيراز اڳتي وڌي ٿو ۽ انيق کي ڌڪ، موچڙا هڻي ٿو، انيق

خاموش برداشت پيو ڪري ۽ ڪير به وچ ۾ پئي مداخلت نه پيو ڪريشيراز : تون بيغرت! بيشرم ! ذليل ! ڪميڻا انسان! ٻڏي وڃي مر گٽر ۾! اها هئي تنهنجي شرافت! هي هو تنهنجوپيار! تهنجي

خاموشي! شيراز ڀرسان پيڪ ٿيل گفٽ پيپر کي کڻي کولي ڦاڙي ان ۾ پيل چوڙيون ڪڍيون ۽ انيق ڏي ڦٽي ڪري اڇالئي هنيون. چوڙيون ڇن ڇن ڪنيون وڃي پٽ تي ڪريون ۽ ڇن جو آواز ٻڌي الئبا جو اکيون پٽ تي ڪرندڙ چوڙين تي ڄمي پيون. گهر جا سڀ ڀاتي گوڙ ٻڌي پنهنجن ڪمرن مان نڪري اچي بهي رهيا هئا. شيراز وري تيش ۾ اچي هٿ مان منڊي ۽ واچ

ڪڍي پاسي تي رکي وري اچي انيق کي ڪٽڻ لڳو تانيه ؛ )پاڻ سان سس پ س ڪندي( مون به اهڙي ذليل ماڻهوء سان پيار پئي ڪيو!

ي جو ڄمندي ئي مري وڃين ها! ساجدهه : )بد دعا( ان کان ته چڱون هئ رابعه : هاڻ ميسڻو ٿي بيٺو ڇو آهين ! وڃ ۽ وڃي مر پنهنجي ڪمري ۾!

انيق خاموشيء سان ٻاهر نڪري وڃي ٿو. )ڪٽ( سين ٻائيتاليهون

منظر : ساڳيو حسن جي بنگلي جو سڀ وڏا ڊرائنگ روم ۾ جمع آهن، ننڍا در تي بيٺل. انيق کي به گهرايو ويو آهي جيڪو ڪنڌ هيٺ ڪري هڪ پاسي تي

ويٺو آهيٿي( ادا محسن ۽ مون فيصلو ڪيو آهي ته اڳئين جمعي تي چند ذاتي مهمانن کي گهرائي انيق ۽ الئبه جو نڪاح

محسن : )ا

ڪيو ويندو! )سب ٻڌي حيرت ۾ ۽ گوڙ شروع( شيراز : )پيء کي( اهو ڇا بابا سائين! اهڙي حرڪت کان پوء به! )حسن خاموش رهي ٿو(

محسن : هي فيصلو سوچي سمجهي ۽ خاندان جي عزت خاطر ڪيو ويو آهي جنهن تي ڪنهن جو به اعتراض نه ٻڌو ويندو!

Page 17: لمحن جو پاڇو SCREEN PLAY n SINDHI (LAMHAN JA PACHA)

Writer : Abdul Razzaque Memon (All Rights of Screen Play are Reserved Under Copy Write Act) Contact: 0300 2895691 Page 17

محسن : )انيق کي( ڇوڪرا ! جي توکي اسانجي فيصلي کان اعتراض هجي ته ٻڌا! متان پوء ! )انيق خاموش رهي ٿو(حسن : هن کي اعتراض جو ڪو حق ڪونهين ! الئبه ڌيء کي بيعزت ڪيو اٿس ! ته عزت به کيس ئي ڏيڻي پوندي! مان پڇان ٿو ته ڇا اسين مري ويا هئاسون جو تو اهڙو قدم کنيو! يا تهنجي زبان تي قلف چڙهيل هو! ڳالهه ته ڪرين ها! اسان پاڻ ئي الئبه کي الڏ ڪوڏ سان ۽ ڌوم ڌام سان تنهجي ڪنوار بڻايون ها! پر تو ته بيشرميء جو سڀ حدون ٻرانگهي وئين! گهٽ

۾ گهٽ پنهنجي ماء جي ۽ ڀيڻ جي عزت جو ئي خيال ڪرين ها! محسن : بس هاڻ جيڪو ٿيو سو ٿيو! سڀئي اهو وساري ڇڏيو ۽ هاڻ اها ٻڙڪ به ٻاهر نه نڪرڻ گه رجي. ايندڙ جمعي تي هن

الئونج ۾ ئي چند ذاتي دوستن جي موجودگيء ۾ نڪاح پڙهبو! )ڪٽ( سين ٽيتاليهون

منظر : ساڳيو حسن جي بنگلي جوشيراز ۽ رابعه جي بيڊ روم مان شيراز جي دڙڪن ۽ ابعا جي سڏڪن جا آواز اچن پيا جيڪي شيراز جي ماء نغمانه ٻڌي وٺي ٿي ۽ اندر وڃي ٿي، شيراز خاموش ٿي وڃي ٿو ۽ رابعه روئي رهي آهي، نغمانه وڌي رابعه کي ڀاڪر ۾ وجهي پيار ڪري ٿي

نعمانه : )شيراز کي( رابعه تي ڇو پيو ڪاوڙ ڇنڊين! هن ۾ هن ويچاريء جو ڪهڙو ڏوهه! شيراز : ڀاڻس آ نه! پوء وڃين دفع ٿي وڃين هتان ! وڃي ڀاڻس وٽ ! مون وٽ ڇا اٿس هاڻ!

نغمانه : ابا ! ابا ! شيراز! پڻهين چيو هو نه هاڻ انهن ڳالهين جو هن گهر ۾ ٻيهر ذڪر ڪونه ٿيندو ۽ ڪير به اهي ڳالهيون ڪون ورجائيندو!

ٿي بريف ڪيد کڻي آفيس هلي وڃي ٿو، رابعه رئڻ ۾ ۽ نغمانه کيس پرچائڻ ۾. )ڪٽ( شيراز ڪاوڙ ۾ ا

سين چوئيتاليهون

منظر : ساڳيو حسن جي بنگلي جو تانيه ۽ الئبه ڳالهيون پيون ڪن

تانيه : مون کي ته پڦاٽ انيق کان هاڻ نفرت ٿي وئي آهي متان ڪڏنهن اهو سوچجائن ته مهنجي دل ۾ هن الء ڪا محبت ذاري سگهنديئن! تون انڪار به ڪري سگهيئن

جي الٽ پئي ٻري! پر مونکي افسوس آهي ته تون هن سان ڪيئن زندگي گ

پئي! ادا شيراز کي چئي!الئبه : تنهنجي بيچيني سمجهان پئي! مونکي خبر آهي ته توکي انيق سان پيار آهي! پر! شايد هڪ طرفو! مونکي خبر آهي ته

انيق ٻئي ڪنهن کي چاهيندو هو! چڱو ٿيو بچي وئين! ان ڪري توالء قرباني پئي ڏيان! تانيه : ته تون به هاء انيق! ها انيق ڪندي پئي وتين ڇا!

الئبه ؛ تڏنهن ته هن اهو رسڪ کنيو!تانيه : ۽ بدنام ٿي ويو! آئون پنهجي الء نه پئي چوان! پر تون انڪار به ته ڪري سگهيئن پئي نه! شاديء جي ميندي ڪا

زوريء ٿوڙي رچندي آهي!الئبه : ڀال بابا سائين جي سامهون ڪنهنجي هلي سگهي ٿي ڇا! بابا جي فصلي جو ڇا ٿو ڪري سگهجي! ۽ تون ته نفرت

ڻ تڻ ڇو اٿئي! پئي ڪرينس پوء ايڏي ا

تانيه : هون! مهنجي جتي! )ڪٽ( سين پنجيتاليهون

منظر : ساڳيو حسن جي بنگلي جو بنگلي جي الن کي چند ماڻهن الء شادي هال بڻايو ويو آهي، گهر جي ڀاتين کان عالوه ڪي چند ذاتي دوست به مدعو ٿيل آهن، انيق گهوٽ بڻيو بلڪل خاموش سيج تي ويٺل آهي مولويء سان گڏ ڀرسان ٻئي ماما نقلي خوشيء جو اظهار ڪري

رهيا آهن، شيراز ۽ راحيل پري پري ويٺل آهن . )انٽرڪٽ( سين ڇائيتاليهون

منظر : ساڳيو حسن جي بنگلي جو

Page 18: لمحن جو پاڇو SCREEN PLAY n SINDHI (LAMHAN JA PACHA)

Writer : Abdul Razzaque Memon (All Rights of Screen Play are Reserved Under Copy Write Act) Contact: 0300 2895691 Page 18

الئبه کي ڪنوار ڪري وهاريو ويو آهي، کيس ڪنورار ٿيندي ڏسي تانيه سڙي پچي رهي آهي ٻه وڪيل اچن ٿا ميوٽ ۾ الئبه جي رضامندي ۽ ها ٻڌي نڪاح رجسٽر تي الئبه جي صحيح ڪرائي وڃن.

تانيه : ڏاڍي مهڪين پئي ! لڳي ٿو ته اهو پالن توئي ٺاهيو هجي! الئبه : بس پنهنجي پنهنجي قسمت! )اندر اندر ۾ مسڪرائي ٿي. )انٽرڪٽ(

سين ستيتاليهون

منظر : حسن جي بنگلو )الن( الن ۾ نڪاح جو سمان، انيق گهوٽ بڻيل ٻنهين پاسن کان ٻئي ماما ويٺل آرٽيفيشل دل سان کلي ڳالهيون پيا ڪن.

وڪيل اچن ٿا ۽ مولوي کي رجسٽر ڏين ٿا، مولوي به ميوٽ ۾ انيق کان قبوليت جو پڇي ٿو ۽ پوء مولوي نڪاح پڙهي ٿو. )ڪٽ(

سين اٺيتاليهون

منظر : حسن جي بنگلو ) البي ( نڪاح رجسٽر تي وڪيلن جي موجودگيء ۾ صحيح ڪرڻ کان پوء تانيه کان سواء سڀئي ڪري مان ٻاهر نڪري وڃن ٿا

الئبه : تانيه ! هاڻ ڇا ٿيندو! مونکي خوف پيو ٿئي ! هاڻ آئون انيق جي چبهندڙ نظرن جو تاء ڪيئن برداشت ڪري سگهنديس!

تانيه : چري! رڳو نڪاح ٿيو آ. چاچيء چيو پئي ته اڃا رخستيء جو پروگرام ڪونهين! گهر جو ماحول ٿڌو ٿيندو ته پوء رخستي ٿيندي!

الئبه : ۽ رخستيء کان پوء! وري به ته !تانيه : ڏس! تو پاڻ پئي چيو ته هو اڳ ۾ ئي تو ۾ دلچسپي ڏيکاريندو رهندو هو! بس ڦٽيس جو آخر جذبات ۾ اچي اهو ڪم

ڪري ڇڏيائين! يا مونکان جان ڇڏائڻ الء اهو ڊرامون ڪيو هوندئين!الئبه : تانيه ! مونکي ت نهنجي پيار جي ڇنجڻ تي افسوس پيو ٿئي! يقين ڪر! مون ڪڏنهن به انيق کي ان نظرن سان ڪونه

ڏٺو هو!تانيه : سمجهان ٿي! پر جڏنهن جهرڪيون پورو فصل چڳي ويون! ته هاڻ پڇتائڻ ڇا جو! قسمت جو فيصلو ته قبول ڪرڻو

پوندو! ماء، چاچي ۽ ٻيون سئوٽون اچن ٿيون ته ٻئي خاموش ٿي وڃن ٿيون. )ڪٽ( سين اوڻونجاهون

منظر : حسن جي بنگلو ) ڪمرو ( شيراز جي ڪمري ۾ ماء نغمانه، ڀيڻ شمائله ۽ خاموش رابعه

ن جي زال آهي! ڀال اڃا رخستي توڙي پيا پيش ڪريون! نغمانه : هاڻ هوء ا

شيراز : ممي ! ممي! منهنجي غيرت گوارا نه ٿي ڪري! مان هن شخص کي پنهنجي گهر ۾ گهمندي ڦرندي نٿو ڏسين سگهان!

نغمانه : هاڻ هو تنهنجو ڀيڻويو به آهي! اهو ته خيال ڪر! جڏنهن اسان سڀني ڳالهه پوئتي ڪري ڇڏي آهي ته تون به مڙي وڃ! ڪو ڌاريون ڪونهين! تنهنجو پ ڦاٽ به ته آهي!

شيراز : ٺيڪ اهي ته پوء هو گهر ڇڏي ٻي هنڌ وڃي رهي! نغمانه : ڪيڏانهن ويندو! نه نوڪري نه چاڪري! ڪٿان کائيندو! ڪٿان جاء جي مسواڙ ڀريندو!

شيراز : پوء چئوس ته بنگلو ڇڏي! اينيڪسيء ۾ وڃي رهي! نغمانه : نوڪرن سان! ڇا ساجدهه پڦو رهي سگهندي!

شيراز : ساجدهه پڦو ڀلي بنگلي ۾ پنهنجي ڪمري ۾ رهي )رابعه کي( ۽ ها تون به وڃي ماڻين سان رهه! مونکي هاڻ تهنجي ضرورت ڪانهين!

Page 19: لمحن جو پاڇو SCREEN PLAY n SINDHI (LAMHAN JA PACHA)

Writer : Abdul Razzaque Memon (All Rights of Screen Play are Reserved Under Copy Write Act) Contact: 0300 2895691 Page 19

نغمانه : ابا! ابا! ڏنڊو سڄو وري رابعه تي! ڏسين نه پيو ته ڌيء تنهنجي اوالد جي ماء بڻجڻ واري آهي!ٿي ٻاهر ويندي

ڪاوڙ ۾ ا

شيراز : توهان مائين سان ته اککه پڄي! جيئن وڻيو تيئن وڃي ڪريو. )نڪري وڃي ٿو( ڪٽ سين پنجاهون

منظر : حسن جو بنگلو )سروينٽ ڪوارٽر(سروينٽ ڪوارٽر يا اينيڪسيء ۾ هڪ ننڍڙو ڪمرو، بيڊ تي انيق ليٽيل ۽ گهري سوچن ۾ فليش بيڪ ۾ پورو ماضي

سامهون اچيس ٿو پاسا بدالئي هر منظر تي بدالئي بيچين. )ڪٽ( سين ايڪونجاهون

منظر : حسن جي بنگلو )ساجده جو ڪمرو(بيمار ماء ساجدهه بيڊ تي ليٽيل، رابعه دوا پياريس ٿي ۽ پوء ما۽ کي ليٽائي پيرن تي زور ڏيس ٿي، ماء ڪيجهڻ ۽ هر هر پاسا

ٿي پريشان ٿي وري ليٽي پئي ٿي ۽ ڪينجهندي بدالئڻ کان پوء ا

ساجدهه : ڪوارٽر ۾ انيق کي ماني موڪلي هيئي! هفتا ٿيا آهن! بيمار ماء کي ڏسڻ به ڪونه آيو آهي! نڊو ڪونهين! نوڪرن کان گهرائي کائي ڇڏي هوندئين! اهڙي ڪئي اٿس! امي پوء به تون سندس فڪر ۾!

رابعه : ٽ

ساجدهه : ڀال شيراز پريشان ٿيندو هوندو! تون وڃ پنهنجي ڪمري ۾! آئون س مهين رهنديس! متان ڪوارٽر ۾!رابعه : ڪا ضرورت ڪانهين! هن واقعي کان پوء شيراز به بلڪل بدلجي ويو آهي ممي! وڃان ٿي ته ڌڪا ڏئيو ڪمري مان ٻاهر ڪڍيو ڇڏي! هاڻ مونکان اها روز روز جي بيعزتي برداشت ڪانه ٿي ٿئي ! ٻيو تون اڪيلي ۽ بيمار آهين! توکي

ڪيئن ٿي ڇڏي وڃان! ساجدهه : بس پٽ ! پنهنجي وڍئي جو نه حبيب! نه طبيب!

رابعه : الئبه جي عزت تي هٿ وجهي سڀني جي وچ ۾ ڀتيون بهاري ڇڏيائين!ٿي مٿي تي به زور ڏيڻ لڳيس. )ڪٽ(

ماء کي ننڊ اچي وئي ۽ کنگهرا هڻڻ لڳي پاڻ ا

ٻاونجاهون منظر : حسن جي بنگلو )شيراز جو ڪمرو(

شيراز جو ڪمرو، حسن، محسن ۽ نغانه شيراز کي سمجهائين پيا حسن : الئبه مهنجي ڌيء ۽ رابعه مهنجي ڀيڻ جي ڌيء آهي! اهو نه وسار!

شيراز : پر بابا سائين!حسن : ڪا پر ٻر نه! ڳالهه ختم ٿي ته ختم ٿي! هن گهر جي ڪنهن فرد کي امر ناهي ته ماضي ورجائين ۽ اسانجا زخم ساوا

ڪن! محسن : اهو سوچ هوء تنهنجي اوالد ۽ اسانجي نسل جي ماء به بڻجڻ واري آهي! پئدا ٿيندڙ اوالد تي ڪهڙو اثر ٿيندو!

ٿ! هاڻ وڃ! پنهنجي زال کي واپس وٺي آ! اهو ساڳو مان ڏينس! جيڪو ڏيندو آيو آهين! حسن : ا

ٿي ٿو ۽ ٻاهر نڪري وڃي ٿو )انٽرڪٽ( شيراز ا

سين ٽيونجاهون

منظر : ساڳيو حسن جي بنگلي جو شيراز ساجدهه جي ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿو کيس ايندو ڏسي رابعه خوش ٿئي ٿي

شيراز : هاڻ پڦوء جي طبيعت ڪيئن آهي! رابعه : بهتر آهي! دوائن مان فائدو اٿس! مس ننڊ آئي اٿس!

شيراز : ٺيڪ آ! پڦوء کي هاڻ مڪمل آرام ڪرڻ ڏي! جيئن ننڊ خراب نه ٿئيس! تون هلي مون وارو سوٽ ڪڍي ڏي ته هڪ ميٽنگ آ ٿي اچان.

رابعه : )مسڪرائي( اهو ته سامهون وارڊ روب ۾ پيو اٿو!

Page 20: لمحن جو پاڇو SCREEN PLAY n SINDHI (LAMHAN JA PACHA)

Writer : Abdul Razzaque Memon (All Rights of Screen Play are Reserved Under Copy Write Act) Contact: 0300 2895691 Page 20

شيراز : )هٿ کان پڪڙي( اها ته مونکي به خبر آ! هل پاڻ ڪڍي ڏي ۽ ڏس مئچنگ جي ڪهڙي ٽاء سٺي لڳندي! پڦو سڄاڳ ٿيندا ته پوء اچي وينداسون!

ٻئي مسڪرائين ٿا آهستي ساجدهه جي ڪمري جو دروازو بند ڪري ٻاهر نڪري اچن ٿا. )انٽرڪٽ( سين چونجاهون

منظر : ساڳيو حسن جي بنگلي جوٿي بيهن ٿا ۽ پوء

شيراز جي ڪمري ۾ اڃان محسن، حسن ۽ نغمانه ويٺل هئا رابعه ۽ شيراز کي اندر داخل ٿيندو ڏسي ا

ڪمري مان ٻاهر نڪري وڃن ٿا. )ڪٽ( سين پنجونجاهون

منظر : محسن جي بنگلي جي البي روحيل ۽ سلطانه پنهنجي گهر ۾ بالڪونيء ۾ ڪرسين تي ويٺا آهن انيق ڪنڌ هيٺ ۽ پريشان.

سلطانه : ٿورڙو انتظار ڪرڻو پوندو پٽ! اڃا هنن جا زخم تازا آهن! موقع ڏسي پاڻ پڻهين ڀاء سان ڳالهه ڪندو!روحيل : پر نڪاح ته منهنجو ۽ شمائله جو ٿيڻو هو! نه امي! الئبه ۽ انيق جو ٿي ويو! پوء به چاچا کي گهرجي ها! ته گڏ

اسانجونڪاح به ڪرائي ! اسانجي ته رخستي ڪري ڇڏي ها نه! سلطانه : انهين ۾ به اهلل جي ڪا رضا هوندي! تنهنجو بس رڳو نڪاح ٿوڙي پڙهابو! وڏي ڌام ڌوم سان شادي ٿيندي!

روحيل : فلحال ته رڪجي وئي نه! انيق دوستيء جي آڙ ۾ مونتي وار ڪيو آهي! ن ۾! هن کي خبر هئي تانيه انيق کي چاهي ٿي! شايد الئبه جي من ۾ ئي انيق

سلطانه : مونکي لڳي ٿو ته الئبه جو هٿ آهي ا

انيق الء کوٽ هئي، متان تنهنجي الء شمائله جي گهر ڪرڻ کان پوء آئون تانيه الء انيق جي گهر ڪيان ها! پڪ اٿم ته هن ئي اهو ڊرامو رچائي ڇڏيو هو ۽ ڪامياب ٿي وئي! ڪيڏي مرڪ هيس چهري تي!

روحيل : بلڪل لڳي ٿو! ڀال ڪنهن ڇوڪريء جي عزت تي ڪو هٿ وجهي اها خوشيء سان شادي ڪيئن ڪندي! گهٽ ۾ گهٽ احتجاج يا اعتراض ته ڪري ها!

تانيه تڪڙ ۽ پريشانيء ۾تيز تيز اچي ٿيٿو ! چون پيا ته انيق پنهنجو ڪوارٽر بند ڪري االئي ڪيڏانهن هليو ويو آهي!

تانيه : ممي ! ممي ! ڳالهه ٻڌي ا

روحيل : )چڙي( سڀئي رڳو انيق جي باري ۾ سوچو! اهو رولو وري ڪنهنجي تاڙ ۾ بازارون پيو ڪڇيندو هوندو! ڪيڏانهن ويندو!

تانيه : نه ادا نوڪر چون پيا ته سندس ڪوارٽر ٻن هفتن کان الڪ پيو آهي! ڪنهنکي به ٻڌائي ڪونه ويو آهي ته ڪيڏانهن پيو وڃي! سڀ پريشان آهن! )ڪٽ(

سين ڇاونجاهون

منظر : حسن جي بنگلو ) ساجدهه جو ڪمرو(ساجدهه بيڊ تي بيمار ڪينجهي پئي رابعه ۽ الئبه گڏ ويٺل مٿي ۽ پيرن ۾ زور پئي ڏيس. حسن نغمه، شيراز بيٺا آهن حسن ٻن ٽن جڳهين تي فون ڪي پڇي پيو، بيهوش نما ساجدهه جي ڪينجهڻ ۾ ، سائيڊ ٽيبل تي دوائون پکڙيون پيون آهن

ساجدهه : )ننڊ ۾( انيق! انيق! انيق! رابعه: شايد بخار مٿي تي چڙهي ويو اٿن! انڪري وڦلن پيون!

حسن : )ويجهو ٿي( ڳوليون پيا! ملي ويندو ساجدهه ڀيڻ! پريشان نه ٿي ! مڙد ماڻهون آ! ڪنهن دوست وٽ ٽڪيل هوندو!شيراز : )پيء کي( جيڪي به دوست هئس! اتان پڇا ڪرائي اٿئون! ڪنهن کي به ڪا خبر ڪانهين ڪيڏانهن ويو!

ڪيڏو غير ذميوار شخص آ! ڪنهن کي ٻڌائي به نه ويو!حسن : هتان نڪري ڪوارٽر ۾ ويو ته ڪنهن کيس روڪيو! يا ڪنهن کيس نهاري به ڏٺوآ! سار سنڀال لٿي! اڪيلو

اڪيلو پئي هليو! شيراز : بابا سائين دل به مڃي نه!

Page 21: لمحن جو پاڇو SCREEN PLAY n SINDHI (LAMHAN JA PACHA)

Writer : Abdul Razzaque Memon (All Rights of Screen Play are Reserved Under Copy Write Act) Contact: 0300 2895691 Page 21

حسن : جڏنهن مون ئي کيس الئبه سان نڪاح کان پوء معاف ڪري ڇڏيوته توهان ڪير هوندا آهيو کيس نظر انداز ڪندڙ! مان هاڻ انيق خالف ڪي به رمارڪس نٿو ٻڌڻ چاهيان!

ٿي ٿي ۽ سڀني ڏي نهاري ٿي. الئبه ۽ رابعه جي توجه، الئبه اڳتي وڌي کيس لڻ لڳن ٿيون ٽيڪ ڏئي ا

ساجدهه جون اکيون ک

پاڻي پياري ٿي . ساجدهه : )هيڏانهن هوڏانهن نهاري( انيق ! ڪونه آيو!

حسن : ڪنهن دوست وٽ گهمڻ ويو هوندو! ڪنٽيڪٽ نه پيو ٿئي! تون پريشان نه ٿي اچي ويندو!دوء چيو پئي ٻن هفتن کان ڪوارٽر بند پيو اٿس!

ساجدهه : )هٻڪندي( پريشان ڪيئن نه ٿيان ادا! ک

حسن : هتي به اڪيلو ٿي پيو! يونيورسٽين جي موڪل هيس! ڪنهن دوست وٽ ويو هوندو! ڪنٽيڪ ڪريون پيا! اچي ويندو! پريشان نه ٿي!

رابعه گوريون کڻي بيٺي آهي ، الئبه جي هٿ مان گالس وٺي کيس گوريون پياري ٿي )ڪٽ( سين ستونجاهون

منظر : ساڳيو حسن جو بنگلو )البي(مين گيٽ جو درواز فراز کولي ٻاهر پئي نڪتو ته سامهون انيق کي ڏسي حيرت ۽ خوشيء ۾ هو کيس عليڪ سليڪ

ڪرڻ کان سواء ئي تيزيء سان پوئين پير بنگلي ۾خبر ڪرڻ الء ويو، انيق اگنور ڪندو ٻئي پاسي اينيڪسي يا سروينٽ ڪوارٽر طرف پنهنجي ڪمري ڏانهن وڌيو،)انٽرڪٽ(

سين اٺونجاهون

منظر : ساڳيو حسن جو بنگلو )ڪوارٽر(ڪوارٽر۾ در تي ڪنڍو لڳل ۽ ڀڳل الڪ هو، هن دروازو کوليو ۽ اندر ڪمري ۾ ويو، سندس بيڊ تي هنڌ جي چادر

ٿي ٻاهر نڪتو. بيترتيب پيل هئي هن ڪنڌ مان ٿيلهو ڪڍيو ۽ پاسي تي رکي ڇڏيو ۽ ٻه گهڙيون بيڊ تي ويهي سوچي پوء ا

)انٽرڪٽ( سين اوڻهٺون

منظر : ساڳيو حسن جو بنگلو )ساجده جو ڪمرو(بنگلي طرف وڌڻ لڳو، ۽ ماء جي ڪمري ۾ پهتو، بيڊ خالي هو، سائيڊ ٽيبل تي دوائون ڦهليل هيون، پريشان ٿي ٻاهر

نڪتو.)انٽرڪٽ( سين سٺون

منظر : ساڳيو حسن جو بنگلو )ورانڊو( ورانڊي ۾ سامهون ئي الئبه فراز سان اچي رهي هئي ٻنهين جي اوچتي ٽڪراء تي الئبه وڦلي پئي

الئبه : )وڦلندي( آ ! آ! انيق ! آ! اد! )ادا چوندي رڪجي وڃي ٿي( انيق : )فراز سان پريشانيء ۾( امي ڪٿي آهن!

فراز بجاء الئبه جواب ڏي ٿي الئبه : آنٽيء جي طبيعت االهي خراب ٿي وئي! سڀ کيس هاسپٽل وٺي ويا آهن!

انيق : )کيس اگنور ڪري فراز کان( ڪهڙي اسپتال! شمائله به اچي پهتي ۽ انيق کي ڏسندي

شمائله : ادا انيق ڪيڏانهن غائب ٿي ويا هئو! سڀ پريشان ٿي ويا ۽ آنٽيء جي طبيعت به بگڙجي وئي! هي توهان به پنهنجو ڪهڙو حال بڻيو آهي! مجنونن وانگر!

انيق : مان ٺيڪ اهيان! امي کي ڪهڙي هاسپيٽل ۾ وٺي ويا آهن!شمائله : جناح اسپتال! فون ڪئي اٿن سڀ خير آهي! بس بخار تيز ٿي ويو هو! اسپتال مان هاڻ اچن پيا! اچو البي ۾ اچي ويهو

نه! )انٽرڪٽ(

Page 22: لمحن جو پاڇو SCREEN PLAY n SINDHI (LAMHAN JA PACHA)

Writer : Abdul Razzaque Memon (All Rights of Screen Play are Reserved Under Copy Write Act) Contact: 0300 2895691 Page 22

سين ايڪهٺون

منظر : ساڳيو حسن جو بنگلو ) البي(پريشان پريشان اچي سڀني سان گڏ البيء ۾ وهي ٿو ۽ الئبه شمائله جي آڙ وٺي ڪرسي رکي ويهي رهي ۽ هر هر جهاتي پائي کيس شرمسار ٿي گهوري رهي آهي ۽ پاڻ به حيرت ۽ سواليه نگاهن سان نظرن کي محسوس ڪندي کيس گهوري پيو! سڀ خاموش آهن ته تانيه به پنهنجي ڪاليج بيگ سان البي ۾ اچي ٿي، کيس سالم ڪري شمائله جي ڀر ۾ ويهي رهي ٿي۽

کيس حسرتن نظرن سان ڏسي ٿي انيق : )هٿ ۾ ڪتاب ڏسي( تنهنجي پڙهائي ڪيئن پئي هلي تانيه!

تانيه : صحيح پئي هلي! بس پيپر ٿيڻ وارا آهن! ٿوڙو ٿوڙو خوف به ٿئي ٿو! )الئبه طرف مڙي ڏسي( اڪيلي آهيان نه! )ر ڪي( الئبه ته يونيورسٽي ڇڏي ڏني! گڏ هجي ها ته ڪجهه مدد ملي پوي ها!

انيق شمائله جي پويان آڙ وٺي لڪندڙ الئبه ڏي حيرت سان ڏسي ٿو. بيڪ گرائونڊ ۾ ڪنهنجي ڳالهائڻ ۽ اچڻ جا مدحم آواز اچن ٿا.

ٿن ٿا )ڪٽ(ٿي( شايد اچي ويا آهن! سڀ ا

شمائله : )ا

سين ٻاهٺون

منظر : حسن جو بنگلو )گيٽ ( روحيل داخل ٿئي ٿو، ان جي پويان سڀئي ، حسن ۽ محسن ساجدهه کي ٻانهه کان وٺي بنگلي ۾ اندر اچن ٿا. )ڪٽ(

سين ٽيهٺون

منظر : حسن جو بنگلو )ساجده جو ڪمرو(ٿي کيس ڀاڪر ۾

ساجدهه کي پنهنجي بيڊ تي ليٽايو وڃي ٿو، انيق داخل ٿي ماء ڏي وڌي ٿو ساجدهه ا

محسن : بغير ٻڌائڻ جي ڪيڏانهن هلي ويو هئين! گهٽ ۾ گهٽ پوڙهي ماء جو ته خيال ڪرين ها! ڇا هاڻ کيس به ترسائي ترسائي مارڻ ٿو چاهين ڇا!

رابعه ميوٽ ۾ الئبه کي دوائن جو ٻڌائي انيق سان ملڻ کانسواء ئي شيراز سان ڪمري مان ٻاهر نڪري وڃي ٿي، آهستي آهستي ٻيا به هڪ هڪ ٿي نڪرن ٿا. ۽ آخر ۾ الئبه به نڪري وڃي ٿي. ساجدهه ۽ انيق جي اکين مان لڙڪ وهن پيا.

ساجدهه : )روئيندي( ساڍا چار مهنه! توکي ماء جي سڪ به ٿي!انيق : ڇا اهو ممڪن آهي امان! شيراز ڀرفان بنگلي ۾ داخل ٿيڻ جي پابنديء باوجود آئون توکي ڪمري ۾ اچي جهاتي پائي

ڏسندو هوس ۽ پنهنجون اکيون ٺاريندو هوس! تون ستل هوني هئين!ٿارين ته ها!

هي نه ٺرن ها! ا

ساجدهه : ائين ماء جون اکيون! ا

ٿاريان ها توکي! تون ته ناراض هئيئن! شيراز کي خبر پئي ها ته ڪوارٽر مان به ڪڍائي ڇڏي ها! پوء لڪي انيق : ڪيئن ا

لڪي ديدار ڪيئن ڪري سگهان ها! ساجدهه : اهو پهرئين به سوچين ها!

انيق : ڇا تنهنجي دل مڃين ٿي! ته مان اهو ڪوڌو ڪم ڪري سگهان ٿو! غلط فهمي آ! ساجدهه : ڀال الئبه جهڙي ڇوڪري! مونکي سڀ کان پيار ڪندڙ! ايڏو وڏو الزام ڪيئن هڻندي!

انيق : اها ته مونکي به حيرت آهي! پر هڪ ڏينهن سچ ضرور ظاهر ٿيندو! تون فقر نه ڪر! مونکي جاب ملي ويو آهي! مون تي رهنديئن!

پنهنجو فليٽ به وٺي ڇڏيو آهي. هاڻ تون مونسان گڏ هلي ا

ساجدهه مٿو چمي پيار ڪريس ٿي )ڪٽ( سين چوهٺون

منظر : حسن جو بنگلو )الئبه جو ڪمرو( الئبه پنهنجي بيڊ تي اونچي ليٽيل ۽ منهن بيڊ ۾ هڻي اوڇنگارون ڏئي روئي پئي! )ڪٽ(

سين پنجهٺون

Page 23: لمحن جو پاڇو SCREEN PLAY n SINDHI (LAMHAN JA PACHA)

Writer : Abdul Razzaque Memon (All Rights of Screen Play are Reserved Under Copy Write Act) Contact: 0300 2895691 Page 23

منظر : حسن جو بنگلو )ڊرائنگ روم( حسن اخبار جو مطالعو پيو ڪري سامهون انيق ۽ ساجدهه ويٺل

ساجدهه : ادا هاڻ منهنجي طبيعت به گهڻي بهتر ٿي رهي! انيق کي به نوڪري ملي وئي آهي! ڪمپنيء طرفان رهڻ الء فليٽ به مليو اٿس! اڪيلو آهي آئون چاهيان ٿي ته هاڻ ساڻس گڏ فليٽ ۾ وڃي رهان! پوء الئبه کي به رخستي ڪرائي

وٺي وينداسون!حسن : انيق پٽ! ڀلي! پر فلحال ساجدهه ڀيڻ اتي ئي هجي ته بهتر آهي! تازو ئي صحتياب ٿي آهي! ڪجهه وقت کيس آرام

ڪرڻ ڏي! تون اچجئين وڃجئين پيو! متان وري مهنن جا مهنا غائب ٿي وڃين!انيق : ماما ! اجازت ڏيو آ ته بهتر هو! مان به امان جي چڱي نموني خدمت ڪري کيس مڪمل صحتياب ڪندس! ۽

دعائون وٺان! حسن : مهنو ٻه مهنا ڇڏ! پوء ڏسون ٿا ڇا ٿو ڪري سگهجي ٿو! )ڪٽ( سين ڇاهٺون

منظر : حسن جو بنگلو )البي(عيد جو ڏينهن آ ! انيق سميعت حسن ۽ محسن جي پوري فيملي البيء ۾ عيد ملهائي خوشيء جو اظهار ڪن پيا، رابعه کي

ٿي ٿو! سڀ هڪ پٽ ٿي چڪو آ جيڪو سندس ڪڇ ۾ آهي، گوڙ گهمسان شور شرابي کائڻ پيئڻ کان پوء محسن ا

خاموش ٿي وڃن ٿا.ٿي( اهلل جي ڪرم سان ! بخاري فيمليء جون سڀ پريشانيون ختم ٿي ويون ۽ اسان هن کير کنڊ ماحول ۾ وري

محسن : )ا

واپس وريا آهيون. هن عيد جي موقعي تي ادا حسن توهان کي ڪا خوشخبري ٻڌائيندا! ٿي سڀ هڪ ٻئي کي ڏسي خاموش ٿي وڃن ٿا ۽ توجه ڏين ٿا حسن ا

حسن : پهرئين خوشي اها ته اسان روحيل ۽ شمائله جي شاديء جي تاريخ ٻڌي ڇڏي آهي. )خاموشي( تاڙيون وڄن ٿيون ۽ الئبه ۽ انيق جي چهري کان عالوهه سواء سڀني تي مرڪ ۽ مبارڪون ڏجن پيون!

حسن : ان سان گڏو گڏ ! جيئن ته انيق به هاڻ سيٽل ٿي ويو آهي! ساڳئي ڏينهن تي اسان الئبه ڌيء جي رخستيء جو اعالن ڪريون ٿا.

ٿي ٻاهي هلي وڃي ٿي ۽ پويان تانيه به نڪري تانيه ۽ سلطانه جي چهري تي مايوسي، انيق ۽ الئبه جا بي تاثرات چهرا، الئبه ا

وڃي ٿي.حسن : )ساجدهه کي ( ان کان پوء ساجدهه ڀيڻ! هاڻ تون آزاد آهين! جتي رهڻ چاهين! پنهنجي امانت الئبه کي وٺي وڃي

سگهين ٿي! )رابعه، ساجدهه، نغمانه، شيرازي، فراز جي چهرن تي خوشي( ڪٽ سين ستهٺون

منظر : حسن جو بنگلو )الئبه جو ڪمرو(الئبه ڊوڙندي اچي بيڊ تي ڪري ٿي ۽ پنهنجي بيڊ تي اونڌي ليٽي ۽ منهن بيڊ ۾ هڻي اوڇنگارون ڏئي روئي پئي! پويان تانيه به

ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿي تانيه : ڇا ٿيو! بجاء خوش ٿيڻ جي! اوڇنگارو ڏئي روئين پئي چري!

ٿندي( نه ! نه! تانيه! نه! مم! مم! مان! )ڪجهه چوندي رڪجي وڃي ٿي( الئبه ؛ )سڌي ٿي ا

تانيه : روئين ڇو پئي! جيڪو ٿيو! سڀئي وساري چڪا! هاڻ تون به وساري ڇڏ! هوئن به انيق توکي ئي پسند ڪندو هو! تهنجو نڪاح به ٿي چڪو آهي! مونکي يقين آهي ته هو توکي گهڻو خوش رکندو!

الئبه : ڪيئن وساري ڇڏيان !تانيه : تو ٺيڪ پئي چئيو الئبه! خود عورت کي به ڪڏنهن محبت ڪرڻ ۾ پهل نه ڪرڻ گهرجي! جي مان پنهنجي پسند جا اظهار ڪري وٺان ها ته نه صرف انيق جي! پر پنهنجي نظرن ۾ به ڪري پوان ها! پسند تو هو توکي ڪندو هو ۽ تو به ته

ڪڏنهن مونکي اهڙو اشارو ڪونه ڏنو هو! ته هو توکي !

Page 24: لمحن جو پاڇو SCREEN PLAY n SINDHI (LAMHAN JA PACHA)

Writer : Abdul Razzaque Memon (All Rights of Screen Play are Reserved Under Copy Write Act) Contact: 0300 2895691 Page 24

الئبه : خدا جو قسم تانيه! مونکي به خبر نه هئي ته هو ڪو مون ۾ دلچسپي رکي پيو! نغمانه ۽ سلطانه ٻئي ڪمري ۾ اچن ٿيون ته هو خاموش ٿي وڃن ٿيون! الئبه ڊوڙي وڃي نغمانه کي ڀاڪر پائيندي

الئبه : امي ! آئون ڪيڏانهن به ڪانه وينديس! مون کي توهان سان ئي رهڻو آهي! )نغمانه به روئي پئي ٿي(سلطانه : )نغمانه کي دڙڪا ڏيندي( تون به ٻارن وانگر ٻار! )الئبه کي سمجهائيندي( نياڻين کي هڪ نه هڪ ڏينهن مائٽن جو گهر ڇڏڻو پوندو آهي! پوء ته توسان ادي ساجده به هوندي! جنهن کي تون ننڍي هوندي کان ئي چنبڙي پئي هوندي آهين!انيق هتي رهڻ نٿو چاهي هو پنهنجي ماء کي وٺي وڃڻ تي گهڻو اسرار ٿو ڪري! بس ادا حسن ۽ چاچهين به اهو ضروري

سمجهيو ته تون به گڏ رخست ٿي وڃ. تانيه : اسان ته شمائله ڀاڀيء کي به پنهنجي گهر وٺي وينداسون! تون هتي اڪيلو ويهي مڇر مارينديئن ڇا!

سلطانه : ڇوري تون هاڻ ماٺ ڪر! )الئبه کي( امان !ڪهڙا گهر پري آهن! هڪ ڏي پيا ايندا وينداسون! .) ڪٽ( سين اٺهٺون

منظر : حسن جو بنگلو )بنگلي جو حسن بخاريء جي بنگلي ٻاهران ٻه شاديء جو ڪارون سجيون بيٺيون آهن، هڪ ڏکدائڪ الودائي ڳيچ تي گيٽ مان ٻه ڪنوارون شمائله ۽ الئبه نڪرن پيون جن سان گڏ گهوٽ! روحيل ۽ انيق آهن ۽ گهر جا ٻيا فرد آخر ۾ نڪري ٻاهر اچن ٿا

ڪوئانرن کي گاڏين ۾ ويهارڻ ۽ ماء پيء کي رخستي ڪندي روئڻهڪار ڏيکارجي ٿو. )ڪٽ( سين اوڻهترون

منظر : فليٽ )بيڊ روم( فليٽ ۾ ڊبل بيڊ تي ڪنوار الئبه خوف ۽ پريشانيء ۾ اڪيلي ويٺل، فليش بيڪ ۾ سندس سوچن ۾سفير جو ڀڄڻ ۽ انيق لي لڻ سان هو فليش بيڪ ۽ سوچن مان نڪري اچي ٿي. دروازو ک

جو اچڻ ۽ چماٽون هڻڻ نظر اچي ٿو. فليٽ جي دروازي ک

ٿو الئبه وڌيڪ سهمي وڃي ٿي. انيق اچي ٿو الئبه سان بيڊ تي ويهڻ بجاء پاسي ۾ رکيل صوفي تي ويهي ٿو ۽ گهرا سگريٽ جا ٿي ٿو ۽ الئبه گهٻرائجي وڃي ٿي ۽ ترڇين نظرن سان انيق کي ڏسي ٿي. هو ڀرسان رکيل سائيڊ ٽيبل تي

ڪش لڳائي پيو. انيق ا

پيل ايش ٽري ۾ سگريٽ کي مسلي ٿو. سوچ ۾ سگريٽ جي مسلڻ سان الئبه کي انيق جو لڳايل چماٽون مسلسل ڏسڻ ۾ لن جي هار کي الهي هن جي سامهون اچي ٿو. ٿڙي دير بهي کيس گهوري ڏسڻ

جهائڻ کان پوء انيق پاتل گ

اچن ٿيون. سگريٽ ا

لن جي پنکڙين کي هٿ سان هٽائي ويهي رهي ٿو. سامهون ويهي هڪ ڀرپور نظر سان الئبه کي ڏسي ٿو کان پوء بيڊ تي پيل گ

جيڪا سهمي هيٺ ڏسي رهي آهي ۽ سندس ساهه جي ڌمڪ زور زور سان ٻڌجي ٿي. انيس کيس تڪيندوکيسي مان ن مان سوني جو ڪنگڻ ڪڍي پنهنجو هٿ اڳيان ڪري

مخمل جو هڪ دٻو ڪڍي ٿو ۽ ا

انيق : هي منهنجي طرفان تو الء هڪ خوبصورت تحفو آ ! پنهنجو هٿ اڳيان ڪر ته توکي پارايان!الئبه پنهنجو بي جان هٿ اڳيان نه ڪري سگهي ۽ پوء هن الئبه جي هٿ کي آرام سان ڇڪي ڪنگڻ پارايو. الئبه جو هٿ

ڏڪي رهيو هو. انيق : تون گهڻي خوبصورت ته هئينء الئبه! پر اڄ هن روپ ۾ ته تو دنيا جي سڀني عورتن کي مات ڏئي ڇڏي! اڄ تون ڪنهن اپسرا جيان پئي لڳين! بلڪل ان پريء وانگر جيڪا اڄ پنهنجي چمڪ! پنهنجي مسڪراهٽ ۽ پنهنجي

معصوميت سميعت منهنجي هن غريب خاني تي لهي آئي آهي! هوء حيران ٿي انيق جي هٿن کي پنهنجي هٿ ۾ جڪڙيل ڏسي رهي هئي.

ميد اٿم ته منهنجي هن ننڍڙي ڀاڙي واري فليٽ ۾ توکي ڪا تڪليف نه رسندي! آئون تنهنجو هر طرح سان خيال انيق : ا رکندس!

الئبه جي اکين مان لڙڪ ڪرڻ لڳا ۽ وائيس اوور ۾ سوچن جو حساب ڪڏنهن ٿيندو!

وائيس اوور : ۽ منهنجي گهر ۾ جيڪا توکي تڪليف ملي! بيعزتي، بدنامي ۽ ذلت ملي! ا

انيق سندس لڙڪندڙ لڙڪن کي ڏسي سند هٿ ڇڏي ڏيڻ کان پوء انيق : تنهنجي طبيعت صحيح نه پئي لڳي! گهڻي ٿڪيل به پئي ڏسجين! تون ڀلي هاڻ آرام ڪري وٺ! مان اجهو ٿو موٽان!

Page 25: لمحن جو پاڇو SCREEN PLAY n SINDHI (LAMHAN JA PACHA)

Writer : Abdul Razzaque Memon (All Rights of Screen Play are Reserved Under Copy Write Act) Contact: 0300 2895691 Page 25

ٿي ڪمري مان ٻاهر نڪري وڃي ٿو. الئبه کيس ويندو ڏسي سوچن ۾ ٿي ٿو ۽ ا

انيق مسڪرائي ا

وائيس اوور : تون ائين ڇو پيو محسوس ڪرائين! ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي ڪونه هو! ڄڻ ته واقعي تنهنجي ئي غلطي هئي! مڙي هوء پوء وهاڻي تي مٿو رکي روئيندي رهي ۽ پوء کيس ننڊ اچي وئي! )ڪٽ(

سين ستهرون

منظر : فليٽ )ڊرائنگ روم( انيق ڪمري مان نڪري ڊرائنگ روم ۾ اچي جوتا الهي صوفي تي ساڳي ڊريس ۾ سمهين رهي ٿو. )ڪٽ(

سين ايڪهترون

منظر : فليٽ ) روم ۽ ڊرائنگ روم(ٿي پوء هوء ڀرسان واري ڊرائنگ روم ۾ جهاتي

ٿي ٿي، ا

ضبح جو الئبه ڪنوار واري ڊريس ۾، ڪڪڙ جي بانگ تي ننڊ مان ا

پائي ٿي، انيق صوفي تي گهري ننڊ ۾ ستل آهي. کيس ڏسي وائيس اوور ۾وائيس اوور : تنهائيء جي تو مونکي آخر اها سزا ته ڏئي ڇڏي! پاڻ مٿان ٿيندڙ! ڀال ايڏو ظلم اترو جلدي ته ڀالئي نٿو سگهجي! هي بناوٽي خول! هڪ ڏينهن لهي ويندو! ۽ پوء تون مونکان ڪيل زيادتين جو بدلو ضرو وٺندي! ڪاش! ان ڏينهن ڏسڻ کان پهرئين مونکي موت اچي! مان تنهنجي ڏوهارڻ آهيان انيق! تنهائيء ۾ رکڻ کان بهتر هو ته تون مونکان پنهنجي ذلت جو بدلو

وٺين ها! هي بناوٽي محبت! هيء دوري! ان طرح ته مان پنهنجي ئي لڳايل عدالت ۾ ڦاهي چڙهي وينديس! روئيندي روئيندي هوء پنهنجي ڪمري جي باٿ روم ۾ هلي وڃي ٿي. )ڪٽ(

سين ٻاهترون

منظر : فليٽ ) ڊائنگ ٽيبل(ٿي بريف ڪيس کڻي

فليٽ جي ڊائنگ ٽيبل ناشتي تي انيق، الئبه ۽ ساجدهه، انيق ا

انيق : چڱو ممي مان ڊيوٽيء تي هالن ٿو! الئبه امي جو خيال رکجانء. )نڪري وڃي ٿو(الئبه : پڦو! شاديء کي ٻه مهنا اچي ٿيا آهن! آئون محسوس پئي ڪريان ته توهان اڃا انيق کي جهڙوڪ معاف ئي ناهي

ڪيو ! نه کيس ڏسو ۽ نه ئي سندس ڪنهن ڳالهه کي توجه ۽ وزن. ۽ مقابلي ۾ رڳو مون تي گهڻي مهرباني اٿو . اها زيادتي ڪانهين!

ساجدهه : )پيار ڪندي( انيق هاڻ تنهنجي جوابداري آهي! ۽ تون منهنجي! )ڪٽ( سين ٽيهترون

منظر : حسن جو بنگلو ) البي(ٿي ٿي

حسن جي بنگلي ۾ پوري فيملي سواء انيق ۽ ساجده جي گوڙ گهمسان کان پوء الئبه ا

الئبه : چڱو امي! پاپا ! مان هاڻ هالن ٿي پنهنجي گهر! شيراز : بس ايترو جلدي! ڪلڪ مس ويٺي آهين!

الئبه : توهان ته ڇهن مهنن ۾ منهنجي گهر هڪ ڀيرو به ڪونه آيا آهيو ادا! شيراز: ايندس ! ايندس! بزنيس جو مصروفتون هلڪيون ٿين! اڇا مان دوستن ڏي وڃان ٿو! هل توکي به رستي ۾گهر ڊراپ

ڪري ڇڏيان! الئبه : مان ٽيڪسي ۾ هلي وينديس!

شيراز : ٽيڪسي ڇو! جڏنهن ان رستي ڏانهن ته وڃان پيو! حسن : ڀاء چئي ٿو ته هلي وڃ نه! ڪٿي ٽيڪسيون پئي ڳولهينديئنء!

ٿي سڀني ٿي ۽ پوء شيراز سان گڏ ٻاهر نڪري وڃي ٿي. )ڪٽ( ا

سين چوهترون

منظر : فليٽ ) ڪچن( الئبه ڪچن ۾ ٿانو پئي ڌوئي، انيق جو آواز ٻڌي ٿي جيڪو امي امي سڏ ڪندو ۽ پوء ڪچن ۾ اچي ٿو.

Page 26: لمحن جو پاڇو SCREEN PLAY n SINDHI (LAMHAN JA PACHA)

Writer : Abdul Razzaque Memon (All Rights of Screen Play are Reserved Under Copy Write Act) Contact: 0300 2895691 Page 26

۽ ڪچن در تي ئي الئبه کي ڏسي منجمند ٿي بهي رهي ٿو. انيق : امي ڪٿي ويا آهن!

الئبه : پڦو رابعه ڀاڀيء سان ملڻ اسانجي گهر ويا آهن! ڪو ڪم آ ته مونکي چئو! انيق : ها ! چانهه جا ٽي ڪوپ گهرجن! منهنجا دوست آهن! ڊرائنگ روم ۾! پليز ٿوڙو جلدي ڪجو! )هلي وڃي ٿو(

الئبه چانهه ٺاهڻ ۾ ۽ ٽري ۾ سجائڻ ۾، انيق وري چانهه کڻڻ اچي ٿو. انيق جي پويان هڪ ڇوڪري به اچي ٿي، الئبه کي ڏسي حيران ٿي پڇي ٿي.

ڇوڪري : هي! هيء ڪير آهي مسٽر انيق! انيق : دس از ماء وائيف الئبه!

ڇوڪري : واٽ ! وائيف! پر تو ڪڏنهن ڳالهه به ڪانه ڪئي! ۽ شادي به ڪري ڇڏيئي! )کلي( لڪيل رستم نڪتين! ل! واٽ اي بيوٽيف

پويان هڪ هيڊ سم ڇوڪرو به اچي بهي ٿو ڇوڪري : )الئبه کي( هاء! )اڳيان وڌي هٿ مالئي ٿي.

ڇوڪرو : ريئلي! انيقس وائيف!انيق ميوٽ ۾ دوست سان ڳالهين ۾ لڳي ويو ۽ الئبه معني خيز انداز ۾ انيق کي ڏسندي رهي! ۽ پوء ڇوڪري ۽ الئبه به

ميوٽ ۾ ڳالهائڻ کان پوء ڇوڪري : ٿرڊ ايئر ۽ اهو به اڌورو! اڳيان ڇو نه پڙهيا!

انيق ٻڌي الئبه تي نظر وجهي مسڪرائي ٿو ۽ وچ ۾ مداخلت ڪري ٿوانيق ؛ هن کي شروع کان ئي پڙهائيء ۾ ٻرو لڳندو هو! اهلل اهلل ڪري ٿرڊ ايئر ۾ پهتي ۽ پوء جو شادي ٿي ته پڙهائي به ختم

ٿي! تان هي الوداع ٿي وڃن ٿا. )ڪٽ(

تي ئي ختم ڪن ٿا ۽ ا

ٻئي پنهنجا چانهه جا ڪوپ پي ا

سين پنجهترون

منظر : فليٽ ) بيڊ روم( پنهنجي ڪمري ۾ صوفي تي ويٺل الئبه وري سوچن ۾

وائيس اوور : ڪهڙا ڪهڙا نه خواب هئا منهنجا! ماسٽرس ڪرڻ جي خواهش! پڙهي ڪجهه بڻجڻ جي خواهش! سڀ ڪجهه هن اڌوري شاديء وانگر اڌورو رهجي ويو!

م هئي، سگريٽ سلگائي انيق الئبه کي سوچ ۾ رهندي غور سان انيق ڪمري ۾ داخل ٿي چڪو هو پر هوء سوچن ۾ گ

تڪيندو رهيو ۽ پوء کيس هي جملو چئي سوچن کان ٻاهر ڪڍي آيو انيق ؛ ايتري مايوس ڇو آهين ! وري ايڊميشن وٺي تعليم مڪمل ڪر! مان تنهنجي مدد ڪندس!

الئبه : )روئيندي( تون ڇو نٿو سمجهڻ چاهين انيق! هاڻ مونکي نه پڙهائيء جي ضرورت آهي! نه ڪنهنجي محبت جي! ۽ نه ئي ڪنهن رشتي جي! )انيق حيران ٿي رئندڙ الئبه کي ڏسي پيو( بس! مونکي وڌيڪ نه ستاء! هاڻ سزا ٻڌاء ڇڏ! پاڻ مٿان ٿيندڙ هر ظلم جو بدلو وٺ مونکان! جيترو توکي پپا! ادا شيراز! باقي ٻين ماريو هو! تون به مونکي ايتري مار ڏي! مونکي گهٽ وڌ ڳالهاء! گاريون ڏي! جيترو تون بيعزت ٿيو آهين! مونکي به ايترو بيعزت ڪر! مان ! مان! هاڻ هن بوجهه سان جي نٿي سگهان! ڏوهي ٿي ڪري به سڀني جو پيار پئي وٺان! ۽ تون بيقصور ٿي ڪري به ذلت پيو برداشت ڪرين! نه ڪر مونسان محبت! نه جتاء همدرديون! مان ان قابل ئي ناهيان! پاڻ تي ٿيل هر زيادتيء جي سزا ٻڌائي ڇڏ اڄ! ته سزا پائي مان سڪون سان ٻه پل سمهين

سگهان! خدا جي وسطي مونکي هن بوجهه کان آزادي ڏيار! صوفي ته مٿو رکي هچڪيون ڀري روئڻ لڳي ٿي انيق : لڳي ٿو تنهجي طبيعت صحيح ڪانهين!

ٿي( ڇا ٿيو آ مننهنجي طبيعت کي! ٺيڪ آهيان ته! مونکي ته تو ٺيڪ نه پيو لڳين! ڏس مون طرف! الئبه : )رڙ ڪندي ا

Page 27: لمحن جو پاڇو SCREEN PLAY n SINDHI (LAMHAN JA PACHA)

Writer : Abdul Razzaque Memon (All Rights of Screen Play are Reserved Under Copy Write Act) Contact: 0300 2895691 Page 27

ن ڏينهن منهنجي ڪمري ۾ هو! ڇو نٿو هو ڇوڪرو! جيڪو ا

)سندس ٻانهه پڪڙي( تون پڃين ڇو نٿا مونکان! ڪير هو! ا

پڇين! ته مون پاڻ کي بدناميء کان بچائڻ الء توکي استعمال ڪيو! توکي سڀني جي سامهون ذليل ۽ خوار ڪيو! )روئي ۽ و ن مهنن جي هر ڏينهن جو آغاز!

ون مهنن کان هن اذيت ۽ ڪرب ۾ پاڻ کي جالئي رهي آهيان! هنن ن

ٻاڏائي( اڙي ! مان ته ن

مونکي شرمندو ڪندو وتي! ۽ هاڻ ! )رڪي( هاڻ مون ۾ شرمندهه رهڻ جي وڌيڪ سڪت ئي ڪانهين! پليز! پليز انيق!انيق : )ڪٽي( ڇو ٿي ڇاهين ته توکان اهو سڀ ڪجهه پڇان! ۽ ! ۽ ! مان ڇو پڇان ! جڏنهن ته سڀ خبر اٿم! هو ڪير هو! ڪيئن آيو هو! ڇو آيو هو! اهو به! سر شيء جي خبر آهي مونکي ته تو پاڻ کي ٻين جي نظرن ۾ ڪيرائڻ کان بچائڻ الء

مجبورن منهنجو انتخاب ڪيو هو! سڄيئيشن ئي اهڙي هئي! شايد جي تنهنجي جڳهه تي ٻيو ڪو هجي ها! ته اهو به ائين ئي ڪري ها! ڇو جو پاڻ کي خوار ڪرائڻ آسان ناهي هوندو! اهو سڀ تو ڪيو! جيڪو تون ڪري پئي سگهيئن! مان! انيق

هو مان به ڪريان ڇو جو مان! مان آهيان! توکي احساس فاروق! ايڏو سخت دل! ڪٺور ناهيان ته جيڪو ڪجهه تو ڪيو ا

ٿيو پنهنجي غلطيء تي! شرمسار پئي ٿين! بس! منهنجي الء اهوئي ڪافي آهي! سمجهان ٿو! جي منهنجي جڳهه تي ڪو ٻيو هجي ها! ته ضرور توکان انهن ٿڦڙن، لتن ۽ مڪن سان ان جو حساب وٺي ها! پوء توکي تنهنجي ئي گهر وارن جي اڳيان وٺي وڃي ذليل ڪري ها! ليڪن مان ائين نٿو ڪري سگهان! چاهيان يا نه چاهيان! ڇو جو آئون توسان پيار ڪريان ٿو الئبه حسن! تمام گهڻو! تڏنهن کان جڏنهن کان تنهنجي گهر ۾ اچي رهيو هوس! پر تو! مونتي آڱر کڻڻ وقت ڪو خيال نه ڪيو! ن وقت رت جا ڳوڙها نه ڳاڙي سگهيو! پر منهنجي دل اڃا به روئي ٿي! اهو ڏک! اڄ به منهنجي اندر ۾ پئدا ٿي!

تنهنجو دل ا

اڪيالئيء ۾ منهنجي اکين مان لڙڪن جي صورت وهي ٿو! تون اهو سمجهي نه سگهنديئنء الئبه حسن! ڇو جو تو محبت ئي ڪانه ڪئي آ! )نهاري مسلسل پشيماني رحم سان ڏسييس پئي( پر هاڻ! هاڻ تون ئي ٻڌاء ! مان ڪيئن توتي ڪو حرف نه آڻڻ ڏيان! جيڪو ڪجهه مون سٺو آهي تنهائيء ۾! توکي ڪيئن سهڻ ڏيان اهو سڀ ! نه ! نه! مان هرگز نه

چاهيندس ته تون به مون وانگر سڀني جي سامهون ذليل ۽ خوار ٿين! پنهنجي محبت کي ائين رلندي مان ڏسي نه سگهندس! بوت سان سڀني جي سامهون ڪري پئي

اڳيان وڌي ! غلط بيانيء تي توکي موچڙا به ڏئي پئي سگهيس! سفير کي کنڀي آڻي! ث

گلي ويهي ها! هر سگهيس! هن بيهودهه ! آوارهه ! راشي رٽائرڊ ايس پيء جي پٽ کي ٻه ٿڦڙ وهائي ڪڍان ها! ته سڀ ڪجهه ا

لفظ سچ ڳالهائي ها! تنهنجي ساهڙيء سان ساڻس ملڻ جو ذڪر ڪري وجهي ها! تڏنهن تون ڇا ڪري سگهين ها! شايد ذلت جي احساس تحت ! پاڻ ڦاهي کائين ها الئبه حسن! پر مان ائين نه ڪري سگهيس! مان ائين ڪري ئي نٿي سگهيس! تو الء الئبه مون هر ٿڦڙ، هر خراب لفظ! هر ذلت! برداشت ڪئي! ايستائن جو محبت جي توهين تائين ! مون سڀ ڪجهه توالء ئي ڪيو! توکي ائين حاصل ڪرڻ جو ته مان تصور ئي نه پئي ڪري سگهيس! پر حاصل ڪري به چپ رهيس ! ته شايد اهلل منهنجي دعائن کي ائين ئي قبول ڪري! مون پنهنجي ماء ۽ ڀيڻ جي ناراضگي به قبول ڪري ورتي! ڇا مان نٿو روئي

ذريل ڏينهن ۾ تنها رهڻ تي! مون ته جان فدا ڪرڻ واري ڀيڻ مون کان منهن موڙي ويٺي آ! ان سگهان! مان تڙپان نٿو! انهن گ

کان پوء هن ڪڏنهن به ادا ڪري مونکي نه پڪاريو آ ! منهنجي امڙ جيڪا مون تي جان وار ڪندي هئي! تڏنهن کان پيار سان مونکي پنهنجي گلي سان نه لڳايو آ ! سڌي منهن سان ڳالهه به نه پئي ڪري ! هو مونکي پٽ نه پئي چئي! ڇا مان اها

نون مهنن جي دوري نه پيو برداشت ڪريان! مان به روئيندو آهيان ! پوء تون ڇو نه !الئبه : ها ! مان پوء به رئنديس! ڇو جو اهو سڀ نٿي ڏسي سگهان! رابعه ڀاڀيء جو توکان پري رهڻ ! ساجدهه پڦوء جي توسان ناراضگي ! ادا شيراز جو توتي بار بات لعن طعن ڪرڻ ! پپا ۽ م حن انڪل جون توتي چبهجندڙ نظرون ! ٻين جون ڪڙيون

ڪڙيون ڳالهيون ! مان اهي سڀ نٿي ڏسي سگهان ! جڏنهن ته تون !ٻاهر ساجدهه جي ڪنهن سان ڳالهائڻ جو اواز ٻڌي هوء خوف مان ڳالهه ختم ڪري واش روم ۾ هلي وڃي ٿي ۽ انيق

ڪمري کان ٻاهر نڪري وڃي ٿو. سين ڇاهترون

منظر : فليٽ ) ڊرائنگ روم( واش بيسن ۾ منهن ڌوئي گيٽ تي ڏسي ٿي ته ساجدهه پڦو پاڙي واري عورت سان ڳالهيون پئي ڪري.

الئبه : )منهني پاڻ سان( شڪر! مون سمجهيو ته پڦوء اسانکي ٻڌي ورتو آ! )پاڻ به گيٽ تي وڃي ٿي. )ڪٽ(

Page 28: لمحن جو پاڇو SCREEN PLAY n SINDHI (LAMHAN JA PACHA)

Writer : Abdul Razzaque Memon (All Rights of Screen Play are Reserved Under Copy Write Act) Contact: 0300 2895691 Page 28

سين ستهترون

منظر : فليٽ ) بيڊ روم(پنهنجي بيڊ تي ليٽيل هئي انيق به گهر ۾ آ ! صوفي تي اخبار پيو پڙهي ڪچن مان ٿانو ٺڙڪڻ جو آواز، ٻنهين جا ڪن

کڙڪن ٿا. هوء ڪمري مان نڪري ڪچن ۾ وڃي ٿي. )ڪٽ( سين اٺهترون

منظر : فليٽ ) ڪچن( ڪچن ۾ ساجدهه ڪجهه پچائي پئي ڏسي

الئبه : اڙي پڦو توهان ڪچن ۾ ! ڪجهه کپي ها ته مونکي سڏيو ها!ساجدهه : اڄ آچر جي ڪري انيق به گهر ۾ آ ! مون سوچيو توهان آرام ڪريو! توهان الء برياني رڌي وٺان ! انيق کي منهنجي

رڌل برياني ڏاڍي وڻندي آ ! انيق به پويان اچي بيٺو آ ! اخبار هٿ ۾ ڪن ڏئي ٻوڌي ٿو هو پنهنجي خيال ۽ ڳالهين ۾

انيق : )سوچي ( واهه ! زبردست ! اڄ وري مهنن کان پوء امان هٿ جي ٺهيل برياني کائيندس! اڳتي وڌي ڪچن ۾ اندر وڃي ٿو

انيق : )ماء سان( واهه امي اڄ مهنجي پسنديدهه برياني !ساجدهه جواب نٿي ڏي ٽاري وڃي ٿي، انيس اڳتي وڌي ديڳڙيء جي خوشبو سونگهي ٿو، پوء ڪچن مان ٻاهر وڃڻ لڳي ٿو ته

پويان ماء جا لفظ ٻڌڻ ۾ اچنس ٿاا.ساجدهه : )الئبه کي پيار ڪندي( ها ! اڄ منجي پٽ جي پسند جي ڊش ٺهندي ! الئبه هيئن ڪر ! تون فرج مان ڪچن

ڪڍي صاف ڪر ڏي !انيق ويندي ويندي حيران ۽ مسڪرائي ٿو واپس مڙي اچي پيو ته الئبه ۽ ساجدهه برياني ٺاهڻ ۾ ۽ ڪڪڙ صاف ڪرڻ ۾،

پا ڏيندو ڪمري ۾ اچي ٿو. )ڪٽ( گهڻو خوش نچندو ۽ ٽ

سين اوڻاسيهون

منظر : فليٽ ) ٽي وي الئونج(ٽي وي الئونج ۾ رموٽ سان چينل بدالئي ڏسي پيو، هڪ صوفي تي الئبه به ويٺي ڪا مئگزين ڏسي انيق جو ڌيان ٽي وي

طرف.پل( تون به هلي وڃين ها امي سان گڏ! خوامخواهه هتي بور پئي ٿين!

انيق : )نظرون ٽي ويء تي ک

الئبه : نه ! منهنجي دل نه پئي چاهيو ! )مئگزين تان منهن هٽائي( پر منهجي خيال ۾ توکي وڃڻ کپي ها! تنهنجي نه وڃڻ تي مونکي سڀني جون ڳالهيون ٻڌڻيون ٿيون پون!

ڪري ا

انيق : ) هڪدم پريشان ٿي کيس ڏسي( ڇا مڀلب ! ڇا توکي ڪنهن ڪجهه چيو آهي ! الئبه : ڪو هڪ نه ! پر سڀئي چوندا رهندا آهن ! تڏنهن ته مهنجي دل وڃڻ تي راضي نٿي ٿئي!

انيق : ڏس الئبه ! مهنجيابندي ڪانهين ! ڪٿي به اچڻ وڃڻ تي اعتراض ڪونهين ! پر تنهنجي گهر ۾ جيڪو منهنجي ڀيڻ رابعه سان سلوڪ ڪجي ٿو اهو ان ڪري آ جو تون اوڏانهن نٿي وڃين ۽ بدلي ۾ هو رابعه کي به هت گهٽ تا ڇڏين! تي هفتي هفتي چڪر لڳائي ايندو آهيان ! امي به ڏينهن ٻن ککان پوء

ٽي ويندو ! جڏنهن مان ا

ائين ته منهنجي ڀيڻ جو گهر ٽ

ويندي رهندي آهي ! توکي به مائٽن ۾ وڃي رهڻ گهرجي! نه ويندئين ته هو شق ڪندا ته توکي آئون ٿو روڪيان! جي توکي احساس جرم ٿو روڪي ته منهنجي خاطر ئي ٿي ايندي ڪر! رات ٽڪندي ڪر! رابعه ڀيڻ جو ئي خيال ڪر جيڪا

مونکي ۽ اميءکي بيحد عزيز آهي.الئبه : ان ڪري نه ٿي وڃان ته! تو وانگر مونکي به سزا ملي! مان اها مائٽن کان دوريء جي سزا ڪاٽي مطمئن ٿي ويندي

آهيان! پر )ويجهو اچي سندس گوڏن تي مٿو رکي روئي( ايترو ڪجهه به نٿو ٿئي جيترو توسان ٿيو آ!

Page 29: لمحن جو پاڇو SCREEN PLAY n SINDHI (LAMHAN JA PACHA)

Writer : Abdul Razzaque Memon (All Rights of Screen Play are Reserved Under Copy Write Act) Contact: 0300 2895691 Page 29

انيق: منهنجي جهلڻ کان پوء به تون ائين پئي ڪرين ! آئون به چوان ته وڃان ٿو ته سڀ مونکي ڏسي خاموش ڇو ٿي ويندا آهن ڳالهين ڪرڻ ۾ پروٽوڪول کان ڇو ڪم وٺندا آهن !

الئبه : خاص طرح ادا شيراز! )انيق سوچي مسڪرائي ٿو(ذريل وقت مون الء موت کان گهٽ ڪونه هو الئبه

انيق : منهجي وڃڻ سان امي جي خوشي به ته لڪيل ڪانهين! اهو گ

حسن ! جي توسان ٿئي ها ته شايد تون تنهائيء ، ڏک ۽ خوف ۾ ئي مري پئين ها ! )ساه کڻندي( ها پر شايد توسان ائين نه ٿئي ها ! ڇو جو تنهنجي مٿي تي پيء جو پاڇو موجود آهي جيڪو توکي اهڙين مصيبتن ککان بچائي وٺي ٿو! پر مان يتيم ! ڏاڏاڻن ما ڌڪا ڏئي نڪتل ! ناناڻن ۾ رحم کائي رکيل ! هڪ بيواهه ۽ ڪمزور ماء جو پٽ آهيان ! ان ڪري جنهنجي من ۾ جيڪو آيو چوندو ويو ! نه ڪير روڪڻ وارو هو! نه ڪير طرفداري ڪرڻ وارو هو! تون ڪلهه به ته گهر وئي هئينء !

تي وڃي اها سڀ توکي پهرئين وانگر پيار سان مليا هوندا! خوشيء سان گلي لڳايو هوندائون ! حالنڪه مونکي خبر آهي ته تو ا

سموري حقيقت ڪري ٻڌائي آهي ! پوء به هنن توسان ڪو غلط سلوڪ نه رکيو ۽ سڀني تنهنجي ان غلطيء کي معاف به ڪري ڇڏيو ! هڪ ناداني ۽ ٻاراڻي غلطي سمجهي معاف ڪري ڇڏيائون توکي ! )ڦڪي مسڪراهٽ سان( ٽهڪ ڏئي کي

ٿو ۽ الئبه شرمسار پئي ٿئي.الئبه : راز کوليم ته منهنجي مٿي جو وزن ته هلڪو ٿيو نه! هاڻ ته توسان ڪو بدتميزيء سان پيش نه ايندو نه ! سڀئي عزت

۽ احترام سان ڳالهائيندا تنهنجي مون الء ڏنل هن قربانيء تي! انيق : تو اهو سڀ ڪجهه پهرئين ڏينهن ڇو نه سوچيو الئبه حسن !

الئبه : ڀل ٿي وئي هئي مونکان ! غلطي هئي منهنجي ! )هٿ ٻڌي( جي سڀني ان ڀل ۽ غلطيء تي مونکي معاف ڪري ڇڏيو آهي ته تون نه ڪري ڇڏ انيق ! ڇا تون پنهنجي زندگيء ۾ انهن ڪڙين حقيقتن کي وساري نٿو سگهين !

انيق : )کيس ڀاڪر پائي پيار ڪندي( هڪ شرط تي ! تون پهرئين وانگر چنچلي ! کلندڙ مهڪندڙ ! شرارتون ڪندڙ جي ٿي وڃين ته ! ) مسڪرائي ها ڪري ٿي. )ڪٽ(

سين اسيهون )آخري(

منظر : حسن جو بنگلو )الن يا البي(حسن بخاريء جي گهر ۾ وري ساڳيو چهچٽو، فراز جي سالگرهه آهي ڪيڪ ڪٽجي وڃي ٿو، سب خوش آهن ساڳيون

ن ما هار ڪڌي سڀني جي اڳيان ٿي الئبه جي پويان هڪ گفٽ باڪس کولي ا

رونقون موٽي آيون آهن. الئبه بي خبر، انيق ا

الئبه کي پارائي ٿو. سڀني جون خوشيء ۾ تاڙيون. الئبه خوش ! ۽ سڀني جي سامهون هڪ اوچتو مشڪل سوال ٿي ڪريالئبه : )سيريس ٿي( ڀال تو سفير سان ڇا ڪيو انيق ! نه پاڙي۾ سائلنسر الٿل موٽي سائيڪل جي گهڙگهڙاهٽ! نه ڀتين تي

پندڙ ڪو اسپائيڊر مين! ٽ

سڀئي ٻڌن ٿا ۽ هڪدم هن بيهودگي سوال تي خاموش ڄڻ ڪونانگ سونگهي ويو اٿن!انيق : )سڀني تي نظر وجهي( ٻئي ڏينهن موصوف پنهنجي ٽنگ جو فريڪچر ٺيڪ ڪرائڻ ال اسپتان ۾ ايڊمٽ ٿي ويو ۽ ٻڌڻ

۾ اچي ٿو ته هي پاڙو ڇڏي ڪئناڊا ڀڄي ويا آهن. سڀني جا ٽهڪڙا . ) ۽ سين فريز(

پ ڄاڻيWriter : Engr. Abdul Razzaque Memon

Cell : 0300 – 2895691 & 0315 – 2075056

E-Mail : [email protected] : http://www.facebook.com/sindhi.media

http://www.facebook/sollywood.sindhimedia